اسپيشل ايڊيشن

سنڌ جي ٻهراڙي جي تعليم، استاد ۽ وڏيرو

حيدري چانڊيو


                آئون هڪ پرائمري استاد جي حيثيت سان ضلعي سانگهڙ، نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز جي مختلف پرائمري اسڪولن ۾ رهيو آهيان ۽ ننڍن وڏن جاگيردارن ڀوتارن ۽ رئيس وڏيرن جا اڻ پڙهيل غريب پورهيت هارين تي سندن ڏاڍ، ڏمر ۽ ظلم ستم جو ويجهو مشاهدو ڪري ڏٺو آهي،  چوندا آهن ته ”الڪاسب حبيب الله“ ان الله جي دوستن سان وڏيرن جا ظلم، انسان دوست، روشن خيال ۽ سجاڳ ذهن ماڻهن لاءِ جسم کان روح تائين سخت پيڙا وارو منظر هوندو آهي، جنهن سان شايد شيطان جو به شرم کان ڪنڌ جهڪيل نظر ايندو هوندو، پر رئيس وڏيرن کي انهن اڌ اگهاڙن پيٽ بکن تي ڏاڍ ڪرڻ ۾ مون ذري برابر به ڪو پڇتاءُ  يا شرمندگي ڪا نه ڏٺي. سنڌ جي ٻهراڙي غريب پورهيت ماڻهن جو لڳاتار صدين کان وٺي وڏيرا شاهي جي ظالمانه نظام هيٺ رهڻ جي ڪري سندن زندگي بي نظام بڻجي اهڙي ته ڊانوانڊول ٿي وئي جو دنيا جي ٻي ڪا به شيءَ اهڙي بري طرح ناهي بگڙي، اهڙي بگڙيل زندگي جي سڌارڻ سنوارڻ لاءِ سٺي تعليم جو هجڻ تمام ضروري آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي جاگيردارن، ڀوتارن ۽ رئيس وڏيرن کي سنڌ جي ٻهراڙين جي هارين نارين جو تعليم جي زيور سان سينگارجڻ سنوارجڻ پسند ئي ڪونهي، هو انهن جي هٿن ۾ قلم ۽ڪتاب ڏسڻ بجاءِ پن جو پيالو يا ڪلاشنڪوف ڏسڻ چاهين ٿا ۽ ان سازش تحت ئي ٻهراڙي جي غريبن جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيندا رهيا آهن، قديم وڏيري کان وٺي جديد وڏيري تائين سندن اهو عمل جاري آهي، شايد وڏيرا شاهي طبقو ٻهراڙي ۾ تعليم جي سڌاري کي پاڻ لاءِ ذاتي ۽ طبقاتي موت ٿو سمجهي، انهي ڪري ئي اهي نسل در نسل ٻهراڙي جي تعليم ۾ رنڊڪ بڻيل آهن، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سيد ڪائنات، فطر موجودات، محسن انسانيت حضور پر نور جو فرمان آهي ته ” تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريو پوءِ ڇو نه اوهان کي چين وڃڻو پوي“! سنڌ جي ٻهراڙي جي غريب ماڻهن جو علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر کين پنهنجي سنڌ ڌرتي تي به علم حاصل ڪرڻ به مشڪل ڳالهه ٿي  پئي آهي، ڇو ته سنڌ جي قوم جا دشمن رئيس وڏيرا چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته سندن ظالمانه، جاهلانه ۽ ستمي تاج تيستائين قائم آهي. جيستائين سنڌ جي ٻهراڙي جا غريب مارو ماڻهو جهل جي اوندهه ۽ بي علمي جي اوڙاهه ۾ ڪريل آهن، ڇاڪاڻ ته علم جدائي نورن مان هڪ نور آهي، جهڙي طرح خدا تعاليٰ روشني ۽ گرمي ڏئي زندگي جو بنياد بنايو آهي، اهڙي طرح علم کي وري ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت تان پردي کڻڻ ۽ دل دماغ ۾ روشني (سجاڳي) پيدا ڪرڻ جو ذريعو بنايو آهي، جنهن سان دل دماغ مان غفلت، جهالت جا ڪارا ڪڪر هٽائي، بيداري جو سچ ڏيکاريندو آهي ۽ ظلم جي زهر لاءِ ترياق جو ڪم ڏيندو آهي، جهڪيل گردن ۽ ڪريل ڪنڌن اوچي ڳاٽ ڪندو آهي، جڏهن ائين آهي ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌي قوم جا وڏا دشمن جاگيردار، ڀوتار ۽ رئيس وڏيرا ڪيئن چاهيندا ته سنڌ جي غريبن ۽ بيوس ماڻهن ۾ علم جي روشني اچي ۽ هو سجاڳ ٿين هر گز نه خوشامدڙيا ۽ دلال قسم جا ماڻهو ڀلي سندن شان ۾ قصيدا چئي کين غريب مارو، ماڻهن جو هڏو ڏوکي ثابت ڪرڻ لاءِ دهل ڳچي ۾ وجهي ڊينگ ڊينگان ڪندا وتن پر اهو سچ ثابت نٿا ڪري سگهن ته ڪو  سنڌ جو جاگيردار، ڀوتار ۽ رئيس وڏيرو سنڌ جي غريب قوم سان سچو ثابت ٿيندو، سو ائين آهي جيئن ”ٻٻرن کان  ٻير گهرڻ“ ! اهي شمع ستم جا پروانه، باغ ظلم جا بيدرد مالهي رهيا آهن، تاريخ جي روشني ۾ ڏٺو ويندو ته سنڌ جاگيردار ڀوتار ۽ رئيس وڏيرا، قومي ناموس، قومي آزادي ۽ قومي ترقي جا دشمن رهيا آهن. اهي ڪوڙي عزت جا گداگر، عدل ۽ انصاف جا دشمن زور ۽ ظلم جا حامي رهيا آهن، اهي خود غرضي، اقربا پروري ۽ رياڪاري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيا آهن. سچ ته اهي اڳڙين جا گڏا، ڪاٺ جا پتلا، پٿر جي صورت يا رٻڙ جي مورت کانسواءِ  ڪجهه نه آهن، هائو البت ڪن  شريف خاندانن مان ڪي نيڪ دل مجاهد ۽ غيور انسان نڪرندا آهن، جن کي صحيح تعليم تربيت نصيب ٿيندي آهي، جيڪي پنهنجي قوم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ قدم کڻندا آهن جي قوم ۽ وطن لاءِ نفيمند ثابت ٿيندا آهن. اهڙا ماڻهو  اٽي ۾ لوڻ برابر به مشڪل سان پيدا ٿيندا آهن، جن ۾ سيد الهندو شاهه ۽ جي ايم سيد رهبر سنڌ قابل ذڪر آهن. سيد الهندي شاهه قوم جي ڀلائي لاءِ نوشهروفيروز ۾ مدرسو قائم ڪيو، جنهن مان وڏا وڏا ماڻهو پيدا ٿيا، اهو مدرسو اڄ به قائم آهي. جيڪو سيد الهندي شاهه جو نالو روشن ڪيو پيو اچي، ٻيو جي ايم سيد جنهن سنڌ يونيورسٽي ڏني ۽ ان سان گڏ ثقافتي مرڪز ڏنو، جيڪو اڄ ادبي بورڊ جي نالي سان مشهور آهي، سنڌ ۾ اهڙا ٻيا به ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن سنڌي قوم جي  تعليم جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو، ٻهراڙي جي هڪڙي وڏيري هڪڙو اسڪول قائم  ڪرايو، جنهن چند سالن ۾ وڏي ترقي ڪئي، وڏيري جي مرڻ  کانپوءِ سندس پٽن چيو ته بابو اسڪول قائم ڪري اسان لاءِ ڏچو ڪري ويو! اهي لفظ نهايت افسوسناڪ آهن  جيڪي اڄ به روشن خيال ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪنڊي وانگر چڀندا هوندا ته وڏيرن جو علم سان اهڙو وير ڇو؟ سنڌ ۾ جاگيردارن ڀوتارن ۽ رئيس وڏيرن جو دب دٻو رعب تاب سنڌ جي شهري پڙهيل ڳڙهيل طبقي لاءِ ته نه رهيو آهي پر ٻهراڙي جي اڻ پڙهيل غريب پورهيت طبقي لاءِ سندن دب دٻو رعب تاب هلندو پيو اچي، سو به ان ڪري جو انهن ٻهراڙي جي پڙهيل طبقي کي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان خريد ڪري ورتو اٿن. جاگيردارن ڀوتارن ۽ رئيس وڏيرن جي دٻ دٻي ۽ رعب تاب کان علمي دٻ دٻو وڌيڪ طاقتور هوندو آهي، علمي جلال اڳيان دنيا جا سڀئي جاهه جلال هيچ هوندا آهن، وڏيرڪو دب دٻو ۽ گدڙ بڀڪيون علم جي اڳيان ڪا به حيثيت نٿيون رکن ! اهو ئي سبب آهي جو ڪو رئيس وڏيرو غريب طبقي مان ڪنهن کي پاڻ کان وڌيڪ علم وارو  ڏسندو آهي ته پاڻ کي ان کان گهٽ محسوس ڪندو آهي ۽ سندس هوا نڪري ويندي آهي، اهو سڀ علم جو ڪمال آهي، ان ڪري اهي رئيس وڏيرا علم جي نتيجن کان ڇرڪندا  آهن ۽ علم جي مخالفت ڪندا آهن، اهي علم جا دشمن ته اڳتي هئا. وڌيڪ علم جي تباهي تڏهن ٿي جڏهن  ميرٽ جي بنياد کي ختم ڪري نوڪرين جي ڪوٽا رئيس وڏيرن جي حوالي ٿي، جن ۾ استادن جون مقرريون به انهن جي حڪم سان شروع ٿيون. هن عمل سان اڪثرا اهڙا استاد مقرر ڪيا ويا. جيڪي استادي پيشي جي اهل ئي نه هئا. مڙئي سندن پڇ ٻڏي کين مهري بنايو ويو هو. جنهن سان ٿيو ايئن جو اهڙن ماسترن اسڪول ۾ وڃي قوم جي ٻچن کي پڙهائي بجاءِ رئيس وڏيرن جي ڪمداري، ڪوٽاري، منشيگيري ۽ ٽانڊو ٽوپي، آڳي پيڇي ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي. سنڌ ۾ اهڙا هزارين ماستر آهن، جيڪي صبح جو اسڪول وڃڻ بجاءِ ڀوتارن جي درن تي ڌڪا ٿاٻا کائيندي ڏسبا آهن، پگهار گورنمينٽ جي کڻندا آهن ۽ حاضري ڀوتارن جي ڀريندا آهن، انهن جي ڪلاسن جا ٻارڙا ٻين استادن جي ڳچي ۾ هوندا آهن، جيڪي ويچارا گاڏي کي گهليندي استاد پيشي جي لڄ رکندا آهن، پرڪڇندا ڪونهن، ڇاڪاڻ ته تعليم کاتي ۾ بيداري ننگري چرٻٽ راجا ! وارو قانون هوندو آهي، مجال آهي جو تعليم کاتي جو ڪو ننڍو وڏو ڪو آفيسر اهڙن ڪم چور ماسترن جو ڪو نالو وٺي، تعليم جي ڀينگ ٿئي ته ٿيڻ ڏينس رڳو اسان جو ڀوتار سائين راضي هجي، تعليم کاتي ۾ اها وبائي بيماري اڃان به وڌي وڻ ٿي جڏهن ضلعي حڪومتون قائم ٿيون جو ڪرتا ڌرتا جو مالڪ رئيس وڏيرو بنجي ويو، جو سندس حڪم کانسواءِ ڪک به نٿي چريو، يعني مڪمل وڏيرا شاهي جي حڪومت اچي وئي، جنهن کي جمهوري حڪومت چوڻ ئي شرم جي ڳالهه هئي. انهن وڏيرن جي اچڻ سان هر شيءَ تباهه برباد ٿي خاص طرح ٻهراڙي جي پرائمري  تعليم تباهه برباد ٿي وئي ۽ اهڙي تباهي اڳ نه ٻڌي سون نه وري ڏٺي سون. انهن رئيس وڏيرن جي خود غرضي، اقربا پروري ۽ رياڪاري سان سنڌ جي ٻهراڙي جي پرائمري تعليم جي تباهي جا ڪيترائي مثال موجود آهن، انهن رئيس وڏيرن پرائمري تعليم ۾ جيڪي ماستر مقرر ڪرايا سي اهڙا ته بيڪار ۽ نااهل هئا. جيڪي هن پيغمبري پيشي جي لائق ئي نه هئا. جن هن عظيم پيشي کي لڄائي تباهه ڪيو، وري به ڀلو ٿيو وڏيرن جو جو کين بنا لاپي لائي جي ڪمدار، ڪوٽار، منشي ۽ نوڪر اهڙا ماستر ملي ويا، جيڪي سندن ڪم ڪاريون ڪندا وتن اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ناهن،  اهڙن ماسترن جا معصوم ٻارڙا تعليم کان اڌورا رهجي وڃن ٿا يا اسڪول بند ٻارڙا رلڻ ۾ پورا، ٻارهين مهيني سالياني امتحان دوران رزلٽ ٽيسٽ تي ٻارڙن جا درجيوار نالا لکي سپروائيزر جي اڳيان رکبو، ساليانو امتحان شروع ٿيندو، پهرين ڪلاس کان وٺي  پنجين ڪلاس تائين جي ڇوڪرن کي پٽي جا اکر به ڪو نه ايندا، امتحان وٺندڙ سپروائيزر رڙ ڪري ماستر کي چوندو، ماستر پنهنجن ڇوڪرن کي ته ڪجهه ئي ڪو نه ٿو اچي امتحان ڇا جو وٺان ! ماستر وڏو ٽهڪ ڏئي چوندو سائين اسان جي عيبن ڏي نه ڏسو فلاڻو رئيس يا فلاڻو ڀوتار ته مون مان هٿ ئي نٿو ڪڍي، بس ڪيو مهرباني ڇڏايو جان اڄ به رئيس کان لفڙائي آيو آهيان، دير ٿي ٿئي ماني ٺري ويندي! بس پوءِ سڀني درجن جا ٻارڙا سڀئي فل پاس ٿي ويندا پوءِ صاحب موصوف ڪارن مرچن ۾ سنڌي مرغي کائي ڏند کوٽيندو اسڪول کان ٻاهر ايندو ۽ ماستر کان تيل جا پئسا وٺي کيس ڀاڪر پائي موڪلائي هليو ويندو، اهڙي طرح هر سال جاهلن جي فوج تيار ٿيندي رهندي، ٻيو ته ضلعي حڪومتن دوران وڏو ظلم اهو ٿيو ته جن اسڪولن ۾ ٻارڙا هئا. اتي اسڪولن جون عمارتون نه ڏنائون ۽ جن اسڪولن ۾ ٻارڙائي ڪو نه هئا. اتي سياسي رشوت ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي عمارتون ڏنائون، جن ۾ مال جا واڙا ان جا ڀانڊا ۽ اوطاقون قائم ڪيون ويون. جاگيردارن ڀوتارن ۽ رئيس وڏيرن جي تعليم دشمني جا ڪيئي مثال موجود آهن، جن سان ٻهراڙي جي تعليم تباهه ٿي آهي، سنڌ جي جاگيردار ڀوتار ۽ رئيس وڏيري پاڻ وٽ ڪمداري ڪوٽاري ۽ منشيگيري ڪندڙ ماستر کي ايئن ڪو نه چيو هوندو ته تون  گورنمينٽ جي پگهار ٿو کڻي تون اسڪول وڃي ٻارڙن کي پڙها هر گرز نه ! انهي ڪري ڪم چور چاپلوس ماسترن ۾ واڌ پئي اچي، جو سڄي سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا ماستر آهن جيڪي رئيس وڏيرن جي پٺيان لور لور ڪندي نظر اچن ٿا، هزارين اسڪول بند پيا آهن، لکين ٻارڙا رولڙي جو شڪار بنجي رهيا آهن، ڪو پڇڻ وارو ڪونهي سنڌ جي تعليم کاتي جو ڪامورو جيڪو وڏيري جي سفارش سان ڪامورو بنجي آيو آهي، سو پنهنجي ذميواري قبولڻ لاءِ تيار ناهي، هو سنجيدگي سان سوچي ته ٻهراڙي جي پرائمري تعليم جي سڌاري لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن. جنهن سان ٻهراڙي جي پرائمري تعليم ۾ سڌارو اچي وڃي. سنڌ جا ڪافي اسڪول بند پيا آهن، اتان جا ماستر وڏيرن جي بنگلن تي ڊيوٽي پيا ڪن، ٻيا وري ڪامورن کي رشوت ڏئي پنهنجا ذاتي ڪم ڪندا وتن، اهڙي طرح هر پاسي رئيس وڏيري جي تعليم دشمني وارو ڪم پيو ٿئي. اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪافي استاد موجود آهن، جيڪي پنهنجي وس آهر ٻهراڙي جي پرائمري تعليم جي سڌاري واڌاري لاءِ هٿ پير هڻڻدا رهن ٿا. مون نوڪري دوران هڪڙي محفل ۾ هڪڙي مشهور مسخري کان مسخري وقت هي ڳالهه ٻڌي، هن چيو ته هڪڙو ڊنگ وڏيرو هن فاني جهان مان موڪلائي ويو، هن کي مقام ۾ وڃي پوريائون، قبر ۾ هن وٽ ٻه ملائڪ سڳورا پڇاڻو ڪرڻ لاءِ آيا، هن کي پنهنجي حڪمت سان اٿاريائون ته هن اکيون مهٽيندي چيو اڙي ماستر منهنجون فلاڻي ديهه واريون ڦٽيون گهڻيون لٿيون ۽ ساريون گهڻيون ٿيون؟ اهو ماستر هن وٽ منشيگيري ڪندو هو. ملائڪن دڙڪو دهمان  ڏئي چيس ته اهو منشي ماستر تون زماني ۾ ڇڏي آيو آهين،  تون مري ويو آهن، هنيئر قبر ۾ هٿيڪو آهين، اسان ملائڪ آهيون تو کان پڇاڻو ڪرڻ آيا آهيون، اهو ٻڌي وڏيرو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ ملائڪن کي ٻانهون ٻڌي روئي رڙي چيائين قبلا سائين معاف ڪجو. مون اوهان سان ڳالهائڻ ۾ گستاخي ڪئي آهي، ملائڪن مٿس وڌيڪ سختي ڪندي چيو ته تون معافي جي لائق ئي ناهين، تون قوم جو دشمن آهين جو پيغمبري پيشي واري کي ذاتي نوڪر ڪري رکيو ۽ هو اسڪول نه ويو ۽ معصوم ٻارڙا رلي ويا، پوءِ ته وڏيرو وڌيڪ پريشان ٿيو ۽ وڏيون دانهون ڪوڪون ڪري اوڇنگارون ڏئي ملائڪن کان ٻانهون ٻڌي نهايت عاجزي سان چيائين ته قبلا آئون واقعي ڏوهي آهيان جي مون کي هتان موڪل ڏيو ته مان پنهنجي بنگلي تي وڃي ماستر کي ڏنڊا هڻي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍانس ۽ چوانس ته تنهنجي ڪري منهنجي بيعزتي ٿي آهي ! مون وٽان نڪري وڃن اسڪول ۾ ٻارڙا پڙهائي نه ته تو سان به گهٽ نه ٿيندي، پوءِ ملائڪن چيس ته ايئن نٿو ٿي سگهي، پوءِ وڏيرو  وڌيڪ پريشان ٿي ويو ۽ روئي ٻانهون ٻڌي نهايت عاجزي واري انداز سان ملائڪن کي چيائين قبلا آئون واقعي ڏوهي آهيان خدارا مون کي معاف ڪريو ته اوهان جي مهرباني ٿيندي. ملائڪن چيس ته ها انهي شرط سان ته تون سچ ڳالهائي زماني ۾ رهڻ دوران پنهنجو ڪردار بيان ڪري ٻڌاءِ نه ته هي اسان جي هٿن ۾ گرز ڏسين ٿو پوءِ ته وڏيري روئيندي پٽيندي چيو  ته ملائڪن کي قبلا، ايئن کڻي سمجهو ته زماني ۾ آئون دولت جي انڌ ۾ هئس ۽  وڏو شر هئس، منهنجو پيءَ ڏاڍ ۽ ڏمر هو، منهنجي ماءُ غداري ۽ بيوفائي هئي. منهنجو ڀاءُ مڪر ۽ فريب هو، منهنجي ڀيڻ بدمعاشي ۽ بيحيائي هئي. منهنجو چاچو نقصان ۽ ڇيهو هو، منهنجي ماسي مصيبت ۽ آفت هئي. منهنجي ڌيءَ سستي ۽ غفلت هئي، منهنجو پٽ ڏڪر ۽ فاقو هو، منهنجي قوم ڇڙواڳي ۽ جهالت هئي، منهنجي دلي دوست  ستم ۽ قهر هو، منهنجو وڏو دشمن عدل ۽ انصاف هو، جنهن سان سڄي عمر ڪو نه ٺهيس، ايئن چئي ملائڪن کي ٻانهن ٻڌي روئي چيائين قبلا منهنجو اصل نسل به اهو آهي ۽ڪردار به اهو آهي، اهو سڀ سچ آهي، ملائڪن چيس ته زماني ۾ خرابين  جي  جڙ هئين ته ملائڪن گرز وڏيري طرف سڌا ڪيا ته وڏيرو سڌو ٿي سمهي پيو. ڳالهه ختم، سنڌ ۾ اهڙن رئيس وڏيرن کان بچڻ لاءِ اسان کي گهرجي ته ٻهراڙي ۾ سٺي تعليم لاءِ سٺن استادن جي مدد حاصل ڪريون، انهي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڏيون، اهڙي ڪوشش ڪري ٻچڙن کي پڙهايون، جي ڳالهه ياد رکو ته جڏهن قوم پنهنجي حالت کي سڌاري سنواري مڪمل ڪندي آهي، تڏهن خدا تعاليٰ به کين ظلم جي ڳرن ڳٽن کان آزاد ڪندو آهي، قانون فطرت ۽ دستور الاهي ڪڏهن به اهڙي قوم کي تباهه نه ڪندو آهي، جيڪا پاڻ پنهنجي بهتري ۽ اصلاح ڪندي آهي، اٿو  سڀئي گڏجي ٻهراڙي ۾ سٺي تعليم لاءِ ڪوشش ڪريون، رئيس وڏيرن  ڏي نه ڏسون ٻارڙا اسان جو سرمايو آهن، انهن جي سٺي تعليم، سٺي سنڀال ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي، اسان جا سٺا استاد ۽ والدين سڀئي گڏجي ڪوشش ڪندا ته اسان جا اڄ جا ٻار سڀاڻ جا سٺا شهري ثابت ٿيندا ۽ اسان جو معاشرو ترقي ۽ آزادي جون راهون طئي ڪري هڪ ڏينهن ضرور منزل مقصود تي پهچندو ۽ اسان  جي بزرگ عبدالرحيم گرهوڙي جو هي پراڻو خواب ضرور پورو ٿيندو ته :

برائي ڀلا  ٿيا، جي ويٺا وٽ ويراگين

جُهد ڪري جوڳين، انڌن کي اکيون ڏنيون        (گرهوڙي)