اڌ ٻُڏل ۽ اڌ سُڪندڙ سنڌ جي ڪهاڻي

 احسان علي بوزدار


                درياهه بادشاهه پنهنجي بادشاهي ڏيکاريندي تقريبن اڌ سنڌ ٻوڙي اڃا به بس ناهي ڪئي جو درياهه جي پوڇڙي يعني ٺٽو ۽ دادو ضلعن ۾ ٻوڏ جون تباهيون اڃا به جاري آهن، جن به علائقن ۾ ٻوڏ آئي آهي اتي سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي. گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ موجب ٻوڏ سبب 12 لک جانور مري ويا آهن. 6 لک ٽن ڪڻڪ خراب ٿي وئي آهي ۽ 2012ع تائين ٻوڏ سٽيلن علائقن ۾ نئون فصلن جو ٿيڻ مشڪل آهي. لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا ۽ اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي. لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته آبپاشي عملدار چون ٿا ته هي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي جنهن سبب بند ٽٽا آهن ۽ ايڏو وڏو نقصان ٿيو آهي. وڌيڪ چون ٿا ته هي 1976ع واري ٻوڏ کان به وڌيڪ آهي، خير ان ڳالهه کي کڻي مڃجي ته هي ٻوڏ 76ع واري ٻوڏ کان وڌيڪ آهي پر ان ڳالهه کان به ڪنهن آبپاشي عملدار کي انڪار نه هجڻ گهرجي ته هي 76ع وارو دور نه پر 2010ع پيو هلي، 76ع ۾ پاڪستان ايٽمي ملڪ نه هو، پر اڄ آهي. 1976ع ۾ تازو پاڪستان ٽٽي جڙيو هو پر ويجهي ماضي ۾ پاڪستان جي ڪنهن به ٻاهرين ملڪ سان جنگ نه لڳي. 1976ع ۾ پاڪستان ٽينڪالاجي جي شعبي ۾ ايتري ترقي نه ڪئي هئي. جيتري هينئر آهي. اها ڳالهه به هنن کي ڏسڻ ۾ نٿي اچي ته 1976ع ۾ بندن جي مرمت لاءِ ڪيتري رقم رکي ويندي هئي ۽ هينئر آهي. جڏهن ته اڄ واري پاڪستان ۾ 1976ع واري پاڪستان ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، پر ڳالهه آهي نيڪ نيتي جي اگر پاڪستان ترقي نه ڪئي ته ايمانداري ۾، فرض شناسي ۾، خوف خدا ۾ ۽ ٻين به اهڙن ئي ڪيترن شعبن ۾ پاڪستان ترقي نه ڪئي آهي. جنهن سبب اڄ پاڪستان تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيئي رهيو آهي. پاڻي کي معلوم ڪرڻ جا ماها ته آبپاشي عملدار وٽ آهن پر بندن جي مرمت لاءِ ملندڙ اربين روپين جي استعمال ڪرڻ جا انگ اکر هنن وٽ ناهن ته هر سال بجيٽ به بندن جي مرمت لاءِ رکي ويندڙ رقم ڪيڏانهن وئي. اها رقم ڪيتري بندن تي خرچ ٿي ۽ ڪيتري اعليٰ آفيسرن جي اڪائونٽن ۾ وئي جنهن ڪري ٻوي ته ڄهيو ڪٿي ڪٿي پاڻي ماپ وارو سلسلو به خراب رپورٽ ٿيو آهي. ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن، ڪنهن تي ڏوهه ڏجي،هتي کوڙي کي ئي گهمرو آهي.

عام راءِ آهي ته ٻوڏ جي تباهي جي سڄي ذميواري آبپاشي کاتي تي عائد ٿئي ٿي ڇو ته بندن جي مرمت، درياهه اندر بااثر وڏيرن پاران هٿرادو بند ٻڌي درياهه کي سوڙهو ڪرڻ، بيراجن جي دروازن جي صفائي نه ڪرڻ جي ذميواري آبپاشي کاتي جي آهي، نڪي پوليس کاتي ۽ آرمي جي، جيڪي آبپاشي کاتي جا عملدار بندن جي مرمت نٿا ڪري سگهن، واهن ۽ شاخن جي کاٽي به سندن وس کان ٻاهر آهي، درياهه جي حدن ۾ ڪرايل قبضا به نٿا پٽرائي سگهن واهن ۾ لڳل هٿرادو دڪا به نٿا هٽائي سگهن ۽ مهينو اڳ اطلاع ڏيڻ باوجود به ٻوڏ جي تباهين کان ملڪ کي نٿا بچائي سگهن ته اهڙي ڊپارٽمينٽ لاءِ ڇا چئجي....

حڪومت جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ساڍا 5 سؤ ارب جو صرف زرعي شعبي کي نقصان ٿيو آهي. جن به علائقن ۾ ٻوڏ آئي آهي. اتي هر فصل تباهه ٿي ويو آهي. باقي رهي ڳالهه درياهه جي کاٻي پاسي واري پٽي جي اتي برساتن تمام گهڻي تباهي آندي آهي. رپئي مان اٺ آنا فصل کاٻي پاسي به تباهه ٿي ويا آهن. باقي جيڪي بچيا آهن. اهي هاڻي پاڻي جي کوٽ سبب سُڪي سڙي تباهه ٿي رهيا آهن. ڪيترن ئي شهرن مان آبادگارن جون پاڻي کوٽ خلاف احتجاجن ۽ مظاهرن جو خبرون اخبارن جون زينت بڻجنديون رهن پيون، ايتري حد تائين جو ماڻهو ۽ مال پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهن پر آبپاشي عملدار جي ڪن تي جون ئي نٿي سري.

تازين رپورٽن موجب روهڙي ڪينال کوليو ويو آهي پر ان ۾ ايترو پاڻي ڇڏيو ويو آهي جو رپورٽ موجب روهڙي ڪينال اٿلڻ سبب ڪنڊيارو جو آسپاس ٻڏڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته اڳئي اڌ سنڌ ٻوڏ سبب مڪمل تباهه ٿي وئي آهي پر جن علائقن ۾ ڪجهه فصل بچيل آهن انهن کي به تباهه ڪرڻ پويان ڪهڙي سازش آهي، ڪهڙي مجبوري آهي جيڪا آبپاشي عملدارن کي واهه کولڻ يا مناسب پاڻي ڇڏڻ کان روڪي رهي آهي، جڏهن ته هاڻي سکر بيراج وٽ به پاڻي جي سطح تمام گهٽجي وئي آهي پر آبپاشي عملدار پنهنجي پراڻي هٺ تي قائم رهندي وڌيڪ تباهي جا طلبگار لڳن ٿا پيا.

اقتصاديات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان زراعت جو ٿيو آهي ۽ ان ڳالهه جي به هر ماڻهو کي خبر آهي ته پاڪستان جي آمدني ۾ زراعت ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي نه صرف اندروني پر بيروني واپار جو به واحد زريعو زراعت آهي پر موجوده ٻوڏ ۽ برسات سبب هن شعبي کي تاريخي نقصان پهتو آهي ۽ ملڪ جي معاشي طور چيلهه چٻي ٿي وئي آهي. اگر اهڙن حالتن ۾ به اسان پنهنجي بي حسي نه ڇڏي ته پوءِ توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته اسان جي مستقبل جو ڇا ٿيندو. سو ضرورت هاڻي ان امر جي آهي ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جا انگ اکر معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪاميٽي جوڙي وڃي، جن به ماڻهن جو جيترو نقصان ٿيو آهي ان جو ازالو ڪيو وڃي. بينڪن کي هارين کي آسان قسطن تي قرض ڏيڻ لاءِ پابند بنايو وڃي، ٻوڏ سٽيل ۾ انفراسٽڪچر جي بحالي لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. هارين کي ٻج، ڀاڻ، دوائن ۽ زرعي مشينري تي 100 سيڪڙو رعايت ڏني وڃي ۽ درياهه جي کاٻي پاسي فوري طور واهن ۽ شاخن جي پوڇڙ تائين پاڻي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ٻي صورت ۾ ملڪ جو پنهنجن پيرن تي بيهڻ تمام مشڪل آهي.

راهه ڪا ڳولي وٺو اي رهبرو! قوم ساري جو اوهان تي بار آ