|
ها، سيءَ ۽ زراعت محمد مٺل جسڪاڻي ها، تڪڙي ها ڪڏهن به نه ڪجي، نه ته ها ڪري مون وانگر ڦاسي پوندا، پوءِ پڇتاءُ کانسواءِ ڪجهه به نه ورندو. شاهدي طور هيءَ به ڪافي ٿيندو ته هڪڙي زرعي ماهر چيو ”هيلوڪي سياري ۾ پاڇاٽي ڪڻڪ کي فائدو ٿيو آهي“، ٻئي ان جي ڳالهه کي وزن ڏيندي ”ها“ ڪئي ته ٽيون وراڻيو ”هيلوڪي سياري جي ججهي سيءَ سبب ٻين فصلن سميت ڪڻڪ جي به واڌ رڪجي وئي آهي“، ته پهرين ٻنهي ماهرن ”ها“ ڪئي. هاڻي ٻڌايو تڪڙي ها ۽ سوچي سمجهي ها ڪرڻ ۾ واقع فرق آهي يا نه؟ ها. سو ڳالهه نڪتي سيءَ جي. سيءَ سبب گهڻن فصلن جا لاهه ئي نڪري ويا آهن، پر اهي لاهه سڪل وڻن جون پاڙون يا مُنڍ نه سمجهڻ گهرجن. منهنجو مقصد آهي ته نازڪ فصلن کي سيءَ گهڻو نقصان پهچايو آهي، ۽ ساڙ سبب، خاص ڪري ڀاڄين جا ڪجهه فصل عمر کان اڳي ختم ٿي ويا آهن. هيلوڪي سياري ۽ سياري ۾ پوندڙ برسات سبب پڻ فصلن کي فائدي ٿيڻ جون ڳالهيون ٻڌم ته پڪ ڪرڻ لاءِ هڪ انبن جي آبادگار، جيڪو زرعي ماهر به آهي، ان سان رابطو ڪيم. هن جو خيال آهي ته ”انبن کي فائدو ٿيو آهي“. مون کانئس پڇيو ته ”انب ٻوڪجڻ (ٻور، گل نڪرڻ) جي مند آهي، گهڻي سيءَ سبب ان تي اثر پوندو“ ته هو وراڻيو ”پاڻي جي وارا بندي ڇو پيا وساريو؟ سيءَ ڪجهه ڏينهن وڌيڪ هلندو ته پاڻي جي طلب گهٽ رهندي ۽ برسات سبب جن فصلن کي پاڻي جي ضرورت آهي، انهن کي فائدو ٿيندو“. هاڻي اوهان پاڻ فصلن جو جائزو وٺو، سائنسي انداز ۾ فائدي يا نقصان کي معلوم ڪرڻ ۽ پنهنجي حڪمت عملي لاءِ پاڻ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت وڌايو. ڪلاس ۾ شاگردن چيو ته ”اسان کي فصلن جو معائنو ڪرائيندي، ڪجهه بيماريون ڏيکاريو“. آئون ٻُڏ تر ۾ پئجي ويس، نيٺ شاگرد وٺي روانو ته ٿيس، پر پريشان هئس ته اهڙي سيءَ ۾ ڪهڙي بيماري هوندي، جيڪا شاگردن کي ڏيکاري، پنهنجي مهارت جو ثبوت ڏيندس!؟ نيٺ دائمي علامتون ظاهر ڪندڙ انبن ۽ ٻين وڻن جي بيمارين جو مشاهدو ڪرائي، مون ڪالر ته ڇنڊيا، پر ڪاهي پيس عام ننڍن فصلن ۾. سرنهن، توريو، ڄانڀو، سورج مکي، هيرڻ، السي، پواڙي، چڻا ۽ ڪڻڪ جو فصل پسگردائي ۾ مليو. اهي سڀ فصل گهمندي، اسان صرف اڇي سينور واري بيماري ڏسي سگهياسين، جيڪا سرنهن جي بيٺل ۽ سورج مکي جي سنگ ڪٽيل (لاباري طور لڻيل) ٻوٽن جي پنن ۾ نظر آئي. اسان فصلن جو معائنو ڪري واپس پهتاسين. موبائيل کوليم، ان ۾ عمرڪوٽ جي دوست اياز ڪاڇيلو (ايگريڪلچر آفيسر) پاران هڪ نياپي ۾ لکيو ويو هو ته ”پيز (ٻوڙ ڀاڄي ۾ ساوا استعمال ٿيندڙ وڏا انگريزي مٽر) ۾ نيماٽوڊ (زميني خورد جراثيم) جو شديد حملو ٿيو آهي. ڏس مليو اٿم ته رگبي زهر استعمال ڪريان“. هن ڪجهه تصويرون به اي ميل ڪري موڪليون. گهر پهتس ته ڀاءُ علي ڳوٺان ساڳ جي ڀاڄي لاءِ سرنهن جا پن آندا هئا، جنهن مان ذري گهٽ اڌ ڪلو پن ان ڪري ڇانٽي ڪري ڌار ڪيا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته اهي سرنهن جي اڇي رتي سبب شديد متاثر ٿيل هئا. ٺٽه جي آسپاس مان نياز سومرو ۽ رحمان چنه فون ڪري ٻُڌايو ۽ پڇيو ته ”ولين ۾، زمين کي ويجهو، پاڙ کان ٿورو ٻاهر، ڏانڊيون ڳرن سڙن پيون، ڪهڙي بيماري ٿي سگهي ٿي ۽ علاج ڪهڙو ڪجي؟“ مون کين ٻڌايو ته ”اهي علامتون رڳن جي ساڙ واري بيماري (ولٽ) جون آهن، ان موجب علاج ڪريو. ڪاپر واري زرعي زهريلي دوا فائدو ته ڏيندي، پر اها هر جاندار لاءِ نقصانڪار به آهي“. سيءَ بهرحال آهن. سيءَ سبب ڪن فصلن کي فائدو، ته ڪن کي نقصان، يا ساڳئي فصل کي هڪڙو فائدو ته ڪو ٻيو نقصان به ٿي سگهي ٿو، پر پنهنجي فصل جو لاڳيتو معائنو ڪندڙ هوشيار آبادگار نقصان کان بچاءُ ڳولي وٺندو آهي ۽ فائدي ۾ ويندو آهي. البت تڪڙ ڪم شيطان جو، تڪڙ بلڪل به نه ڪجي. خاص ڪري تڪڙي ها کان پرهيز ڪجي. مون کي زرعي صفحي لاءِ مضمون موڪلڻ جو چيو ويو، ته تڪڙي ها ڪري ڦاسي پيس. ڪو عنوان نه سُجهي، جنهن تي لکان! گهُر ڪندڙ کان عنوان پڇيم ته ڄڻ هُن مضمون تان ئي هٿ کنيو. صلاح ۽ پنهنجي حاضري ڀرائڻ لاءِ سائين حيات علي شاه کي نياپو ڪيم ته ڪو مناسب عنوان ڏسيو، هو جواب ۾ ها ڪري سمهي پيو... آئون اڄ صبح ننڊ مان اٿي، پنهنجي زبان کي پاڻي ڏيڻ لاءِ سوچي سوچي، ويچاري ويچاري، هيءَ ٻه اکر لکي سگهيو آهيان! اميد ته آبادگارن جي فائدي جي ڳالهه ٿي چڪي هوندي. مضمون گهرندڙ جي ضرورت به پوري، ته منهنجي ها به اجائي نه وئي هوندي. وري ڪنهن ڀيري. تيستائين دعائن ۾ ياد. |