کيتي سر سيتي

ٻوڏ ۽ برسات ۾ جانورن جون وچڙندڙ بيماريون ۽ بچاءُ

 ڊاڪٽر غلام سرور شيخ، ڊاڪٽر رشيد احمد نظاماڻي


                سانوڻ جي برساتن جي ڪري ڪچي ۽ ڪاڇي جي ايراضين ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، انهي موسم ۾ عام طور تي جيڪي جانور برسات ۾ پُسن ٿا، مسلسل پاڻي ۾ بيٺل رهن ٿا. هيٺاهين ايراضين ۾ بيهڻ ٿا يا وري گپ چڪ ۽ بدبودار ماحول ۾ بيهن ٿا، انهن جانورن جي هڪ ته قوت مدافعت گهٽجي ٿي ۽ ٻيو وري انهن ۾ وچڙندڙ بيماريون لڳن ٿيون. نئي پيدا ڳائي، ماهيي ۽ ٻاڪري مال جون وچڙندڙ بيماريون: هي اهي بيماريون آهن، جيڪي مرض ۾ ورتل ٻئي صحتمند جانورن کي هوا، پاڻي ٻيئ گگ يا بئي ڪنهن وسيلي لڳن،

گهو گهو يا گل گهوٽو:

هن بيماري جي علاج جو موقعو گهٽ ملندو آهي ۽ دوائون گهٽ اثر ڪنديون آهن. هن بيماري کان بچاءُ لاءِ مئي ۽ نومبر مهيني ۾ ٽڪا هڻائجن، جيڪي چئن مهينن کان پوءِ مدافعت پيدا ڪندا.

ڪاري ٽنگ يا سٽ:

هن بيماري ۾ پروڪين پينسلين جي سئي وزن ۽ عمر آهر ٽي چار ڏينهن هڻن گهرجي، جنهن ڪري بيماري جا جيوڙا مري ويندا آهن ۽ جانورن جي ٺيڪ ٿيڻ جي اُميد هوندي آهي. جانورن جي سوڄ واري جاءِ تي گرم ٽاڪور ڪرڻ گهرجي.

ٺڪاڻ، ڪارو واءُ ٻرڪي:

جيڪڏهن جانور سست هجن سندن بخار جو درجو وڌيل هجي ته انهن کي الڳ ڪجي ۽ ڪمبايوٽڪ دوا جي وزن آهر 5 ڏينهن تائين هڻائجي.  هن بيماري کان بچاءُ لاءِ سال ۾ هڪ ڀيرو ٽڪو لڳرائجي ۽ مئل جانور کي اونهي گڏ ۾ پوري ڇڏجي.

ٿڌي يا ماتا:

هن بيماري کان بچاءُ جا ٽڪا اڳواٽ جون مهيني ۾ لڳرائجن هنن ٽڪن کان پوءِ اوهان جا جانور 6 مهينن لاءِ هن بيماري کان محفوظ رهندا.

ڦڦڙي يا پلورو نمونيا:

علا لاءِ سلفا ڊيماڊين، آڪسي ٽيٽرا سائڪلين ۽ پروڪين پينسلين جون سُيون وزن آهر هڻائجن جيڪي تمام ڪارائتيون آهن. ان سان گڏ جانورن کي نوشادر مٺي ڪاٺي وزن آهر ڪٽيل ڳڙ ۾ ملائي صبح ۽ شام ڏجي جانورن کي کائڻ لاءِ صاف تازو هاهه ڏجي ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڏجي.

ٻوسٽ بجارو، يا ڪاٽا:

بيماري جو ڪنهن اينٽي جو ڪنهن اينٽي بايوٽڪ دوا سان علاج ڪجي. پاڻياٺ جي ڪمي لاءِ گوڪوز جي سُئي لڳائجي. هن بيماري جي پکڙجڻ جي صورت ۾ پنهنجي صحتمند جانورن کي بيمار جانورن کان الڳ ڪري بيهاريو ۽ يڪدم ڪنهن ويجهي جانورن جي اسپتال جي ڊاڪٽر جي صلاح مشوري سان علاج ڪرايو، هن بيماري کان بچاءَ جا ٽُڪا موجود آهن. جيڪي سال ۾ هڪ ڀيرو لڳرائڻ گهرجي.