|
دنيا ۾ انب جي ميوي جي اهميت حبيب الله راهو انب جي ميوي کي دنيا ۾ 4000 سالن کان ميون جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو. جنهن جو اهم ڪارڻ هن جي کائڻ واري خاصيت سان لاڳو ٿئي ٿو. انب جو اباڻو وطن ايشيا کي ڪوٺيو وڃي ٿو. انب جي وڻ جي ڊگهائي 40 ميٽرس (جنسن جي حساب سان گهٽ وڌائي لازمي ٿي سگهي ٿي يا نئي ڪنهن جوڙيل حڪمت عملي تحت به فرق (جيئن ته گهٽ مفاصلي واري پوکي يا ڪينوپي مينجمينٽ وغيرهه) اچي سگهي ٿو ) کان وڌيڪ تائين ڄاڻائي وڃي ٿي. جڏهن ته اهو به ذڪر هيٺ اچي ٿو ته انب جي وڻ جي وڌيڪ اونچائي فضول آهي. جنهن اونچائي جو پيداوار سان ڪو خاص ڳانڍاپو نه آهي بلڪه اجايو خوراڪ جو ذيان آهي. هن جي وڻ جي پائيداري سون سالن تائين ڄاڻائي وڃي ٿي. انب جي کليل وڻ جي شروع کان وٺي چونڊ کليل لڳ وارن عمل جي ٻجن جي فرق سان وڻ جي عمارت اڏجي ٿي. انب جي وڻ کي هميشه لاءِ ٻيڻي خاصيت (شيپ ۽ سائيز) رکندڙ تصور ڪيو وڃي ٿو. هن جي وڻ جا پن سادا ۽ متبادل هوندا آهن. جڏهن ته هن جي پيٽوئلس جي ڊيگهه 1 کان 12.5 سينٽي ميٽر تائين نوٽ ڪئي وئي آهي. پن جي مارفلاجي (سائيز ۽ شيپ وغيرهه) جنسن جي مطابق مختلف هوندي آهي. ڪي پن نيزي ، مستطيل، بيضوي ۽ انٽر ميڊيٽيٽ قسمن وانگر هوندا آهن. پنن جي ڊگهائي 12 کان 38 سينٽي ميٽر ۽ ويڪرائي 2 کان 13 سينٽي ميٽر ذڪر هيٺ اچي ٿي. انب جي ٻيجاري کان وٺي بلوغت تائين 3 کان 7 سالن جو عرصو (جنس، زمين جي خاصيت ۽ سار سنڀال تي پڻ پاڙي ٿو) ڄاڻايو وڃي ٿو. انب جي هن وقت کي جيوينگلي (ٻار وانگر پالنا) وقت به ڪوٺيو وڃي ٿو. هن جون پاڙون هيٺ زمين ۾ گهرائي تائين وڃن ٿيون. جيڪي پنهنجي مٿاڇري تي وڌيڪ کاڌي کي جذب ڪن ٿيون. هن جي انفلوريسنس سخت 30 سينٽي گريڊ ميٽر ڊگهي اريڪٽ ٿئي ٿي. هن جون اهي برانچون ويڪريون ٽريشري هونديون آهن. جن جي آخري برانچ کي سائي موز چئبو آهي. هن جي انفلوريسنس خاص طور تي گهاٽائي ۾ سوين ننڍن گلن سان ڀريل هوندي آهي. جيڪي 5 کان 10 ملي ميٽر ڊايا ميٽر تائين هوندا آهن. هن جا گل مونوسيئس يا پولي گيمس هوندا آهن. ٻئي مونوسيئس ۽ پولي گيمس گل ڄم مهل سنگل فلوريسنس ۾ هوندا آهن. هن جي پيٽيوئلس نر گلن ۾ويم ڪندي آهي. مونوسيئس کان پولي گيمس گلن جو ريشو مضبوطي سان ماحولي حالتن ۽ ثقافتي عملن سان اثر انداز ٿئي ٿو. گلن ۾ چار يا 5 سيپلس ۽ پيٽلس هونديون آهن. جيڪي اويٽ کان اوائڊ کان لينسيوليٽ ۽ پڻ سنهن وارن وانگر هونديون آهن. هن جي فلورل ڊسڪ کي پڻ چار يا 5 لوبڊ، فليشي ۽ وڏا پيٽلس بنيادي طرح مٿان سنڀايل هوندا آهن. هنن جو 5 ڊگهيون فليشي اسٽيمنس هونديون آهن. جن مان صرف هڪ يا ٻه فرٽائيل هونديون آهن. بقايا رهيل اسٽيمنس کي ايسٽرائيل اسٽاميٽوڊس چيو ويندو آهي. جيڪي ننڍي گلينڊ کي ظابطي (Surmounted ) ۾ آڻين ٿيون. ان سان گڏوگڏ 3 ننڍيون فائيلمينٽس رس جي لوبن مان اڀرنديون آهن. هن جون اسٽيمنس وچ تي هونديون آهن. هن جو اويول انا ٿروپس ۽ پينوڊيولس هوندا آهن. ان جي ڪري اهو يقين سان چيو وڃي ٿو ته گلن ۾ مکين ذريعي لڳ وارو عمل پار ( Cross Pollination) ٿيندو آهي. انب جو ميوو ڊگهو، فليشي ڊريوپ هوندو آهي. جنهن ۾ کاڌي جي لائيق حصي کي ميزوڪارپ چيو ويندو آهي. جيڪو پنهنجي ٿول ۾ مختلف جنسن ۾ مختلف هوندو آهي. انب جي ميوي ۾ کاڌي وارن جزن ۾ امائنو ايسڊس، ڪاربوهائيڊريٽس. فيٽي ايسڊس، منرلس، آرگينڪ ايسڊس. لحميات ۽ وٽامنس اچي وڃن ٿا. انب جي شروعاتي پچڻ واري مرحلي ۾ميوو تيزابيت، اسٽرجنٽ ۽ ڀرپور ايسڪوربڪ ايسڊ (وٽامن سي) هوندو آهي. جڏهن ته پڪل ميوي ۾ وٽامنس سي جي مقدار وچولي هوندي آهي. ياد رهي ته جڏهن اسان ڪچا انب کائيندا آهيون ۽ چوندا آهيو ته انب ڏاڍو کٽو آهي. اها کٽاڻ وٽامن سي جي گهڻي مقدار (جڏهن ته ٻيا به ايسڊس موجود هوندا آهن) جي ڪري هوندي آهي. خاص ڪري اهو به ڏٺو ويو آهي ته انب جو ديسي جنسون گهڻيون کٽيون هونديون آهن. ٻيو ته هر جنس جي پنهنجي پنهنجي خاصيت به آهي ان سان گڏوگڏ سار سنڀال جو وڏو عمل دخل به هوندو آهي. جڏهن اسان انب جي کٽاڻ کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون ته انب ڏاڍو کٽو آهي يا ٻيا سبب ڄاڻائي ڪو نه کائيندا آهيون. پر جڏهن اسان کي بيماري واري حالت ۾ ڪو ڊاڪٽر وٽامن سي جو کوٽ (اسڪروي) جو چوندو آهي ته اسان يڪدم جيترو خرچ ايندو آهي ته ڪري وٺندا آهيون ۽ چاهيندا آهيون ته شفا ملي وڃي پئسي جو خير آهي. پر جڏهن اسان کي گهٽ خرچ يا ٽڪي پئسي يا مفت واري حالت ۾ انب ملندو آهي ته نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون. يڪدم خرچ به شاهوڪار ڪري سگهي ٿو. باقي عام وچارو ته تڪليف ۾ ٻڏتر هوندو آهي. جيسن وڃي ڪو هيلو وسيلو ٿئي. آبادگار ڀائرو ان حوالي سان توهان پاڻ انب جي هڪ جزي جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. جڏهن ته ڏک جي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه اسان جي سنڌ جا باغ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن. جيڪي رهيل سيئل آهن سي به ٺيڪيداري نظام جي ورچڙهيل آهن. جن جو به حال ۾ بروحال نظر اچي رهيو آهي ٻيو ته مستقبل ۾ نتيجو ظاهر تباهي پئي ڏسجڻ ۾ اچي. ان جي لاءِ اهڙا پائيدار وسيلا پيدا ڪري اسان پنهنجي انبن جا باغ يا وڻ بچائي سگهون ٿا. جنهن تحت پنهنجي پياري صوبي جي خوبصورتي کي قائم ڪرڻ پڻ حصيدار بڻجي سهگون ٿا. انب جو ميوو خاص طور پرو وٽامن اي ۽ وٽامنس بي ون ۽ بي ٽو ۾ ڀرپور هوندو آهي. انب جي ميوي جي ڳڀ ۾ وڌيڪ وٽامن اي جيئن بٽر جيتوڻيڪ وٽامن ڊي خاصي مقدار ۾ موجود نه هوندي آهي. هن جي ميوي جي شروعاتي تيزابيت ميلڪ ايسڊ ۽ سٽرڪ ايسڊ جي ڪري جڳهه وٺندي آهي. ان سان اضافي ۾ آگزلڪ، ملونڪ سڪسينڪ، پائيرو، اڊيپڪ، گلوگيليڪٽيولڪ، گليوڪيورونڪ، ٽارٽيرڪ، گلائيڪولڪ ۽ ميوسڪ تيزاب اچي وڃن ٿا. انب جي مختلف جنسن ۾ تيزابيت جي مقدار مختلف انداز ۾ هوندي آهي. مثال طور ڪچي فلوريڊا جنس ۾ گهٽ تيزابيت 0.5 کان 1.0 سيڪڙو تيزابيت نوٽ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پچڻ دوران تيزابيت ۾ گهٽتائي 0.1 کان 0.2 سيڪڙو تائين نوٽ ڪئي وئي آهي. ميوي جي سيٽ ٿيڻ مهل اسٽارچ ميزوڪارپ ۾ گڏ ٿئي ٿي. جڏهن ته فري شوگرس (گلوڪوز، فرڪٽوز ۽ سڪروز) اچي وڃن ٿيون. جيڪي ميوي جي پچڻ سان عام طور تي وڌن ٿيون. ياد رهي ته سڪروز (کنڊ) ۾ اسٽارچ جي هائيڊرولائيسز واري عمل ڪري وڌا اچي ٿي. جڏهن ته سڪروز کي پڪل انبن جي ميوي جي پختا شوگر پڻ سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته انب جي ٽن ڀارتي جنسن جو سڪروز جي مقدار ماپي وئي ته الفانسو، پيري ۽ توتاپوري 11 کان 20 سيڪڙو تائين معلوم ٿي. جڏهن ته 15 کان 20 سيڪڙو ٽوٽل ساليوبل سالڊس جي مقدار معلوم ٿي. انب جي کاڌي جي حوالي سان آمريڪا ۾ ڏاڍي تيزي ڪوٺائي پئي وئي. پر هاڻ انب جي ميوي جي غذائيت ڀرپور هئڻ جي ڪري هن کي سپر فوڊ سڏيو وڃي ٿو. ان کان علاوهه انب کي فريسڪا ڪوفائونڊر گيري ڪليوينجر طور پڻ سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن جي تياري تمام آسان آهي. جيڪا روزاني سان زندگي ۾ ماني سان ذائقي طور استعمال ڪري سگهجي ٿي. انب جي ميوي م ڊائيٽري فائيبر جي به گهڻي قدر مقدار موجود هوندي آهي. هن ۾ 20 کان مٿي مختلف وٽامنس ۽ منرلس ڄاڻايا وڃن ٿا. گرم علائقن جو ميوو سوڊيم ڪوليسٽرول ۽ سڻڀ کان آجو هوندو آهي. جيڪو روزاني جي حساب سان گهڻائي ۾ ڪنهن به صحت جو پورائو ڪري سگهي ٿو. هاڻوڪين حالتن ۾ انب کي ٽراپيڪل ۽ سب ٽراپيڪل دنيا ۾ صنعتي طور پيداوار لاءِ لڳايو ويندو آهي. ان کان علاوهه باغ جو وڻ ۽ گهڻائي ۾ گرمي ۾ اجهي طور ڇانو پڻ مهيا ڪندڙ آهي. عام طرح انب جي ڊيگهه 15 کان 30 ميٽر (50 کان 100 فٽ) ڊيگهه تائين پڻ ڄاڻائي وڃي ٿي. انب جي پاڙ هيٺ زمين ۾ 6 ميٽرس ( 20 فٽ) تائين ڄاڻائي وڃي ٿي. هن جي ميوي جا گل 60 سينٽي ميٽر (24 انچ) ويڪرائي تائين نوٽ ڪيا ويا آهن. عام طرح انب جي ميوي جو وزن گهٽ کان گهٽ 50 گرام ( وڌيڪ جنس، پٽائي واري وقت ۽ سار سنڀال تي پڻ ڀاڙي ٿو) وڌ کان وڌ 2 ڪلوگرام ذڪر هيٺ اچي ٿو. جڏهن ته جينياتي جدت سبب وڌيڪ وزن جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو. دنيا ۾ انب جون هڪ هزار جنسون ڄاڻايون وڃن ٿيون. جڏهن ته ڪجهه اندازن مطابق هڪ هزار جنسون ڀارت ۾ به موجود آهن. ٻئي اندازي مطابق ڀارت ۾ انب جون 500 جنسون ڄاڻايون وڃن ٿيون. جن مان 20 جنسن کي اڪثريت حاصل آهي. جڏهن ته پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ انب جون 84 جنسون ڄاڻايون وڃن ٿيون. ياد رهي ته ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏو انب پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. جيڪو دنيا جي پيداوار جو 52 سيڪڙو پورائو ڪري ٿو. جڏهن ته چائنا، ٿائيلينڊ، ميڪسيڪو، پاڪستان، فلپائن، انڊونيشيا، برازيل، نائيجيريا ۽ مصر اچي وڃن ٿا. تازين حالتن ۾ دنيا ۾ انب جي پيداوار 22 ملين ٽنس في سالياني ڄاڻائي وڃي ٿي. جنهن جو 75 سيڪڙو ايشيا مان پورائو ٿئي ٿو. جڏهن ته اتر آمريڪا مان 10 سيڪڙو پورائو ٿئي ٿو. انب جي ميوي جو اصل وطن ڏکڻ اوڀر ايشيا به ڪوٺيو وڃي ٿو. هن جي پوکي 6000 هزار سال پراڻي پڻ ڄاڻائي وڃي ٿي. انب جي مينگيفيرا جنسن جي پوکي گهڻائي ۾ دنيا ۾ مالي پين انسيولا ،انڊونيشن آرچيپيلاگو، ٿائيلينڊ، انڊو چائنا ۽ فلپائن ۾ ٿئي ٿي. انب جون ڊگهيون پاڙون جيڪي اڪثر ڪري زمين ۾هيٺ هونديون آهن. جن ۾ 2 ۽ چار اهم لنگر پاڙن جي رسائي 6 ميٽرس (20 فٽ) زمين ۾ واٽر ٽيبل کان هيٺ تائين ڄاڻايا وڃن ٿا. آباگار ڀائرو سوچ جو مقام آهي ته جڏهن انب جي پاڙ 20 فٽس تائين زمين ۾ واٽر ٽيبل کان هيٺ ڄاڻائي وڃي ٿي. ان تي حال ۾ توهان ۽ اسان جهڙن ڪم ڪندڙن کي سوچڻ گهرجي ته انب ۾ تڪڙي موت واري بيماري به ڏينهن به ڏينهن گهر ڪندي وڃي. ان جي فنجي يا وائرس وغيرهه جي سبب کان علاوهه ٻيو ڪو به سبب ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته اڄڪلهه سراسري طرح اسان جي زمينن ۾ 5 کان 6 فٽ تائين پاڻي بيٺو آهي. ائين به آئون ٿو چوان نه ته 2،3 کان 4 فٽ به گهڻا آهن. جيڪڏهن اهڙي حالت هوندي ته پوءِ اسان ڪيئن انب جي باغن کي اهڙن مسئلن کان بچائي سگهندا سين. ان مان صاف ظاهر آهي ته سم، ڪلر ۽ واٽر لاگنگ به توهان جي انبن جي باغن جي تباهي جو اهم ذريعو آهن. باقي سار سنڀال ته عام طرح نظر انداز ٿيل آهي. هڪ اندزي جي مطابق انبن جي باغن ۾ سڊن ڊيٿ وغيرهه جو مسئلو هلي رهيو آهي ان جو وڏو سبب پاڪستان ۾ نرسري جو صحيح نه هئڻ به ڄاڻايو ويو آهي مطلب ته نرسري ئي ٺيڪ نه هوندي ته ٻوٽو اڳتي ڪٿان وڌي سگهندو. جيڪا ٻوٽي جي وڌڻ جو بنياد چئي وڃي ٿي. جنهن کان علاوه روڊ جي ڀر وارن باغن ۾ گاڏين وغيرهه جي آلودگي هئڻ جي ڪري فنگس جي بيماري جو سبب پڻ ڄاڻايو پيو وڃي. آبادگار ڀائرو انب جي ميوي ۾ ڀرپور گلن جي موسم هلي رهي آهي. ان لاءِ انبن باغن جي وڌ کان وڌ سار سنڀال ڪري وڌيڪ اپت حاصل ڪريو.ان لاءِ اسان کي پنهنجي انبن جي باغن جي تيار ڪرڻ واري نرسري تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن انبن جي باغن ۾ در پيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي. اتي نسري جي حوالي سان منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه به اڀري ٿي ته جڏهن کان آبادگار ڀائرن انبن جي پوکي شروع ڪئي هئي تڏهن کان وٺي اڄ تائين انهن ڪا نرسري جي تياري ۾ خاص تبديلي پهرين يان پوءِ آندي آهي ڇا؟ اها جانچ پڙتال ته پراڻا يا اڳ جي پوکي ڪيل باغن وارا آبادگار ڀائر ئي ڪري سگهن ٿا. باقي رهي ڳالهه انب جي باغ جي سار سنڀال اهو ته هر آبادگار جو خود جو فرض آهي. ان حوالي سان رهنمائي ٻيو ڪري سگهي ٿو. باقي آبادگار ٻئي جي چيل رهنمائي تي عمل ڪري يا نه ڪري اهو ان جو عمل آهي. ان حوالي سان باغن جي سائنس ( Horticulture) جون خدمتون به قابل تعريف آهن. هن سائنس جو ڪم باغ لڳڻ (نرسري وغيرهه جي تياري) کان وٺي پٽائي تائين گهڻي قدر تعريف جوڳو آهي. ان جي بعد مطلب ته هارويسٽ ٿيل ميوي واري حالت ۾ وري کاڌي جي سائنس پنهنجا ڪرتوت ڏيکاري رهي آهي. کاڌي جي سائنس ( Food Science) جي مدد سان ڪڏهن به اسان کي انب جي ميوي جي ذائقي جي کوٽ محسوس نه ٿيندي آهي . ياد رهي ته کاڌي جي سائنس انب جي ميوي کي ڪنهن نه ڪنهن صورت (Product Form ( ۾ قائم دائم رکي ٿي. نه بلڪه صرف انب پر سڀني کاڌن (فصل وغيرهه مان پٽائي کانپوءِ حاصل ٿيل) جي حوالي سان نمايان آهي.ان کان علاوهه کاڌي جي سائنس جو کاڌن کي موجود بڻائڻ ۾ جيڪو ڪردار رهيو آهي. اهو ته مختلف کاڌن جي حالت ۾ هر ڪنهن جي اڳيان آهي. هاڻ صرف ضرورت ان امر جي آهي ته کاڌي جي سائنس جو علم حاصل ڪيل نوجوانن ( بي ايس سي، ايم ايس سي يا پي ايڇ ڊي ) کان خدمتون ورتيون وڃن. جن جي مدد سان ڏاڍا موافق نتيجا ملندا. ان جي لاءِ وس وارن جي اڳيان عرض رکجي ٿو. وڌيڪ لاءِ نظام کي هلائيندڙ ذات الله جي آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي جي محنت جو اجورو ان جي موت کان پهرين ڏئي ٿي. وڌيڪ لاءِ انب اپايو کاڌي جي کوٽ جو پورائو قابل بنايو. |