|
|||
|
شگر ملز جي پيڙاهه ۾ پيڙهجندڙ آبادگارن جو ماتلي واري ڪنويشن ۾ چتاءُ ساحل پنهور هن وقت سنڌ ۾ ڪمند جي پيڙهائي مشغول ڪل 32 شگر ملون آهن. جن جي مالڪن کي ڪمند جي آبادگارن کان روزانو خرچ لهڻ بعد لکين رپيا بچت جا ثبوت به آهن. اها ڳالهه عام ماڻهو به ڄاڻي ٿو ته جيڪر سنڌ جي شگر ملز مالڪن کي ڪمند جي پيڙهجڻ مان فائدو ڪونهي ته پوءِ انهن کي اهي ڪمند وارا ڪارخانا هڪدم بند ئي ڪرڻ گهرجن پر جيڪر کين فائدو پهچي رهيو آهي ته پوءِ ڪمند جي پوک جي 18 مهينا پوڄا ڪندڙ آبادگار سان ايڏي وڏي ويڌن آخرڪار ڪيستائين هلندو. سنڌ جي آبادگار کي گذريل 64 سالن کان هر طرف کان ظلمن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي. ليڪن جنهن ظلم جي انتها شگر ملز جي مالڪن ڪئي آهي ان جو مثال ۽ ثبوت اگر وٺڻا به آهن ته ڪمند جي هڪڙي ننڍڙي آبادگار جي جسم جي هر حصي تي شگر ملز انتظاميه جا زخم کولي ڏسي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن سان ٿيندڙ ڏاڍ کانپوءِ لاڙ پٽ جي آبادگارن هڪ نئين آبادگار تنظيم سنڌ آبادگار يونائيٽيڊ فورم جي نالي سان اجاگر ڪئي جنهن جو شايد ٻيو اجلاس ضلعي بدين جي شهر ماتلي ۾ ڪوٺايو ويو ۽ هن کان پهرين ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ پهريون اجلاس گهرايو ويو هو. ماتلي ۾ آبادگارن پاران گهرايل ڌمڪيدار ڪنوينشن تعلقي ماتلي جي آبادگار اڳواڻ عبدالرئوف نظاماڻي گهرايو جنهن ڪنويشن کي سنڌ آبادگار يونائيٽيڊ فورم جي اڳواڻ پير اشفاق جان سرهندي، سنڌ زميندار فورم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مير نسيم ٽالپر، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي جنرل سيڪريٽري نبي بخش سٺيو. آبادگارن اڳواڻ پيرل خان نظاماڻي اختر حسين اگهيم، بشير احمد شاهه، محمد عالم نظاماڻي، عبدالرؤف نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي اها ڳالهه ڪئي ته ڪند جي آبادگارن سان شگر ملز مالڪن اگر پنهنجو قبلو درس نه ڪيو ته سندن پاران ڏنل جنسون صحيح اگهن ۾ نه کنيو ۽ ڪمند جي في مڻ پٺيان 40 سيڪڙو ڪٽوتي بند نه ڪئي وئي ته اول ۾ عدالت سڳوري ڏانهن رخ ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ جيل ڀريو تحريڪ به هلائي ويندي. آبادگارن جي هن ڪنويشن ۾ برابر چند نڪتا اهڙا اهم رکيا ويا آهن جنهن سان آباگارن کي انهي ڪمند جي چين اندر روزانو پيڙهيو پيو وڃي. اها حقيقت آهي ته ڪمند تي آبادگار جو وڏو خرچ اچي ٿو ان ۾ زرعي دوائن، ڀاڻ، گڏ ڊيزل، ٻج، پاڻي ڏيڻ جهڙا ته هن مٿان ٿلها خرچ ٿين ٿا ليڪن هن آبادگار کي اها خبر ڪانه هوندي آهي ته يار يوريا ڀاڻ ڪڏهن مهانگو ٿيو آهي جو منهنجي چيلهه ڀڃي ڇڏي اٿس. آبادگارن جي انهي تنطيم سنڌ آبادگار يونائيٽيڊ فورم جي اڳواڻ سيد مهتاب علي شاهه سان جڏهن منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ٻڌايو ته گذريل سال 2011ع ۾ يوريا ڀاڻ جي ٻوري 9 سؤ کان 11 سؤ رپيا هئي ۽ هلندڙ سال 2012ع جي آغاز ۾ اها ئي يوريا جي ڀاڻ جي ٻوري 2 هزارن کان 23 سؤ رپين تائين پهچي چڪي آهي ۽ اسان جڏهن ڀاڻ وڪرو ڪندڙ واپارين کان وڌيڪ اگهه بابت پڇاڻو ٿا ڪريون ته انهن جو اهو جواب آهي ته بابا سرڪار پاران ڀاڻ جي فيڪٽرين کي گئس جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي ان ڪري توهان سان اهڙو حشر ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته جيڪر حڪومت گئس جي فراهمي ڪارخاني وارن کي بند ڪئي آهي ته پوءِ فيڪٽري مالڪن کي گهرجي ته انهن لاءِ به سهولت هموار ٿي پوي. ليڪن ڪري هڪڙو ۽ پري ٻيو وارو ڪم بند ڪن ڪري سرڪار ۽ ڀري آبادگار اهڙو مذاق به بند ٿين گهرجي. ماتلي جي آبادگارن واري ڪنوينشن ۾ ٻيا کوڙ انڪشاف ٿيا ليڪن هڪڙو وڏو انڪشاف اهو ٿيو ته سنڌ جي 32 شگر ملز مالڪان ڪمند جي آبادگارن مان ڪمائي ته پري رهي پر انهن پاران شوگر ملزن کي موڪليندڙ ڪمند مان روزانو 50 لک رپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي ريت هر مهيني ۾ ڪمند جي آبادگارن جي 15 ڪروڙ ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. جيڪا وڏي کان وڏي زيادتي آهي. جنهن کر روڪڻ لاءِ آبادگارن کي ملز مالڪن خلاف مورچا بند ٿيڻون پوندو ڇڪاڻ ته جن شگر ملز جي مالڪن کي روزانو 50 لک رپيا ملندا هجن. اهي انهن ڏوڪڙن تان ڏاڍو ڏکيو هٿ کڻندا، ها ان لاءِ آبادگارن کي قرباني ڏيڻي پوندي يا عدالت سڳوري تي ئي ڇڏي وڃي ته هو ڪهڙو ٿي فيصلو ڏي. ليڪن عدالت سڳوري تائين پهچڻ به ضروري آهي پر آبادگارن کي شگر ملز مالڪن کي فوري طور تي ڇاٻ ڏيڻ لاءِ ويڙهه ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌڻو ئي پوندو. نه ته اهي 50 لک ته آبادگارن جا روزانو ٻڏي رهيا آهن ۽ اڳتي هلي اهو انگ وڌي به سگهي ٿو ان لاءِ سنڌ جي آبادگارن کي حڪمت عملي جوڙڻ ۾ ڪابه دير نه ڪرڻ گهرجي. |
|||