|
|||
|
سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي زرعي صورتحال، ڪاري ڏڪار جي چٽي نشاني مٺل جسڪاڻي پهرين برسات، ان کان پوءِ درياهه بادشاهه ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب ٽوڙي بند ٽٽڻ کانپوءِ، درياهه جي ساڄي ڪپ تي پوکيل فصل ٻُڏڻ ۽ کاٻي پاسي کي آبپاشي وارو پاڻي مهيا ڪندڙ ڪينال بند ڪرڻ سبب فصل سُڪڻ جون خبرون ڪنهن کان ڳُجهيون آهن!؟ سچ ته سنڌو جو ساڄو ڪنارو ٻُڏي ويو ۽ کاٻو سُڪي پيو!؟ اڃا به اک نه پٽيسين ته لطيف جو هيءَ بيت به پاڻ ورجائيندو: گهڙو ڀڳو منڌ مئي وسيلا ويا، تنهن کان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا. (شاهه، ايڇ ٽي سورلي) جتي به، جنهن سان به ٿا ويهون، ڪا اخبار پڙهون يا رسالو، ريڊيو ٻُڌون يا ٽي وي ڏسون، سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ ٻوڏ کان پوءِ جون خبرون، خبرن تي تبصرا ۽ قياص آرايون آهن. هر ڪو حيران ۽ پريشان آهي. ڇا مان ڇا ٿي ويو ۽ ڇا ٿيندو؟ ڪنهن وٽ به، حال توڙي مستقبل لاءِ، ڪا واضح اڳڪٿي، پيش قدمي، پيش بيني، ڪا به جامع رٿابندي نه آهي! ڇو؟ ڇو جو جواب ادارن وٽ هجڻ گهرجي، پر اسان وٽ ستم ظريفي هيءَ آهي، ته ادارا آهن، اهلڪار نه آهن. جي اهلڪار آهن، ته ڪنهن به ڪم ڪار جا نه آهن!؟ ٻوڏ کان اڳ ۽ ٻوڏ کان پوءِ جي زرعي صورتحال تي ڪهڙو پٽڻو پٽجي؟ پهرين پاڻي جي ايتري کوٽ، جو خريف جو فصل ٻه کان ٽي مهينا پاڇاٽو، اهو به گهربل حدف واري ايراضيءَ ۾ نه پوکجي سگهيو. جيڪو پوکيو، ان جي واڌ ويجهه لاءِ گهربل پاڻي ميسر نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري هڪ ته پاڇاٽي پوک سبب ۽ ٻيو وري پاڻي جي کوٽ سبب، في ايڪڙ پيداوار کي هونئن ئي ڪاپاري ڌڪ رسڻو هو، پر 29 جولاءِ کان شروع ٿيل ۽ نه ڄاڻ ڪهڙي تاريخ تائين، اڃا گهڻن ڏينهن تائين، جاري رهندڙ برسات ۽ ٻوڏ سبب جيڪو ٿيو، سو خوب ٿيو. ڪتب خاني (لائبرري) ويس، ڄار ڳنڍڻي (انٽرنيٽ) تي ڪوشش ڪيم، پنهنجي اهليت تي شڪ ڪريان يا نا اهلي جي پڪ سمجهان!؟ مون کي هلندڙ سال لاءِ، ضلعوار فصلن جي پوک لاءِ، ايراضي بابت ڄاڻ نه ملي سگهي آهي! مليل معلومات جا تفصيلي انگ اکر هتي دهرائي، ڊيگهه ڪرڻ بدران صلاح ڏيندس، ته زراعت کاتي، حڪومت سنڌ جي ويب سائيٽ (www.sindhagri.gov.pk) وزٽ ڪري وٺو. ڪجهه انگ اکر پاڪستان شماريات کاتي جي ويب سائيٽ تي به موجود آهن. ڪتب خاني (لائبرري) جي سهوليت هجي يا ڪجهه ڏوڪڙ خرچ ڪري خريد ڪريو، ته پاڪستان جو ساليانو شمارياتي ڪتاب (انگريزي ۾، پاڪستان اسٽيٽسٽيڪل ايئر بوڪ) وٺي وٺو. هلندڙ سال جا انگ اکر موجود نه آهن. جيڪڏهن آهن، ته زرعي توسيعي کاتي يا ان جي شماريات واري شعبي مان ملي سگهندا. جنهن لاءِ ڄاڻ سڃاڻ، منٿ ميڙ يا ڪو دڙڪو داٻو ضروري آهي. انهن انگن اکرن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ پاڻ فيصلو ڪريو، منهنجي وس کان مٿي جي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙا انگ اکر ڪو هڪ ادارو نه، مختلف ادارا، پنهنجي پنهنجي مقصد خاطر، پنهنجي پنهنجي مقرر عملي معرفت گڏ ڪندا رهندا آهن. جيڪڏهن سڀني ادارن جا انگ اکر گڏ ڪبا آهن، ته هر ادارو پاڻ کي صحيح چوڻ باوجود، فيصلو ڪندڙ مُنجهي پوندو آهي، ته ڪنهن تي اعتبار ڇو ۽ ڪنهن تي ڇو نه ڪجي!؟ بهرحال، زراعت کاتي، حڪومت سنڌ جي ويب سائيٽ تي موجود انگن اکرن موجب سال 2009 لاءِ، سنڌ جي ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهه يار ۽ ڪراچي ضلعن ۾ ساريون نه پوکڻ باوجود، 707748 هيڪٽر يعني 1519535 ايڪڙ ايراضيءَ تي سارين جي پوک جو حتمي فيصلو ڪيو ويو هو. هلندڙ سال دوران جيڪڏهن اوڻيهه ويهه جي فرق سان اهو ئي ڪاٿو صحيح به کڻي مڃجي، ته ان ايراضيءَ ۾ سارين جي پوک ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2,422,347 ميٽرڪ ٽن پيداوار حاصل ٿئي ها. هن ٻوڏ سبب اها ڪيتري گهٽجڻ جو امڪان آهي، ان لاءِ گوشواري نمبر 1 ۾ ضلعوار سارين جي پوک جو جائزو وٺي، ٻوڏ جيڪري متاثر ٿيندڙ ضلعن پٽاندر پاڻ اندازو ڪريو. سڄاڻ هلڪن موجب سارين جو 85 کان 90 سيڪڙو فصل متاثر ٿيو آهي! وونئڻ به خريف جو اهم فصل آهي. زراعت کاتي سنڌ موجب، سال 2009 دوران جيڪب آباد، ڪشمور ۽ قمبرــ شهدادڪوٽ ضلعن ۾ وونئڻ نه پوکڻ باوجود 634,714 هيڪٽر يعني 1362731 ايڪڙ ايراضيءَ تي وونئڻ پوکي، 170.09 ڪلو گرام في ڳٺڙي جي حساب سان 4,055,415 ڳٺڙيون پيداوار حاصل ڪرڻ جو حتمي تخمينو ڪيو ويو هو. ان حساب سان به ڪجهه برسات، ڪجهه ٻوڏ ۽ رهي سهي ڪسر وري ڪينال بند هجڻ جيڪري پاڻي جي کوٽ پاران پوري ٿيڻ سبب، وونئڻن جي ڪيتري پيداوار گهٽجڻ جو امڪان آهي، ان لاءِ گوشواري نمبر 2 ۾ ضلعوار وونئڻن جي پوک جو جائزو وٺي، پاڻ اندازو ڪريو. اهڙي طرح سال 2009 دوران سنڌ جي سمورن ضلعن ۾، ڪٿي ٿوري ته ڪٿي گهڻي پر 49,654 هيڪٽر ارياضي تي بصرن جي پوک ۽ 660,171 ميٽرڪ ٽن پيداوار جو تخمينو هو. ڪهڙي ڪهڙي فصل جو حوالو ڏجي، انگ اکر پڌرا ڪجن! بصرن سميت، مرچن ۽ ٽماٽن جو فصل به متاثر ٿيو آهي، ته ولين وارين ڀاڄين ۽ ميون جهڙوڪ ڪدو، توري، ڪريلو، ميها، گدرا، هنداڻا وغيره به متاثر ٿيا آهن. ڀينڊيون به خريف جي اهم ڀاڄين ۾ شمار ٿين ٿيون ۽ نقصان وارن فصلن ۾ شامل آهن. ڪمند پاڻي کي ججهو برداشت ڪري ٿو، پر جيڪو 9 کان 12 فوٽ جو ڪمند وارو فصل پاڻي ۾ ٻُڏي ويو، يا جيڪو کوٽ جو شڪار آهي، ان مان ڪيتري پيداوار ملندي!؟ اهو به اندازو اوهان پاڻ ڪريو. ٻوڏ وارن علائقن ۾ پاڻي گهرن جي مٿان تائين نظر آيو آهي، ان حساب سان جيڪڏهن سراسري 6 فوٽ به پاڻي بيٺل آهي، ته پوکيل ڪنهن به فصل جي بچڻ جو آسرو نه آهي ۽ نه ئي ڪڻڪ (ڏسو گوشوارو نمبر 3) يا ربيع جا ٻيا فصل پوکڻ تائين زمين وٽ ۾ اچڻ ۽ پوک لاءِ تيار ٿيڻ جا ڪي امڪان آهن. سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي زرعي صورتحال ڪاري ڏڪار جي چٽي نشاني آهي. بک ۽ بيماري اهڙا اهم مسئلا هوندا، جنهن ڪري بدامني، جيڪا هينئر ساڻ شروع ٿي چُڪي آهي، اها اڃا وڌيڪ وڌندي ۽ چوريون، ڦرون، ڌاڙا، ڀُنگ لاءِ اغوا جون وارداتون وڌڻ جا واضح امڪان آهن. سچ ته سڄي سنڌ، هر لحاظ کان، انتهائي نازڪ دور ۾ داخل ٿي چُڪي آهي. ان صورت ۾ هڪ ٻئي تي ڇوهه ڇنڊڻ بدران، پاڻ ۽ پنهنجا نواز پاليسي بدران، ڪاغذ جي تور واري حساب سان جاري ڪيل ڊگرين تي ڀاڙڻ بدران، ايمانداري سان، اهليت جي بنياد تي، با همت، تجربيگار، اڻ ورچ ماڻهن کي ذميواريون سونپڻ گهرجن ۽ ساڻن هر وقت، هر گهڙي، همٿ همراهي به ڪرڻ گهرجي، ته جيئن آزمائش جي هن ڪڙي وقت مان خير آفيت سان نڪري، نئين سئين سُکي ستابي سنڌ اڏي سگهجي. |
|||