کيتي سر سيتي

شگر ملز جو زهريلو پاڻي ۽ ان جو خطرو

حبيب الله لغاري


انساني زندگي جي بقا ۽ صحتمند معاشري جي وجود لاءِ ان خطي جي آبهوا جو اهم ڪردار هوندو آهي. جيئن پالڻهار پاران دنيا ۽ ان جي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود خاطر هڪ سسٽم تيار ٿيل آهي. جڏهن کان هن جديد دور جي انسان ان قدرتي سسٽم جي ڇيڙ ڇاڙ ڪئي آهي تڏهن کان انسان مٿان آفتون نازل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. انساني زندگي کي پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ جتي ٻين شين جي ضرورت هوندي آهي اتي سڀ کان اهم هوا يعني آڪسيجن آهي، جنهن جي فراهمي زندگي جي ضمانت آهي پر انهي آبهوا جو صاف هجڻ به ضروري آهي. اسان جي ملڪ ۾ گاڏين فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي دونهي ۽ کئس هتان جي آبهوا کي انتهائي گدلو ۽ آلوده ڪري ڇڏيو آهي. وڻ جيڪي ماحوليات کي گدلاڻ کان بچائڻ ۽ صاف ڪرڻ لاءِ قدرت طرفان انسان کي تحفي طور مليل آهي پر بدقسمتي اسان وٽ ذاتي مفادن لاءِ ڪيترائي قيمتي وڻن جا ٻيلا وڍائي انهن زمينن تي قبضا ڪرڻ سبب هتان جي آبهوا سخت متاثر ٿي آهي. اهڙي طرح ميرپورخاص ڊويزن ۾ ماحوليات کي انتهائي حد تائين خطرناڪ ۽ زهريلو بنائڻ ۾ شگر ملن جو اهم ڪردار آهي. حڪومت پاران زمينن کي سم ۽ ڪلر  کان بچائڻ خاطر ايل بي او ڊي جي رٿا تحت جيڪي سم نالا جوڙا ويا آهن انهن سم نالن کي شگر ملن پاران پنهنجو ڊرينج نالو بڻائي هتان جي پاڻي کي مڪمل زهريلو بڻائي ڇڏيو آهي. ايل بي او ڊي جو مک سم نالو جيڪو نوابشاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص مان گذري ٿو. العباس شگر ملز، ڊگهڙي ۽ جهڏو شگر ملز انتظاميه پاران شگر ملن ۾ قائم الڪوهل پلانٽن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي سم نالي ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو سلسلو گذريل ڪيتري عرصي کان جاري آهي. زهريلي پاڻي سم نالي جي پاڻي ۾ ملڻ بعد ان سموري پاڻي کي زهريلو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن سبب وڏي انگ ۾ مڇي ناياب پکي ۽ ٻي آبي جيوت مڪمل تباهه ٿي رهي آهي جڏهن ته سم نالن جي پاسن تي قائم هزارين ڳوٺن ۾ لکين ماڻهو پڻ سخت متاثر ٿيڻ سان گڏ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب وڏي انگ ۾ چوپايو مال مري چڪو آهي. سخت بدبوءِ سبب علائقي واسين جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي. ڪيترائي ماڻهو ساهه، چمڙي، اکين ۽ پيٽ جي بيمارين سميت مختلف موذي ۽ خطرناڪ مرضن ۾ مبتلا بڻيل آهن. سڀ کان خطرناڪ صورتحال اها آهي ته جتي ٻهراڙي وارا علائقا متاثر ٿيا آهن اتي شهري پڻ جي لپيٽ ۾ آيل آهن. ڇاڪاڻ ته بدين، جاتي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن جي مهاڻن هتان جو رخ ڪيو آهي. مهاڻن پاران مئل مڇي گڏ ڪري فيڊ مرغين جي غذا ٺاهڻ وارن فيڪٽرين ۾ وڪرو ڪئي وڃي ٿي ۽ اڌ مئل مڇي ڀرسان وارن اسٽاپن ۽ شهرن ۾ قائم مڇي جي دڪاندار کي وڪرو ڪئي وڃي ٿي. جيڪا مڇي دڪانن تي فروخت ڪرڻ سبب ها مڇي شهري واپرائڻ ٿا فروخت ڪرڻ سبب اها مڇي شهري واپرائڻ ٿا جنهن سبب پڻ ڪيتريون بيماريون ڦهلجي رهيون آهن. افسوس جي ڳالهه سرعام انساني جانين سان کيڏڻ جو سلسلو جاري آهي پر متعلقه ادارا ماحوليات تي ڪم ڪندڙ مختلف تنظمين پاران مجرماڻي خاموشي ڊگهي عرصي کان برقرار آهي. اسان وٽ ماحوليات کاتو ته قائم آهي پر عملدارن فقط آفيسن ۾ ويهي پگهارون کڻڻ ۾ مصروف بڻيل آهن. ايل بي او ڊي سم نالا جن جي سرسنڀال لهڻ ايريگيشن کاتي جي ذميواري آهي پر اهي به صرف پنهنجو حصو پتي گڏ ڪرڻ واري ڪم تي پيرا عمل آهن. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ جيڪي به شگر ملون آهن انهن جا مالڪ اڪثر چونڊيل نمائندا ۽ وزير آهن چونڊيل مالڪ اڪثر چونڊيل نمائندا ۽ وزير آهن چونڊيل نمائندو يا وزير جنهن کي عوام پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ووٽ ڏيئي اسيمبلين ۾ موڪلي ٿي انهن کي سندن ئي ووٽرن سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ناانصافيون ڇو نظر نه ٿيون اچن. ملز انتظاميه پاران چند پئسن عيوض انساني جانين سان کيڏڻ جو سلسلو ايئن جاري رهيو ته انساني وجود بقا رهڻ مشڪل ٿي پوندو. صاف پاڻي ۽ صاف آبهوا هر انسان جو قانوني ۽ قدرتي حق آهي پر هتي ماحوليات ايريگيشن ۽ ملز انتظاميه پاران اهو حق ڏيڻ بدران هتان جي آبي جيوت ۽ انساني زندگين کي خطري ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي هتان جي عوام، سڄاڻ حلقن ۾ اهڙي صورتحال سبب سخت ڳڻتي واري صورتحال ڇانيل آهي ۽ هنن جو مطالبو آهي. اهڙي نموني راند کيڏندڙ ملز انتظاميه ۽ انهن کي پئسن عيوض تحفظ ڏيندڙ ماحوليات ۽ ايريگيشن عملدارن جي مجرماڻه غفلت جو نوٽيس وٺي ملوث ڌرين تي ملڪي قانون موجب ڪارروائي ڪري زهريلي پاڻي جي ڇوڙ بند ڪرائي هتان آجيوت بي قيمتي انساني جانين کي بچايو وڃي.