غافل غفلت ڇوڙ ، تون ڪئن اڻاسي اوجھَرين

هوءِ چُپَاتا چڙهي وئا ، وڃي پهتا توڙِ

نيڻن ننڊ اَکوڙ ، جَمَ وڻن ۾ واڪا ڪرين

 

دراصل ان علامت جي اوٽ لطيف سائين عام انسان کي آگاھ ٿو ڪري ته مقصد ماڻڻ لاءِ سجاڳيءَ جي سخت ضروت آهي. تنهن ڪري تون غفلت ۾ غلطان ٿي پاڻ کي مصيبتن جي مَچَ ۾ نه ڦٽو ڪر. نه ته توکي پشيمانيءَ جا هٿ مهٽڻا پوندا.

انسان جا به ويرا آهن. ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن. سسئيءَ کي به جڏهن دردن تپايو پئي ته ان وقت کانئس پنهنجي ڪوتاهي وسري ٿي ويئي. پوءِ پرپٺ پنهونءَ کي پئي ميارون ڏنائين.

 

ڏونگر ڏوراپو، پهرين چونديس پرينءَ کي 

پهڻن پير پٿون ڪيا ، تريون ڇنيون تو

رحم نه پيئي نه روح ۾ ، قدر منهنجو ڪو

واڪو ڪنديس وو ، مونسين جبل ٿو جاڙون ڪري

 

هونءَ ته سندس ڏوراپو ڪنهن حد تائين ٺهي به پيو، ڇوته پنهل کيس غفلت جي ننڊ ۾ ڇڏي ڀائرن سان روھ ڏانهن راهي ٿيو. پر ان ڏوراپي جي ته نوبت ئي نه اچي ها جيڪڏهن هوءَ اکين کي اوجاڳو ڏيئي پنهونءَ جو سيج تي انتظار ڪري ها. ٻين لفظن ۾ ته اهو سسئيءَ جي پنهنجي ئي سُستيءَ ۽ غفلت جو نتيجو هو جنهن کيس پهاڙن جي اڻانگن پيچرن تي پنڌ ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سندس پير پٿون ٿيا. تريون ڇلجي پيون ۽ لَٽا ليڙون ٿيا. چنڊ جهڙو چهرو ڪومائجي ويو.

سسئي جڏهن ڪيچين کي ڪچو ٿي ڪيو ته لطيف سرڪار ان گھڙي کيس وري به پنهنجي غفلت ۽ ڪوتاهي ياد ڏياري ۽ چيو ته مئن وانگر سويلي ئي مُنهن ويڙهي سمهين ته پاڻ رهينءَ. پنهنجي اکين کي اوجاڳي تي هيرائين ها ته هرگز توکي هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. هاڻي هٿ وڍيءَ کي وساري ڪيچين کي ڪَچو پئي ڪرين! هاڻي ته توکي ايڏي غفلت ۽ غلطيءَ جو ازالو ڪرڻو ئي پوندو.

 

منهن ويڙهي مئن جئن ، سُتينءَ سنجھي ئي

اوجاڳو اکين کي ، ڄاتئي نه ڏيئي

هٿان تو پيئي ، ٿي ڪَچو ڪيچين کي ڪرين

 

سُر ڪوهياريءَ ۾ لطيف سائين انسان کي سسئيءَ جي ان صبر آزما ۽ عبرت انگيز سانحي مان سُجاڳي جو سبق سکڻ جي هن ريت هدايت فرمائي ٿو:

جيڪي سسئيءَ وانگر سويل ئي نرم بسترن تي پير ڊگھا ڪري سويل ئي سمهي رهنديون، انهن جو سپرين ائين ساٿ ڇڏي هليو ويندو، جئن پنهل ڄام، سسئيءَ کي سيج ۾ سُڃ ڳڻائي هليو ويو.

 

جڏهن سُتيون جي ، پٿر پير ڊگھا ڪري

تڏهن تنين کي ، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو

لطيف سرڪار ان رات جي اهميت متعلق سسئيءَ کي سُڌِ ڏيندي چوي ٿو ته توکي کپندو هو ته اها رات مهمانن سان گڏ ويهي گذارين ها. پر تو ته اها رات اکين تي گذارڻ بجاءِ غفلت ڀري ننڊ ۾ گذاري. تڏهن ته توکي ان غفلت جي نتيجي ۾ اهي ڏوٺ ڏينهن ڏسڻا پيا.

ليل نه جاڳين لک سين ، ڪُلي نومُ ڪئاءِ

قُم ٿي پهچ قريب کي ، اِجلس تو نه جُڳاءِ

مُٺي مهمانن سين ، ويهي رات وِهاءِ

جيلاه ننڊ نئاءِ ، تي روز روئين ٿي راه کي

 

ساڳي ئي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي.

 

ليل نه جاڳينءَ لک سين ، سُتينءَ رات سڄي

هتان هوتاڻين جيون ، ويون خُرزِينُون کڄي

ڀوري تو ڀڄي ، سَبَبِ ڪنهه ساٿ مِڙين

 

آخر هڪ مرحلي تي سسئيءَ کي پنهنجين ڪمين ۽ ڪوتاهين جو شدت سان احساس ٿيو. هاڻي هوءَ بي حد شرمسار هئي. پر هن همت ڪونه هاري. همت ۽ حوصلي جي پيڪر هيءَ نحيف نماڻي عورت وِيرئون وير وَڌ هئي. اڳتي وڌندي رهي. هن کي هاڻي اهو به احساس ٿيڻ لڳو هو ته پنهل ڄام سان ڀلا سندس حجت جي واٽ ڪهڙي! هن ته پاڻ کي جهڙي تهڙي ٻاروچن جي ٻانهي سڏائڻ ۾ فخر محسوس پئي ڪيو. پاڻ کي هيچ ۽ نيچ سڏيو. جانب جي ته جُتيءَ مَٽ به پاڻ کي ڪونه ڀانيو. ڀلا جنهن محبوب سان اَزلَ جو انگ هجي، ان کي ڪو وساري به سگھجي ٿو ڇا!

 

جيهي جي تيهي ، ته به ٻانهي ٻاروچن جي

حجت هوت پنهونءَ سين، مون ڪميڻيءَ ڪيهي

هو جا پائن پير ۾، تنهن جُتيءَ نه جيهي

وِساري ويهي، تن ڪيچين کي ڪيئن رهان