گمشده پيار ۾

                                                                          ساجد چانڊيو


هڪڙي سرخي پڙهي اڄ جي اخبار ۾

ڪير گم ٿي ويو گمشده پيار ۾.

 

هن کي جيتي وڃڻ جي تمنا رهي،

مان به خوش پئي رهيس پنهنجي ئي هار ۾.

 

پيار هُن کان ڪڏهن ڪين ملندئي پرين،

تنهنجي اوقات ڇا سون بازار ۾.

 

چنڊ کان وڌ حسين، بخملي جو بدن،

ڇوڪري پوءِ به مصروف سينگار ۾.

 

چاهتن جا ٻڌي پير رشتن وڌا،

چاهه جو ساهه رشتن جي اختيار ۾.

 

هڪڙي سرخي پڙهي اڄ جي اخبار ۾

ڪير گم ٿي ويو گمشده پيار ۾.