ٻولين سان اسان جو ورتاءُ ۽ سنڌي ٻولي

احرار يوسف


سال 2008ع کي گڏيل قومن جي اداري طرفان ”ٻولين جو سال“ قرار ڏنو ويو هو. ان جو سبب اهو هو ته لسانيات جي ماهرن ۽ تاريخدانن اهو خدشو ظاهر ڪيو هو ته عنقريب 30 کان 35 ٻوليون دنيا منجهان ختم ٿي وينديون ۽ جيڪڏهن ٻولين جي ختم ٿي وڃڻ جو حال اهڙيءَ طرح رهيو ته اسين ڪيترين ئي ٻولين ۽ انهن سان لاڳاپيل ثقافتن تان هٿ ڌوئي ويهنداسين.

سنڌي ٻوليءَ سميت دنيا ۾ تقريبن 2000 جي لڳ ڀڳ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. انڊيا اهو ملڪ آهي، جتي تمام گهڻيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. اهيءَ طرح ۾ به ڪافي اهڙا ڳوٺ آهن، جن کي پنهنجي پنهنجي ٻولي آهي. دنيا منجهان اهڙيون ٻوليون جيڪي تمام ٿورن ماڻهن جي وچ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، اهي ختم ٿينديون پيون وڃن. انڊيا ۾ آهستي آهستي انگريزي ۽ مغربي دنيا ۾ تقريبن هرهنڌ عربي رائج ٿيندي پئي وڃي. اتر اسپين ۾ ڳالهائي ويندڙ ”باسڪ“ ٻولي بلڪل ختم ٿيندي پئي وڃي.

اسين موئن جي دڙي جو ئي مثال وٺون ته هن علائقي جي ٻولي سڃاڻپ ۾ نه اچڻ ڪري هتان جي تاريخ ۽ ثقافت کي چڱيءَ ريت نه ڄاڻي سگهيا آهيون، صرف قياس آرائين جي بنياد تي موئن جي دڙي جي تاريخ جوڙي ويئي آهي.

مٿين مثالن منجهان اسين سولائي سان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته ٻوليءَ جي ختم ٿي وڃڻ يا سڃاڻڻ ۾ نه اچڻ ڪري ڪيترو نقصان ٿئي ٿو. ٻولين جي ختم ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن يا اُهي ڪهڙن اثرن هيٺ اچي پنهنجي اصليت وڃائي ويهن ٿيون، اِهو ڄاڻڻ تمام ضروري آهي. هتي آئون پاڪستان ۾ (سنڌ کي چڱيءَ ريت جائزي ۾ رکي) ڳالهايون ويندڙ ٻولين سان ورتاءَ ۽ انهن تي مختلف ٻولين جي اثرن بابت ڪجهه وضاحتون بيان ڪندس.

پاڪستان جي آزاديءَ کانپوءِ ٻولين تي ڄڻ ڪارا ڪڪر اچي ويا هئا. ڪنهن وقت ”ون يونٽ“ جي ڇپ ڪيرائي ويئي ته ڪنهن وقت ”اردو ميڊيم اسڪول سسٽم“ جهڙا جبري حڪم ناما جاري ڪيا ويا. انهن دورن ۾ اسان جي سجاڳ اديبن ۽ متحرڪ ماڻهن پنهنجي ٻولين جي حفاظت لاءِ ڪاٺ ڀيڙو ٿيڻ ته قبول ڪيو پر ٻوليءَ کي ڪو ڇيهو رسڻ نه ڏنو. سنڌ هجي يا سرحد، پنجاب هجي يا بلوچستان يا بنگال جا اديب هجن. انهن آمرن جي قهري حڪم نامن خلاف متحد ٿي ٻولين تي ظلم ڪندڙن سان مهاڏو اٽڪايو. ڪافي اديبن جا ڪتاب ڇپجڻ کان روڪيا ويا ۽ ڪافي ڇپيل ڪتاب ساڙيا ويا.

سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ شيخ اياز، امر جليل ۽ ٻين اديبن شاعرن جي ڪتابن تي بندش وڌي ويئي ۽ انهن کي جيل ۾ به وڌو ويو پر چوندا آهن ته سچائيءَ کي جيترو زور سان دٻايو ويندو آهي، اُها اوتري ئي مٿي اڀري ايندي آهي، سو انهن سڄاڻ شخصيتن جي ڪري ٻولين کي ڪوبه لهر لوڏو نه آيو. دنيا جي ڪابه ٻولي اهڙي ناهي جيڪا خراب هجي. پاڪستان جي هر ٻوليءَ ۾ هڪ عجيب سُرور ۽ ميٺاج آهي ۽ هر ٻوليءَ جي ادب ۾ ست ئي رنگ وسن ٿا. پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين کي جيڪو هينئر نقصان رسيو آهي، اهو والدين ۽ ميڊيا جي طرفان آهي. اڄڪلهه گهرن ۽ ميڊيا تي جهڙي نموني جي ٻولي ڳالهائي پئي وڃي، اها دل جهوريندڙ آهي.

ڪوبه ماڻهو هڪ ئي وقت ”هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ“ يا ”ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائيندڙ“ ٿي سگهي ٿو. پر ٻولين جي هن مڪسچر جو مطلب ڇا آهي؟

- بيٽا Chair تي Sit ڪيو.

- Even ايتري قدر جو مونکي Fine ڀرڻو پيو.

- Now اسان توهان جي Favourite Song کي Play ڪنداسين.

هي اوهين روز ٻڌندا هوندا يا غلطيءَ سان ڳالهائيندا به هوندا. ڇا اسين هنن جملن جي ادائگي ڪنهن هڪ ئي ٻوليءَ ۾ نه ٿا ڪري سگهون؟

- پٽ ڪرسيءَ تي ويهو.

- ايتري قدر جو مون کي ڏنڊ ڀرڻو پيو.

- هاڻي اسين اوهان لاءِ اوهان جو پسنديده گانو هلائينداسين.

يا وري اسين هي ٽئي جملا انگريزي ٻوليءَ ۾ يا اردو ٻوليءَ ۾ به ادا ڪري سگهون ٿا. پر هن ”اڌوگابري“ ٻوليءَ جا اسين عادي ٿي ويا آهيون. والدين پنهنجي ٻارن سان اها اڌوگابري ٻولي انهيءَ ڪري ٿا ڳالهائين ته جيئن هنن جا ٻار انگريزي سکن. ميڊيا تي ايندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون انهيءَ ڪري ٿا ٻولين جو شڪارپوري اچار ٺاهن ته جيئن ٻڌندڙ هنن کي پڙهيل لکيل محسوس ڪن.

دراصل ٻوليءَ جي معاملي ۾ اسين احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهيون. اسان کي پنهنجي مادري زبان يا علائقائي زبان ۾ ميڊيا تي يا بين الاقوامي سطح تي جيڪڏهن ڪٿي ڳالهائڻو آهي ۽ اسان کي ڪا جهل پل به نه هوندي آهي تڏهن به اسين خبر ناهي ڇو پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي شرمندگي محسوس ڪندا آهيون. اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان انضمام الحق جڏهن اردو ۾ سوالن جا جواب ڏيندو هو ته اسان جي ميڊيا وارا هن تي ٺٺوليون ڪندا هئا. ان جي جاءِ تي دنيا جو پهريون نمبر ٽينس جو رانديگر راجر فيڊرر جيڪڏهن سوئس (سئٽزر لينڊ جي ٻولي) ۾ ڳالهائيندو آهي يا ٽينس جو ئي ٻيون نمبر رانديگر رفائل نيڊال اسپينش ٻولي ڳالهائيندو آهي ته هنن جي ديس جا ماڻهو هنن تي تمام گهڻو فخر محسوس ڪندا آهن.

هنن ڳالهين ڪرڻ جو مقصد اهو اصل ناهي ته ماڻهو پنهنجي مادري زبان کان علاوه ٻي ڪا ٻولي سکي ئي نه، بلڪه گهڻيون ٻوليون سکڻ ته پنهنجي ئي ٻولي ۽ ان سان لاڳاپيل ثقافت لاءِ تمام گهڻو مفيد آهي. اسين پنهنجي لاثاني شاعر سائين شاهه ڀٽائي رحه جي جڏهن شاعري پڙهون ٿا ته، اُها ڪنهن هڪ علائقي جي باري ۾ ناهي بلڪه سنڌ جي هر علائقي، جتي جتي شاهه رحه سائين جو وڃڻ ٿيو ۽ سنڌ کان ٻاهر به جن علائقن کي سائينءَ پرکيو انهن بابت شاعريءَ ۾ بيان ڪيو اٿس ۽ ايترو ئي نه بلڪه شاعريءَ ۾ نوان نوان لفظ استعمال ڪيا، اٿس جيڪي ٻاهرين ٻولين ۾ هئا.

شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا وارن ڪتابن ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۽ ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ مختلف هنڌن تي اهو ڄاڻايو آهي ته جيڪڏهن هو ٻاهرين ٻولين کي چڱي نموني نه پڙهي ها، فارسي، عربي ۽ انگريزي ادب جو مطالعو نه ڪري ها ته سنڌي شاعريءَ ۾ هو ڪڏهن به نوان رنگ آڻي نه سگهي ها ۽ نه ئي وري گهڻي تعداد ۾ ڪتاب لکي سگهي ها.

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ماضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ لاءِ ڪي جامع قدم کڻي سگهيو آهي يا نه ان تي بحث نه ٿا ڪريون، پر هن نئين ۽ قابل انتظاميه ۾ ڪافي اميدون رکي سگهجن ٿيون. اسان کي هِن ڳالهه جي تمام گهڻي خوشي آهي ته هن اداري جون واڳون هڪ قابل اديبه جي هٿ ۾ ڏنيون ويون آهن.

ميڊيا وارن کي پرزور التجا آهي ته مهرباني ڪري هدايتڪارن کي سکيا ڏياريو ۽ رڳو ڌاڙيل ۽ پوليس ڪلچر وارا ڊراما نشر نه ڪريو. ڊرامن ۾ ڏيکاري ويندڙ ثقافت ۽ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ڪنهن به طرح سان اسان جي خوبصورت ۽ امن پسند معاشري جي عڪاسي نه پئي ڪري. آخر ۾ هٿ جوڙ منٿ والدين کي ڪجي ٿي، جن جي هٿن ۾ آئندو پلجي رهيو آهي. منهنجي استاد محترم جو چوڻ آهي ته ”مون کي اهي والدين تمام گهڻا پسند آهن، جيڪي ڳوٺن ۾ رهن ٿا ۽ هڪ ٻولي ڄاڻن ٿا، پر اها ٻولي هنن کي چڱيءَ ريت اچي ٿي ۽ اهڙي طرح سان اها ٻولي انهن جي ٻارن ڏانهن منتقل ٿئي ٿي.“ والدين پنهنجي ٻارن کي ٻولي سيکارڻ وقت اها ڪوشش ڪن ته هو، جنهن به زبان ۾ ڳالهائي رهيا آهن، انهيءَ زبان جو پورو جملو ڳالهائين. ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ ملائي هڪ جملي ۾ استعمال ڪرڻ سان ٻار صحيح نموني ڪابه ٻولي نه سمجهي سگهندو.

آئون ڄاڻان ٿو ته تنقيد ڪرڻ تمام سولو عمل آهي ۽ مون کي گهڻو حق ڪونه ٿو پهچي ته ادارن جي ڪارڪردگيءَ بابت ڪجهه لکان ڇاڪاڻ ته آئون پاڻ اوڻاين سان ڀريل آهيان. بس! عرض اهو آهي ته اسين پنهنجي ٻوليءَ ۾ نوان رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پنهنجي ثقافت کي اهڙو سهڻو ۽ سيبتو ڪريون جو اها تاقيامت سنڌ جي ثابتي ڏيئي.

ٻوليون سڀ مٺڙيون آهن. انهن جا ڪجهه ڳالهائيندڙ جيڪڏهن ڪي غلطيون ڪن ٿا ته انهن ۾ ٻولين جو ڪو ڏوهه ڪونهي. اسين ته وڏا خوشنصيب آهيون جو اسان جي ٻوليءَ ۾ نثر ۽ نظم جو وڏو خزانو موجود آهي. بس ان خزاني کي اجايو ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت آهي.