|
رسمن جي ور چڙهيل عورت جي نانءِ....! راز شاهاڻي هوءَ جا درد نگر جي رهواسڻ! جنهن جي سُونهن سويرن جهڙي، پنهنجي نرم گداز نظر سان، معصوميت مان، هر پل منهنجي خيالن جي، ڳڙکي کولي، پنهنجو درد ٻُڌائي ٿي ۽ مون کان ڪجهه لکرائي ٿي!
هن جي رنج الم جو قصو، سانجهيءَ جيئن غمگين لڳي ٿو، شروع ڪجهه هن ريت ٿئي ٿو: هُوءَ جا پنهنجي بابي جي وڏور نياڻي، جنهن کي پنهنجي پيءُ پڙهائي، نخرن ساڻ نپايو هو، پر هُن کي پنهنجي مرضيءَ پويان، زوريءَ بدي ۾ پرڻايو هو- ڄڻ ڏيج ۾ درد ڳڻايو هو-
هُن چَپ سان چُپ سجائي، پنهنجي هَڙ وڃائي هُئي گهر جي پَت رهائي هُئي
هُن جي ڏولي هڪڙي ڏينهن، سُهراڻي پار هلي وئي، ٿي اباڻن کان ڌاري هلي وئي. نئون گهر نوان رشتا ها، ڪجهه سهنجا ها، ڪجهه اَهنجا ها، پر هُوءَ جا پنهنجي باباڻن جي، پياري، ساهه سيباڻي هُئي، گهر واري جي گهر ۾ ڄڻ ڪِني ۽ ڪسبياڻي هُئي ڇا جي لاءِ جو هُن کي، پهريون پُٽ نه پر، ڌيءَ ساماڻي هُئي- هُن جي جوڀن کي لوساٽ لڳي وئي، خوشين کي ڄڻ کاٽ لڳي ويو هُن جي چَپ جا گُل گلاب ڪومايا ڪنوارا، ڪومل خواب ڪومايا پوءِ هڪڙو اهڙو ڏينهن به آيو هُن کي هِن جي دائي، ڌيءَ جي پويان ڌيءَ ڄڻائي هُن جي رهيل خوشين کي ڄڻ تيلي ڏئي باهه لڳائي- هُن تي مڙسس مُنهن گهنُجايو سسڻس نئون پهه پچايو ڇوڪر جي ٻي شادي ٿيندي ڇوڪر جي ٻي شادي ٿي هن جي ڪمري ۾ ئي، ڪنوار جو بيڊ سجايو ويو هُن کي جيئري دفنايو ويو مُڙسس کي نئين ڪنوار ملي وئي هُن کي منهن تي گار ملي وئي- هُوءَ ٻار وٺي باباڻي آئي، هُن جي ننڍپڻ جي ڪمري کي، ڀاڄايُن ولاريو هو، هُن کي ائين لڳو ڄڻ بابي جو گهر ڌاريو هو- هُوءَ ڳاڙهي هُئي، نه ڪاري هُئي شاديءَ هوندي ڪنواري هُئي، معصوم صفا ويچاري هُئي رسمن جي پر ماري هُئي……!! |