پريت پياري

 مير محمد پيرزادو


مينهن ڪڻين لئه،

ٿر جي واري،

ڪيڏي ٿي واجهائي پيئي

                                هاءِ اُڃارِي، ٿر جي واري!

 

ڪوڪ فضا ۾،

پکي هوا ۾،

جهومي ٽاري

بِنا گهروندي، ڪوئل رُلندي،

عمر گذاري

                                هاءِ اُڃاري، ٿر جي واري!

 

ايندڙ آڙي،

ماري تاڙي،

ڪنهن ته اُڏاري

عڪس جهين جو ڀاڪر ۾ ڍنڍ،

سانڍي ساري

                                هاءِ اُڃاري، ٿر جي واري!

 

مُندَ مَٽي آ،

وِههَ، وٽي آ،

پريت پياري،

منهنجي جواني، توئي جاني!

کلندي کاري!

                                هاءِ اُڃاري، ٿر جي واري!