Book Review

’پاڻي ڙي پاڻي‘

حبيب لغاري


”ها مون پنهنجي اکين سان سانگهڙ کي ٻڏندي ڏٺو، رنس ۽ مون سميت سمورا درد رکندڙ ماڻهو رنا هوندا يا وري هنن ٻوڙيندڙ اڳيان ٻاڏايو هوندو. ڪجهه دوستن اوڇنگارون ڏنيون، ڪجهه دوستن پنهنجن ڏندن ۾ ڀڪوڙي اکين کي پٿر تي رکي ڇڏيو.“ سنڌي ادبي سنگت شاخ سانگهڙ طرفان ڇپايل ڪتاب ”پاڻي ڙي پاڻي“ (سانگهڙ جي ٻوڏ ڪهاڻي) ۾ شامل لالا قادر سريوال جون اهي سٽون سچ ته دل جي ترجمان ڪن ٿيون. منظور ملاح جي مرتب ڪيل هن ڪتاب ۾ انيڪ اهڙيون سٽون سمايل آهن، جيڪي ٻوڏ دوران سانگهڙ جي صورتحال کي اکين اڳيان آڻين ٿيون. هي ڪتاب انهن برسات متاثر ماڻهن کي ارپنا ٿيل آهي، جن انتظامي غفلت، سياستدانن جي نابالغي ۽ وڏيرڪي منافقت جو وڏي صبر ۽ بردباري سان مقابلو ڪيو. هن ڪتاب ۾ 13 مضمون، چار ڪهاڻيون، هڪ عدد غزل ۽ 2 نظم شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ ٻڏل شهر جي اها وارتا قلمبند ٿيل آهي، جنهن کي ماڻهن جا من سالن تائين وساري نه سگهندا. برساتي ٻوڏ جو ذڪر جڏهن به ڳالهين جي ڳوٺ ۾ کولبو تڏهن سچ ته انهي آفت جا منظر ذهن جي صحن ۾ اُڀري روح کي رتوڇاڻ ڪري وجهندا ۽ روح جي رومال تي انيڪ سڏڪن جا ستارا ٽانڪجي ويندا، بلڪل اهڙي تاريخ، اهڙيون سڏڪن هاڻيون ساروڻيون هن ڪتاب ۾ قلمبند ڪيل آهن، هر سٽ ۾ سڏڪو سمايل آهي، هر اکر اندر مان اُٿيل ڪو اُڌمو محسوس ٿئي ٿو، هن ڪتاب ۾ شامل پهريون مضمون اسحاق مڱريو جو لکيل ”هي سانگهڙ آهي“ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن سانگهڙ جي صورتحال، ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ برساتن کانپوءِ جو حال رکيو آهي، ان کانپوءِ محمد صديق انڙ جو مضمون ”هڪڙي هئي سانگهڙ“ ڏنل آهي، جنهن ۾ محمد صديق انڙ شروعاتي برساتن کان وٺي سانگهڙ جي ٻڏي وڃڻ تائين جون وارتائون قلمبند ڪيون آهن. هن جتي شهر ڪيئن ٻڏو جهڙن سوالن جا جواب لکيا آهن، اتي هن آبادي جي انخلا کانپوءِ جو حال به ٻڌايو آهي. هن جتي پنهنجي مضمون ۾ مصيبت جي ڏينهن جا احساس قلمبند ڪيا آهن، اُتي هن ايندڙ وقت ۽ برساتي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون آهن، هو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته ”هڪ معزز شخصيت جي مدد سان ايس ايس پي گهاري کي ٻڌڻ جو آغاز پئي ڪيو ته کيس اهو ڪرڻ نه ڏنو ويو، اها 9 سيپٽمبر جي تاريخ هئي، ان ڏينهن لڳو پئي ته سواءِ پوليس آفيسر ۽ ٻڏل گهرن جي رهواسين جي سڀني ڌوڪو پئي ڪيو، ڌوڪو پنهنجي پاڻ سان، شهر سان، شهر جي تاريخ سان، ماضي ۽ مستقبل سان. سڀ کان وڌيڪ انهن سان جن اعتبار ڪري کين مان مرتبي تي پهچايو هو، اهو حال هو ته ڪنڊو لڳو پير ۾ کوٽجي پيو گوڏو، پوءِ نيٺ جڏهن 5 کان 7 فوٽ پاڻي شهر کي ٻوڙيندو ايم اي جناح روڊ تي اچي پهتو ۽ نوابشاهه روڊ تي اچي بچو بادشاهه چوڪ کي لڳو ته جعفر سمجهو بگهڙ ته سچي پچي اچي ويو آهي. نيٺ نوابشاهه روڊ سان لڳو لڳ بند ٻڌو ويو، پر ان وقت تائين شهر ٻڏي چڪو هو ۽ 15 سيپٽمبر ٿي چُڪي هئي.“

بلڪل اِهو صدين جيڏو سچ آهي ته سانگهڙ شهر کي هٿ سان ٻوڙيو ويو، جيڪڏهن 9 سيپٽمبر تي بند ٻڌڻ ڏنو وڃي ها ته شايد ايترو نقصان نه ٿئي ها ۽ انيڪ گهر ٻڏي وڃڻ کان بچي وڃن ها ۽ هن شهر جا رهواسي دربدري جو درد نه ڀوڳين ها، محمد صديق انڙ ان وقت جي ساروڻين کي ساريندي پنهنجي مضمون ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”ابتدائي ڏينهن ۾ ڪو رولو ڪتو ڪنهن دِڪيءَ تي پناهه ورتل نظر ايندو هو ته، هو بکيو ساسي حسرت مان ڏسندو ئي ڏسندو هو، پر ٻُچڪاري کيس ويجهو اچڻ لاءِ دعوت ڏيئي پنهنجي مختصر روزي مان حصو پتي ڏيئي ڏاڍي تسڪين ايندي هئي، اهي سيلنسر ڦاٽل موٽر سائيڪل وارا رول ڇورا به ياد آيا جيڪي ٻرڙاٽ ڪري گذري ويندا هئا ته ڪاوڙ ڪندا هئاسين، اهي پاڙيسرين جا شرير ٻار به ياد آيا، جيڪي گليءَ ۾ گوڙ ڪري ننڊ ڦٽائيندا هئا ۽ موٽ ۾ دڙڪا کائيندا هئا.... ڇا ته قبرستان جو ماحول هو. ڪنهن بني بشر جو آواز ئي نٿي آيو. بني بشر ته ڇڏيو.... پکي پکڻ جو به نه....! توبهه منهنجا رب!“ هن ڪتاب ۾ شامل مضمون هڪ تاريخي دستاويز آهن، جڏهن به ماڻهو کولي پڙهندو تڏهن اهي منظر اکين جي آڏو تري ايندا. مير حسن مري پنهنجي مضمون شهر جانان جي اپڪٿا ۾ لکي ٿو ته: ”منهنجي دوست کان اڄ به اهو معصوم نٿو وسري جيڪو پنهنجي ماءُ پيءَ سان روڊ ڪناري رهيل هو. صبح ساڻ اُٿي ضد ڪندو هو ته گهر هلو ۽ پاڻي کي پٿر هڻندو هو ته تو اسان جا گهر ڇو ٻوڙيا آهن.“ هي ته هڪ ننڍڙي معصوم جي ڳالهه آهي، پر وڏڙن جي به اها ساڳي حالت هئي. هرڪو عجيب غم ۾ غلطان هو. شهر ته ٻڏي ويو، برساتون به گذري ويون، پر وڏي ناانصافي اِها ٿي، جنهن جي نشاندهي امر لغاري پنهنجي مضمون ۾ ڪئي آهي. ”سانگهڙ ضلعي انتظاميه جي گورنمينٽ آف سنڌ جي ڊيوٽي آفيسر (PDMA) ڪنٽرول روم ڪراچي کي موڪليل برساتن ۽ انهن جي نقصانن جي اپڊيٽ رپورٽ ۾ گهرن کي نقصان رسڻ يا ڪرڻ جي مد ۾ زيرو درج ڏسي مون کي پڪ ٿي وئي ته سانگهڙ جي ڪامورا شاهي کي ڪنهن جي پٺ آهي! ڪوڙي ڪارروائي گهر ويٺي لکي سنڌ حڪومت کي موڪلي ڏيڻ ۽ ان کي دوکي ۾ رکڻ جهڙي ٻي ڪهڙي غفلت ٿي سگهي ٿي.“

انهن مضمونن کانسواءِ هن ڪتاب ۾ منظور ملاح، عظيم رونجهو، ولي محمد خاصخيلي، بخش مڱريو، وفاعين غين سميت ٻين دوستن جا مضمون شامل آهن. استاد نظاماڻي، منظور ملاح، عبدالله نظاماڻي ۽ حسن خاصخيلي جون ڪهاڻيون به هن ڪتاب جو حصو آهن. رياض ڏاهري جو غزل ۽ منهنجا 2 نظم به هن ڪتاب ۾ شامل آهن. هي ڪتاب ڪيئن آهي، اِهو فيصلو اوهان پڙهندڙن کي ڪرڻو آهي. باقي هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ ڪهڙو مقام ماڻي ٿو، اِهو فيصلو وقت ڪندو.