چيڪي مٽيءَ جي مهڪ

مير محمد پيرزادو


شاعر ڪا آفاقي يا آسماني مخلوق نه آهي. پر هو توهان اسان جيان گوشت پوشت جو هڪ سماجي جانور آهي، جنهن کي سماجي قدر به نظر اچن ٿا. رشتا ناتا ۽ لڳ لاڳاپا به اڳيان آهن، رشتن واريون مانَ مَرجاتيون نفرتون ۽ محبتون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، ته ٻئي طرف اهو شاعر ڪنهن مخصوص طبيعت جو انسان به آهي. جيئن خوشطبع، رُکو، گهڻ ڳالهائڻو يا ماٺيڻو وغيره به آهي. ان ڪري اُن سماج مان جُڙندڙ سندس خيال ان جي تاڃي پيٽي ۾ جيڪي تندون ڪم آندل آهن، سي انهن مٿي بيان ڪيل رسمن جون ئي آهن، جن جا جهلڪا ان جي تخليق مان چٽا پٽا ڏسڻ ۾ پيا ايندا.

شاعريءَ ۾ ٻه مکيه ڳالهيون ڪم اينديون آهن: ”هڪ ڏات، ٻيو ڏانءُ“ سماج جي ڪاروهنوار مان اخذ ٿيندڙ ڳالهيون جذباتي دنيا سان ٽڪرجندي ڪو خيال جوڙين ٿيون، جنهن ۾ جذبو به پيوست آهي. اُهو هرهڪ ماڻهو وٽ هڪجهڙو نه آهي، ڪو ماڻهو ٿورو ڏکوئيندڙ ڳالهه تي خفا ٿي پوندو آهي ۽ روئي روئي راڱا ڪري ڇڏيندو آهي، ته ڪو ماڻهو تمام وڏي ڏک تي به سن ٿي ويندو آهي. اهو فرق ڏات جو آهي، جيڪا ڪنهن وٽ وڌ ته ڪنهن وٽ گهٽ آهي. ان ۾ زندگيءَ جا قدر، محبتون، نفرتون، رفاقتون، رقابتون وغيره جهڙا جذبا اچي وڃن ٿا. انهن جو فنڪارانا اظهار شاعري چوائي ٿو.

ته ٻيو آهي ڏانءُ جو پهلو، جيڪو به اوترو ئي اهم آهي. ڪنهن ڳالهه کي ڪهڙي قالب ۾ ڍالي، ڪيتري وِرڇَ ۽ ڪٿ سان پيش ڪرڻو آهي، ان کي ڏانءُ چئبو آهي. ڏات پيدائشي طور انسان ۾ موجود هوندي آهي. ڏانءُ سکيا جو، درس و تدريس جو ڪم آهي، جيڪو مشق سان رَچي بَسي ويندو آهي. پر اهي ٻئي شيون شاعر لاءِ يڪسان اهميت جوڳيون آهن، جن کي شيخ اياز پنهنجي لفظن ۾ هيئن سلجهايو آهي: ”بهترين معيار جي شراب کي اگر غليظ پيالي ۾ پيئو ته جيستائين وڃي ان جو اثر پيدا ٿئي، تيستائين ڪوبه مزو نه ايندو. پر جيڪڏهن بهترين ٺهيل هر هرين پيالي ۾ ڪو گهٽ معياري شراب پيئو ته اُٿندي ته مزو ايندو پر اُهي گهربل سرور نه چڙهندا. ان ڪري بهترين ۽ معياري شراب (تخليق، سوچون، خيال)، جڏهن خوبصورت پيالي (گهاڙيٽي) ۾ سامهون ايندو ته ٻئي سُڪون گڏجي هڪ جامع مزي کي جنم ڏيندا“ ان لاءِ هڪ بهترين شعري تخليق لاءِ اهي ٻئي هڪجيترا اهم آهن.

اسان جي اڳيان جيڪو شاعريءَ جو مجموعو آهي، اُن جو نالو آهي ”چيڪي مٽي“ ۽ سرجيندڙ اٿس غوث پيرزادو، جنهن کي سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 2010ع ۾ تازو ڇپي پڌرو ڪيو آهي. جنهن تي مانواري ڊاڪٽر فهميده حسين پاران به ٻه اکر، لکيل آهن. مهاڳ انور ابڙي صاحب لکيو اٿس. ديوي نانگراڻي ممبئيءَ مان ان تي پنهنجي مختصر راءِ لکي آهي ته اياز جانيءَ پڻ ان تي پنجن کن صفحن جو راءِ جو اظهار ڪري ڇپايو آهي. هن شعري مجموعي ۾ ڪل 160 صفحا آهن، جن مان نثر جا 24 صفحا ڇڏي ڪري باقي شاعريءَ کي 136 صفحن جو ڪئنواس ڏنو ويو آهي، جن ۾ ٻه صنفون آهن. هڪ غزل، جيڪي 102 صفحن تي آهن ۽ باقي 33 صفحن تي آزاد شاعري آهي.

جيستائين غزل واريءَ شاعريءَ جو تعلق آهي ته بحروزن جي ڪمين پيشين کي هڪ پاسي رکندي ۽ قافين جي صحيح يا غلط استعمال کي نه ڇُهندي. آئون فقط غزل جي وڻندڙ شين تي پنهنجي راءِ ڏيندس ته جيئن غوث کي اهو محسوس ٿئي ته ايڏي معياري شراب کي (تخليقي ڪاوش کي) اگر اوتري معياري پيالي (گهاڙيٽي ۽ ٽيڪنڪ) ۾ ڏئي ها ته هوند سون تي سهاڳ ٿئي ها. مون سندس 100 غزلن مان ڪجهه مثالي بند چوندي ۽ انهن تي پنهنجي راءِ ڏني آهي. جيڪا صافي صافي منهنجي ذاتي راءِ سمجهي وڃي. ان سان اگر ڪوبه شخص اختلاف رکي ٿو ته ان جو کيس پورو پورو حق پهچي ٿو.

شاعريءَ کي بنا ڪنهن تصنع جي فطري انداز ۾ بيان ڪرڻ:

جيئن ڪا شيءِ اکين سان ڏسجي بلڪل اونئن بيان ڪجي ۽ اها ڪمينٽري (Commentary) به نه لڳي. ان ۾ فنڪارانا مزيداري به هجي ته ان کي بيان جو فطري انداز چئبو آهي. ان قسم جا شعر استاد بخاريءَ جا، شمشيرالحيدريءَ جا گهڻا شعر، هري دلگير جا ڪجهه شعر ان ذمري ۾ بيان ڪري سگهجن ٿا. پر ان چس ۾ نارائڻ شيام سرفهرست ٿي بيهي ٿو. مثال طور: استاد بخاريءَ جو هڪ شعر آهي:

تولاءِ روئان ٿو چئين روئڻو،

تولاءِ کلان ٿو چئين کلڻو.

تون روئڻو چئين يا چئين کلڻو،

توکي جيڪي وڻي سو چَئُه سهڻا!

هڪ موت مئي جو ڀئه سهڻا!

ٻيو تومان نه ٿو ٿئي ڍَئُه سهڻا!

ڄڻ ته ڪي نثري جملا آهن، جيڪي هڪ وارتا بيان ڪن ٿا ۽ شعري پورائو پڻ. پر بقول محمد ابراهيم جوئي جي ته: ”اهڙو شعر پڙهي، پڙهندڙ چوندو ته ان ۾ ڇاهي. اهڙو شعر ته آئون به لکي سگهان ٿو. پر لکڻ ويهندو ته خبر پئجي ويندس ته اهو جيڪو ايترو سهل، سولو ۽ آسان شعر هو سو اوترو ئي لکڻ ڏکيو آهي.“ ان لاءِ مشاهدي جي تيزي ۽ لکڻ جو ڏانءُ لازمي آهي، شمشيرالحيدريءَ جي غزل هڪ بند آهي ته:

نهاري بيهاري ڇڏيئي ڇا ڪيئي!

اڙي يار! ماري ڇڏيئي ڇا ڪيئي!

هري درياني دلگير جي غزل جو ٿلههُ:

وڃي ڏينهن ڪيڏا وڌا ٿي سڄڻ!

هلي آءُ، پيرون پَڪا ٿي سڄڻ!

۽ نارائڻ شيام:

ڪئميرا جي سامهون ايندي،

پاڻ لڪائي ڪئميرا کان!

غزل ۾ بيان جو اهو انداز سنڌيءَ ۾ تمام ٿورن شاعرن ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو آهي، جيڪا هڪ نويل شاعر هوندي غوث ۾ خاصيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر اُن ۾ ٽيڪنيڪي پابندي بدستور گهربل آهي. ان ڏس ۾ غوث جي شعري مجموعي ”چيڪي مٽي“ ۾ ڪم آندل غزلن جي ڪجهه بندن جو مطالعو ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. جيڪي آهن:

مُرڪندي مُرڪندي مُرڪ ڀيٺي رُنبي،

هارياڻيءَ مٿان ڏينهن ڏاڍو تتو.

اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته سارين جي فصل جو رونبو تتن ڏينهن ۾ ٿيندو آهي:

بتي ٿي گهري، تيل روپئي سندو

تڏهن آ انڌيرو غريباڻي گهر ۾.

اتي غربت جي شدت بيان ٿي آهي جو نه چوندي به  شعر جي ادائيگيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان گهر جي ڌڻيءَ وٽ اُهو روپيو به نه آهي جو گهر ۾ ٻارڙن لاءِ روشني ڪري سگهي ها.

کاهوڙيءَ جو منزل ويندي

پيڙائن ۾ سجُ لٿو آ!

جيڪو هوندو ئي کاهوڙي ۽ پنهنجي مقصد لاءِ رڻ پٽ جهاڳيندو هوندو ان جو اڌ واٽ ۾ پيڙائن ڀوڳيندي ئي ڪٿي سج لهندو، نه ڪي ڪنهن سڪون ۽ آرامده نموني ۾ لهندو.

ڀنڀورين جي پٺيان ڀڄندي

ٻالڪ کي آ ٿاٻو آيو.

ظاهر آ ته ڀنڀورين ۾ هو ايترو ته محو هوندو جو سماءُ ئي نه پوندس ته ڪو اڳيان ڪا رنڊڪ به آهي، ان جو بيان، ٿاٻي کائڻ واري ٻالڪ جي بيان سان ڪيترو نه سادو، ڏٺل وائٺل ۽ فطري آهي. پر پوءِ به ان سادگيءَ واري بيان ۾ ڪيتري نه سونهن آهي!

بيان جي انداز سان اظهار ۾ شدت پيدا ڪرڻ:

جمال ابڙي جي ”پيراڻي“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙو نظام پيو اچي جنهن ۾ اگر ليکڪ بيان رستي شدت پيدا نه پيو ڪري ته سڄو مسئلو عام رواجي ۽ ڇسو ٿي پيو وڃي. اهو نظارو هو ته جبل تان لابارن لاءِ بروهي آيا ها. مزدوريءَ نه لڳڻ جي صورت ۾ واپس ڪيئن وڃن ۽ باقي ڏينهن اتي گذارو ڪيئن ڪن. ان لاءِ هو ننڍڙي نينگري، جنهن جو نالو پيراڻي هو، سا وڪڻڻ لڳا. وڪري دوران پيءُ ۽ ماءُ جو ٻچڙيءَ کان عمر ڀر وڇڙڻ جو ڏکوئيندڙ منظر ۽ ٻارڙيءَ جو ماءُ پيءُ کان اصل اصل لاءِ وڇڙڻ جو منظر ته هونئن ئي ڏکارو آهي. پر جمال لکيو ته جڏهن پيراڻيءَ کي خريد ڪندڙ کڻي هليو ته بروهين جي جهوپڙيءَ ۾ ٻڌل ٻڪريءَ به پنهنجي ڦرَ کي چٽڻ شروع ڪيو ۽ ڪتي انهن کي گهرن جي حدن تائين ڀؤنڪي ڀؤنڪي اماڻيو. ان بيان سان اهو منظر تهائين دکدائڪ بڻجي ويو ته جڏهن ٻڪريءَ به ڦر کي چٽڻ شروع ڪيو ۽ ڪُتي ڀؤنڪي انهن کي ٻاهر ڪيو ته پوءِ انسان کي بک انهن جانورن کان به ڪيرائي ڇڏيو جو اهو ڪجهه ڪري ويٺا، جيڪو هوند جانور به نه ڪن.

”هلي آ مرڪ تنهنجي کي سموريون ساوڻيون ارپيان،

جهڙاليون موسمون نيڻن مٿان اُڪري ويون آهن.“

مرڪ هونئن به سونهن جي علامت ۽ اظهار جو بهترين عمل آهي. پر جي ان سان ساوڻيون يعني جهُڙايون به ملي وڃن ته پوءِ ته سون تي سهاڳ جو ڪم ٿي ويو. جڏهن مرڪن کي ساوڻيون ارپينديون ته ظاهر آ ته نيڻن تي موسم جي لحاظ کان جهڙاليون ئي اُڪرنديون. اهو عام رواجي سهڻي منظر جي اظهار ۾ شدت پيدا ڪرڻ جو ڍنگ آهي، جيڪو هن نويل شاعر جي حصي ۾ خوشقسمتيءَ سان آيو آهي ۽ ڪيڏو نه وڻندڙ لڳي ٿو.

”بک ته مرڪي جيون گهارڻ چاهي پئي

ڪوئل ڪوڪون هن سان جوڙي ڪير ويو!

باک جو مرڪي جيون گهارڻ ڪيڏو ته مزيدار منظر آهي، پر انهيءَ مزي کي ٻيڻو ڪرڻ وارو انداز بيان وري اِهو آهي ته:

”ڪوئل ڪوڪون هن سان جوڙي ڪير ويو.“

”تهمتن جي ڏيهه ۾ گذري عمر،

لفظ گولي ٿي لڳا جيئن ڪنڌ کنيم.“

هونئن ئي تهمتن جي ڏيهه ۾ عمر گهارڻ ڪيتري نه اذيتناڪ آهي. پر جي ان ۾ ڪنڌ کڻڻ سان ڪي لفظن جون گوليون به اچي ٺڪاءُ ٿي لڳن ته ان اذيت واري حالت ۾ اظهار رستي ڪيتري نه وڌيڪ شدت ڀرجي ٿي وڃي.

ڳالهه هڪ ڪجي ۽ ان مان معنيٰ ٻي نڪري:

اهو پڻ منفرد شاعراڻو انداز آهي، جنهن سان ڳالهه هرڻ جي ڇال جي ڪجي پر خيال هرڻ جي سهڻين اکين ڏانهن کڄي وڃي. ڳالهه چهري کي لڪائڻ جي ڪرڻي هجي پر چئجي ته ان چنڊ کي نه لڪاءِ. جنهن سان چنڊ جهڙي چهري جو خود به خود ذڪر ٿي ٿو وڃي. جيڪو فن شاعريءَ ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو پر ڪمال جو آهي. پر اهو ڪم غوث ڪيئن ادا ٿو ڪري وڃي!

چنڊ کي هڪوار تون چمڪڻ ته ڏي

بند پروي ۾ چري چهرو نه ڪر.

ڏس ته ناريءَ جي ڪيئن گهاگهر مان،

رنگ وهيءَ جو ڇلڪي پيو آهي.

چپ اُڃارا، ٿوهرن جي ڏيهه ۾،

ريشمي ڪي وار ڳوليندا رهيا.

پيار ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو جي طبيعت ۾ تبديلي اچي ٿي وڃي:

انسان جيڪو هونئن ته بي اونو جيئي ٿو، نه ڪو انتظار نه ڪو الڪو. خوشيون ئي خوشيون. تان جو ان يڪسانيت مان بيزار بڻجي، حياتيءَ جي هئڻ ۽ نه هئڻ تي سوچي ٿو، پر جڏهن ڪنهن سان پيار ۾ ڦاسي ٿو ته ان جا ڏک پنهنجا ڏک ڪري سمجهي ٿو ۽ ان جي سکن کي پنهنجا سک. پر انهن ٻنهي تي ڪابه دسترس ڪانهيس. ٻئي جي وس ٿي جيئي ٿو ته ان جي صدقي حياتي پياري ته لڳيس ٿي پر ڪڙي يا مٺي پنهنجي وس ۾ ناهيس. جيئن:

شام لٿي ڪو تنها ڪوٺيءَ ۾ پيو گهُٽجي،

کلمک ماڻهوءَ ۾ هي روئندڙ فرد ڪٿان آيو!

يا اڳ ۾ جيڪي خواب نظارا ڏيکاريندا هئس، انهن ۾ ڪو پرچائيندڙ ۽ ريجهائيندڙ به گهڙي اچي ٿو ته پوءِ هيئن ٿئي ٿو:

اسان کي وساري سگهين ها جي دلبر!

ته خوابن ۾ شايد اچين ها نه هرهر.

ساڀيائن ۾ ڪاوڙجي آيس توسان جڏهين مان.

خوابن ۾ تون پرچائيندينءَ، سوچيو هو نه پرين!

اِن سان گڏوگڏ ٻئي جي ڪري ملندڙ ڏکن جو اندازو هن مان ڏسو:

ويا هن جهول ڀرجي پٿرن سان، ڪيئن جي سگهبو؟

پرين! هيءَ دوستيءَ جي راهه ڀي الزام ٿي وئي آ.

هن دؤر ۾ دهشتگردن جيڪو دارون ساڙيو، ٻاريو ۽ ڌرتيءَ اندر رکيو آهي، ان کي ڏسندي راڪاسن ۽ بگهڙن جو به شرم کان ڪنڌ جهُڪي ٿو وڃي، ڏسو ان جو ذڪر:

ڪيڏي آهي بانس هوا ۾، ساهه ٿو گهٽجي،

ڌرتيءَ اندر دارون پوکي وحشي مرڪي ٿو.

ڏسڻا وائسڻا ماڻهو جڏهن ڪنهن خسيس مفاد تي آدرش قربان ڪندا آهن ته ان دور جو شاعر هو چڱي ماڻهوءَ کي چتائي ڏسندو آهي ته خدا شل ان جي ڪارپت رکي:

واڪَ واريءَ واٽ تي توکي ڏسي احساس ٿيو،

هر سچو ماڻهو هتي آسان وڪجي ڇو وڃي؟

اياز هڪ بيت ۾ چيو آهي ته ”مون ۾ جيڪي ڪجهه هيو سو مون پنهنجيءَ تخليق ۾ اوتي ڇڏيو آهي. اي موت! توکي منهنجي مارڻ مان سواءِ مُٺي هڏن جي ٻيو ڪي به ڪين ملندو“. ان جيان هن غزل جي بند ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روايتن جي سيسر ٻڏل سهڻيءَ جو ماس ۽ ٻوٽيون پٽي ته رهيو آهي پر پيار ۾ سرانجام ڏنل هڪ ساراهڻ جوڳو وفا جو عمل، جنهن تحت سهڻي وفا ۽ قربانيءَ جو اهڃاڻ بڻجي وئي جو شاهه صاحب جهڙي عظيم شاعر کي چوڻو پيو ته: هلو ته پسون سهڻي، جاڪري ڄاڻي نينهن“. يا ”هونءَ ئي هوند هئي پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.“ ته اهڙو تاثر ڏياريندڙ غوث جي هن مجموعي جي غزل جو پڻ هڪ بند آهي ته:

روايت جو سيسر وڏي فخر سان

پٽي ماسر سهڻيءَ جو سهڪي پيو.

ڪيڏا به ترقيءَ جا ڀگل وڄن، هوڪرا ٿين، چي انسان مريخ تي پهچي ويو، چنڊ تي پير گهمايائين وغيره پر اسين سنڌي عمومن ۽ ان ۾ ٿري ماڻهو خصوصن اونداهين ۾ ڌڪيل ۽ وساريل پئي رهيا آهن:

اچي دور ترقيءَ سندو آهه ويو

ٿري اڄ به پاڻي کلين ۾ ڀرين ٿا.

۽ آخر ۾ ان معصوم ڪردار جي ڪٿا، جيڪو ٿر کان هڪ پل به پري رهڻ جي سڪت نه وساريندو هجي. پر پنهنجيءَ معصوميت وچان ڪنهن به ٿورڙيءَ ڳالهه تان ٿر سان جو چڙي پوي ٿو ته رات جو آخرڪار هيءَ حالت ٿيو وڃينس ٿي ته:

جو رٺو هو پنهنجي ٿر سان ٿورڙيءَ ڪنهن ڳالهه تي،

ٿي جنوني مينهن وانگيان رات ڀر وسندو رهيو.

ٿر جي اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي ته ان جي مڪمل جيوت جو دارومدار مينهن تي آهي. ان لاءِ شاعر ان ٿر جي جدائيءَ ۾ روئيندڙ ماڻهوءَ کي ”مينهن جيان رات ڀر وسندو رهيو“ چئي، ٿر جو انهيءَ ماڻهوءَ سان پيار ظاهر ڪيو آهي ته ٿر تي رات ڀر مينهن جيان وسندڙ چئي، ان ٿر کان ٿورڙيءَ ڳالهه تي ڪاوڙيل شخص جو جنون ۾ اچي ٿر لاءِ رات ڀر تائين مينهن جيان وسندو رهڻ جو منظر ان شخص جي ڪيڏي نه صحيح پهي ۽ ايماندارانا نمائندگي ڪئي آهي.

ان ايڏي عظيم ڏات جي موجودگيءَ وارو شاعر جو قافئي سان زيادتي ڪري، ڪٿي مٽيل بحر جو استعمال ڪري ته ڪٿي وري وزن کٽل هجي ته افسوس ته اهو ٿو ٿئي ته ان مجموعي کي ڇپائڻ کان اڳ ۾ ان جي درستگيءَ لاءِ ڪنهن ڄاڻو دوست کي ڏيکاريو ڇو نه ويو. اگر ائين ٿيندو رهندو ته پوءِ اِهي ايڏي اوچي تخليقي صلاحيت وارا ماڻهو سدائين اِن کوٽ کي پاڻ سان گڏ کنيون پيا هلندا، يا ان کان بدظن ٿي مورڳو شاعري ڪرڻ ئي ڇڏي ويندا. سوچيئي نه ٿو سگهجي.

شيخ اياز جيڪو اسان جي جديد شاعريءَ جو استاد شاعر هو ۽ همعصر اردوءَ جي شاعرن وٽ به اوترو ئي مقبول هو. ان لاءِ مشهور آهي ته جڏهن به سندس اوائلي شاعريءَ جا مجموعا ڇپجڻ لاءِ ويندا هئا ته ان کان اڳ ۾ همعصر دوستن جي ان جي درستگيءَ ۽ چونڊ توڙي قبوليت لاءِ ڪيئي اهڙيون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. توڙي جو هن کي جيڪا شاعريءَ جي فنڊ تي مهارت حاصل هئي، ان کان ڪوبه انڪاري نه آهي. پر پوءِ به صلاح مشوري سان تخليق ۾ صحيح درستگيءَ ۽ گهاٽي واڌي سان زياده نکار اچي ٿو وڃي. ڇو ته ڇپجڻ کان پوءِ ته ان جي درستگي نه ٿي سگهندي ۽ اهي ڪميون پيشيون سدائين لاءِ ان ۾ رهجي وينديون. جيئن صفحي نمبر 108 تي آيل غزل ۾: سهيلي، پرولي، ماري، اڇوتي، ڪهاڙي ۽ ڏکيري قافيه صحيح پهي ملندڙ نه آهن، پر هينئر اُهي جيئن جو تيئن رهڻا آهن، ڇو ته اُهو ڪتاب ڇپجي جو ويو.

اميد ٿي ڪجي ته نيڪ نيتي سان ڪيل هن ڪاٿي جو مان ٿيندو ۽ معزز ليکڪ پنهنجيءَ تخليق جي جتي اوچاين جي ڄاڻ حاصل ڪندو، اتي ان جي اوڻاين پوڻاين کان به واقف ٿيندو:

تان جي توريائون، ته عيب نڪتا اڳرا،

ڪوٺي ڪاپائتيءَ کي، پَرِ ۾ پڇيائون،

اگلڙي آءٌ، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا. (شاهه)