’کامان، پچان...‘

آفتاب ميمڻ


پوئين هفتي يعني سومر 23 جنوري جي عبرت ۾ هِن ئي عنوان سان موضوع جي شروعات ڪيم. موضوع کي اڳيان وڌائڻ کان اڳ ضروري ٿو سمجهان ته هڪ وضاحت يا تصحيح ڪريان. ماڻهوءَ جو ذهن ۽ اُن جي ياداشت ڪيڏا به چِٽا هجن پر ذهن ۾ ڪڏهين ڪڏهين واقعا، نالا يا حقيقتون بنا سبب به هڪ جي ٻيءَ ۾ منجهائڻ جي ڪندا آهن يا وري لکڻو ڪجهه هوندو ته لکي ڪجهه ويندو آهي. تنهن ڪري ئي مستقل لکاري مسودي کي ورجائي ورجائي پڙهندا آهن ته جي غلطيون هجن تن کي دُرست ڪيو وڃي. ڪجهه عادت گهٽ آهي وري ڪنهن مهل غائب دماغي، جڏهن مضمون ڇپيو ته پڙهيم به سهي پر ذهن تي ڪو نه آيو تان جو رات جڏهن موضوع کي ڳنڍڻ لاءِ ٻي قسط لکڻ جي ڪيم ته ڇپيل مضمون هڪ دفعو وري پڙهڻ لاءِ کوليم ته هڪدم غلطي جو احساس ٿيو.

انقلابِ فرانس جي هر اول جٿي طور دانشورن ۾ والٽيئر سان گڏ سيسرو (Cicero) جونالو به مون کان غلطي ۾ لکجي ويو. ذهن ۾ ڊڊيرو يا ........Diderot جو نالو هيو ۽ ڊڊيرو ۽ سيسرو جي هم قافيه هئڻ ڪري شايد لکجي ويو. جيتوڻيڪ هر هڪ کي خبر هوندي ته سيسرو سلطنتِ روما جو سينيٽر هيو. پهرين ۽ ٻي صدي قبل مسيح ڌاري جوليس سيسزر ۽ مارڪ انٽوني جو همعصر هيو. ڏاهپ، فصاحت ۽ بلاغت ۾ سندس مٽ ڪو گهٽ ئي هيو ۽ ڊڊيرو يا ڌيڍرات يعني Dennis Diderot ارڙهين صدي جو دانشور، محقق ۽ انقلابي هيو.سندس علم ۽ دانش پهريون دفعو هڪ جامع انسائيڪلوپيڊيا ڇپائي. 1728 ۾ ڇپجڻ واري هن انسائيڪلو پيڊيا جا فرانسيسي زبان ۾ هئي جو انگريزي ترجمو ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ مڪمل ٿي وڪري لاءِ آيو. فرانسيسي زبان ۾ اصل ڪيل ڪم 280 جلدن ۾ هيو ۽ منجهس 71818 مضمون هيا جن ۾ روسو ۽ والٽيئر جهڙن دانشورن جا ڪم به هيا. ڊينس ايڊيٽر اِن چيف هيو۽ سياست، مذهب، موسيقي، فلسفو ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي لکيائين. والٽيئر تاريخ، ادب ۽ فلسفي تي لکيو ته روسو سياسي نظريات ۽ موسيقي تي لکيو. فرانس جا مشهور دانشور هن انسائيڪلو پيڊيا جي تياري ۾ شامل هيا. هي ئي هيو جو ويڙهه ۾ شامل رهيو. هن سڄي اُپٽار جو مقصد هڪ ته رڪارڊ کي درست رکڻ هيو ۽ ٻيو اهو افسوس ڪرڻو هيو ته مضمون لکندي هڪ غلط نالو، چاهي اُهو غير ارادي طور هجي، لکجي ويو. جڏهن سنجيده موضوعن تي لکڻ جي ڪجي ٿي ته حقائق، نالا ۽ واقعا ڇنڊڇاڻ سان هُجن.

اصل موضوع جي پس منظر ۾ نه ته گل و بلبل جي داستان هئي نه ئي ڪو ذاتي سوچ جي ڪا اُپٽار هئي. ڪوشش ڪيم ته هڪ منطقي ۽ سائنسي ڇنڊڇاڻ لاءِ رستي جو تعين ڪرڻ لاءِ بنيادي نڪتن کي منظرعام تي آندو وڃي. مختصرن ۽ عمومي طريقي سان چند گذارشات پيش ڪرڻ جي ڪيم ته:

1. سماجي ۽ معاشي ناهمواري جو ڪارڻ انساني رويا ۽ روش آهي ۽ انهيءَ کي حڪمران ٽولن جي حرص ۽ اک ٻوٽ وڌي منجهايو آهي.

2. مقامي استحصالي ٽولو گهڻ قومي استحصالي ٽولي سان سهڪار ۾ هوندو آهي.

3. ماڻهن کي ڌڻ مثل اڳيان لوسڻ۽ پويان لٺ هڻي حڪمتون پنهنجي دوام جو ڪنديون آهن.

4. ماڻهن جو بي زبان ڌڻ فروعي ۽ غير ضروري ڳالهين ۽ بحث ۾ ته سڄو ڏينهن گذاري ٿو پر جتي سندس تقدير جا فيصلا ٿين ٿا ته اُتي هو گونگو ۽ ٻوڙو آهي.

5. ته انهيءَ بي حسيءَ جو سبب سياسي ۽ سماجي ترتيب جو فقدان به آهي ته اُن کان وڌيڪ استحصال ٽولي جو عام ماڻهو جي ذهن کي نيستو ۽ ڪمزور ڪري کانئن سندن آزاد سوچ کسي وٺڻ آهي.

6. ته استحصالي ٽولي رومي جرنيل Quintus Fabius Mayimus جي طريقه ڪار يا فيبئين اندازِ حڪمت عملي کي نئين انداز ۾ رائج ڪيو آهي.ٻه قدم اڳيان ۽ هڪ قدم پٺيان ته جيئن سامهون وارو اُن کي ڀاڄ جي معنيٰ ڏي تنهن کي ائين ڪيوآهي جو اڳيان وڌيل قدم به يورپ جي فيبئين سوسائٽي جي برعڪس عوام لاءِ هڪ مسخ شده ۽ بظاهر فائده مند قدم هجي پر اصل ۾ هاڃيڪار هجي ته ويتر ماڻهو ذهني طور وڌيڪ ڏٻرو ۽ نيستو ٿئي.

7. استحصالي ٽولي گوبلز جي پروپئگنڊا جي هٿڪنڊن کي نئين شڪل ڏني  آهي جي مسئلا نه آهن اُتي دونهون دکايو. هِتي دُکايو، هُتي دکايو. متان، جتي باهه ٻري ٿي، اُتي ڪنهن جو ڌيان نه وڃي.

اڳيان هلڻ کان پهرين هتي ڪجهه ذڪر ٿيل ڳالهين کي واضح ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. روم جي جنريل ڪوئنس مارڪس ميلزينس جنگي حڪمت عملي ۾ نوان طريقا آندا، خاص طور دشمن کي خوش فهمي ۾رکڻ لاءِ اڳيان وڌندي موٽ کائڻ ته دشمن کيس ڪمزور سمجهي ۽ سندس موٽ کي ڀاڄ ڪري سمجهي. جيئن ئي فتح جي خوشيءَ ۾ هو ڍرو ٿئي ۽ سندس مضبوط صفون درهم برهم ٿين ته هڪدم منظم طريقي سان حملو ڪجي. اهو ساڳيو ئي طريقو آهي جنهن کي استعمال ڪري ڪُفارِ مڪه، حضرت خالد بن وليد کي گهوڙن سوارن جي جٿي سان دري جي آڙ ۾ ڇڏي مسلمانن کي جنگِ بدر ۾ نقصان ڏيئي سگهيا هيا.هاڻي هي جنگي حڪمت عملي حڪومتون استعمال ڪن ٿيون، ماڻهن جا انبوهه جڏهن اُٿن ٿا ته حڪمران ٽولا هڪدم پنهنجي استحصالي هٿڪنڊن کي ڍرو ڪيو ڇڏين ۽ ڪجهه مراعات ڏين. ذرائع ابلاغ ڇوٽ واپاري نظام تي مبني آهي سو هڪدم حڪمرانن جي پسپائي جو اعلان ڪبو ڇڏين ۽ ماڻهن کي، عوام کي وڌائي ڏين سند فتح جي. وري ٻي پاسي غير سنجيده هٿرادو پيدا ڪيل مسئلن تي دونهن دُکائجي.اتر، ڏکڻ، اوڀر... لڳي ته باهه ته هيڏانهن پيئي ٻري. وري لڳي وڃي سڄي قوم انهيءَ بحث ۾. هي شوسا هي هٿ ٺوڪيا مسئلا، نان اِشوز، هٽلر جي نهايت ئي قابل ساٿي گوبلز جتي نازي ازم جي پروپئگنڊا ڪاميابي سان ڪئي اُتي ماڻهن جي زهنن کي اصل ڪارڻ کان هٽائڻ جي حڪمت عملي جا نوان گُر ايجاد ڪيا، وري ذڪر آيو آهي يورپ جي Fabians جو. اوڻهين صدي جي انگريز سوشلسٽن رومي جنرل جي جنگي حڪمت عملي کان متاثر ٿي، فيبئين سوسائٽي Fabian society ٺاهي. سوسائٽي جو بنياد 1884 ۾ رکيو ويو. بنيادي نظريو هي هيو ته سرمائيداري نظام ايڏو ته ڳُتل ۽ مضبوط آهي جو سنئين سڌي ويڙهه يا سوشلسٽ نظام هڪدم آڻڻ ممڪن ڪونهي. تنهن ڪري آهستي آهستي ائين ڪيو وڃي جو ناڻي جي ونڊ ورڇ يا ناڻي جي اُپت جا فائدا ورهائڻ لاءِ سرمائيدار نظام جي قبوليت جي عنصر کي به ترجيح ڏني وڃي. يعني، هڪ قدم اڳي ته ٻه قدم پويان. يا ٻه قدم اڳيان ته هڪ قدم پويان. Fabians آهسته آهسته يورپ ۾ اثر ڪري ويا. توڙي جو مارڪسسٽ لڏي Fabians کي ننديو پر زميني حقيقتون ائين آهن ته اڄ سوئيڊن، ڊينمارڪ، ناروي يا ڪنهن حد تائين ٻين يورپي ملڪن ۾ جي سماجي ڀلائي واريون پاليسيون يعني مفت علاج، مفت تعليم، پينشن اسڪيمون وغيره آهن سا Fabians جي طرز عمل ڪري ممڪن ٿي سگهي آهي.

پر، اسان جو مسئلو ته هي آهي ته جي ٻوڏ آئي ته ڪڍو اسڪيمون جن ۾سڄي قوم کي پينو ڪرڻو آهي، ٻهراڙين ۾هاڻ ته اِهو حال آهي جو ماڻهو هر ٻي ڏينهن بئنڪ تي بيٺا آهن وطن ڪارڊ کنيو ۽ شام جو خالي هٿين موٽن. ڪميٽيون...

هن سڄي قصي ۾ پ پ جي طرز عمل تي ماڻهن ۾ مونجهارو آهي پر حقيقت وري به وڃي اها بيٺي ته هيڏانهن هوڏانهن دونهن دُکائجي ته اصل مسئلي کان ماڻهن جو ڌيان ٻي پاسي وڃي. ٻه قدماڳيان، هڪ قدم پوئتي. کاٻو ڏيکاري ساڄو هڻجي. گوبلز ۽ ميڪزيمس جا طريقئه ڪار، شرح غربت وڌندي وڃي. ٻوڏ ۽ برسات، زراعت تي انحصار ڪندڙ آبادي کي رولي ڇڏيو آهي. تعليم ته آفريڪا جي ڪن ملڪن ۾به شرح تعليم کان هيٺ آهي. ڀارت، سريلنڪا، مالديپ، بنگلاديش کان به اسان هيٺ آهيون.