ها مگر!

                                                          نبيله


جنگ جي فوجين جيان!

منهنجي دل تي

هاڻ ڪاهيندا اچن

منهنجي ماضي جا سمورا

عيب، ڏوهه،

بي سبب..........

ڪيتري ٿي آ

لتاڙ،

منهنجي دل تي.

                **

مذهبن جي آڙ ۾

يا پنهنجي پنهنجي

ساڙ ۾،

دوستي تي..........

سرحدون ٺاهڻ کڻي ليڪا ڪڍي

ڪوئي جي روڪي سگهي

روڪي ڏسي

دوستي جي پيار جي

آزاد ۽ اُجري اُڏام!

                **

ڪالهه ننگر جي نگر ۾

تون هئين

سورج جيان

ها مگر!

تنهنجي شهر ۾

ڏينهن پوري، رات ٿي ويو!