|
سکر وٽ سنڌو درياهه ۾ 8 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان سکر: سنڌو درياهه ۾ رات دير سان گڊو وٽ 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ لاٿ جڏهن ته سکر وٽ 2 هزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ، ايندڙ ٻوڏ 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ اچڻ جا امڪان، آبپاشي پاران 8 لک ڪيوسڪ ڄاڻايو ويو. سنڌ جي بئراجن تان رات دير سان ورتل معلومات موجب گڊو بئراج وٽ مٿاهون وهڪرو 2 لک 51 هزار ڪيوسڪ هيٺاهون وهڪرو 2 لک 34 ڪيوسڪ سکر بئراج وٽ مٿاهون وهڪرو هڪ لک 96 هزار ڪيوسڪ هيٺاهون وهڪرو هڪ لک 51 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻوڏ جو وهڪرو گڊو وٽ 8 لک ڪيوسڪ تي پهچڻ کانپوءِ جڏهن سکر بئراج ڏانهن رخ ڪندو ته اهو وهڪرو سکر بئراج وٽ گهٽجي ساڍا 7 لک ڪيوسڪ تي بيهندو ۽ بعد ۾ ڪوٽڙي تائين پهچندي 5 لک ڪيوسڪ ٿي ويندو. |