بنگلاديش  8 سالن جي جمهوري دور ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي: معين الدين بادل


حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) بنگلاديش جي پارليامينٽ جي ميمبر معين الدين بادل چيو ته 71ع ۾ ماڻهن کي قتل ڪندڙ ۽ ان جو حڪم ڏيندڙن خلاف نظرياتي نه پر ڏوهه جي بنياد تي ڪيس هلي رهيا آهن. سارڪ ميمبر ملڪ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪلب حيدرآباد پاران چانهه پارٽي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بنگلاديس 8 سالن جي جمهوري دور ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته آزادي وقت 90 لک ٽن خوراڪ جي پيداوار هئي، جيڪا ڪروڙين تائين پهچي چڪي آهي. هن چيو ته بنگلاديس جي نياڻين کي انٽر تائين تعليم مفت آهي، پهرين تائين اسڪول ۾ شاگردن کي مفت ماني ڏني ويندي، هن وڌيڪ چيو ته بنگلاديش ۾ اسلام سميت سڀني مذهبن کي برابري جي حيثيت حاصل آهي. ان موقعي تي پريس ڪلب جو صدر جعفر ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هه