|
ڪراچي: مختلف فائرنگ جي واقعن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا قتل، پوليس مقابلي ۾ اهلڪار شهيد ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪالهه شيرشاهه پل ڀرسان موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو لياقت ولد مبين ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته 13 سالن جو نينگر دلشاد ولد محمد الياس سخت زخمي ٿي پيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال پهچايو، جتي زخمن جا سور نه سهندي دلشاد فوت ٿي ويو. پوليس موجب فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل لياقت شيرشاهه جي علائقي پنکا هوٽل واري گهٽيءَ جو رهواسي آهي. ٻئي پاسي شيرشاهه جي علائقي ڪٻاڙي مارڪيٽ ۾ موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل هٿياربند هٿيارن جي زور تي اسپيئر پارٽس جي هڪ دڪان ۾ ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري ڏني اهڙي اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مقابلو شروع ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ پوليس جو اي ايس آءِ 45 سالن جو رحيم الله ۽ هڪ واٽهڙو عورت رڪشي ۾ 17 سالن جي ردا ڌيءُ منير احمد گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويا. جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ نامعلوم ڦورو پڻ زخمي ٿي پيو. واقعي بعد جوابدار جا ٻيا ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. علائقي ۾ خوف و هراس پکڙجي ويو، ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا. پوليس اهلڪار ۽ عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پهچايو ويو. لياقت آباد جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص پڻ قتل ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ آخري اطلاعن تائين ناهي ٿي. |