|
عالمي اداري کان 7 ارب ڊالر قرض وٺڻ جي منظوري: بجيٽ آءِ ايم ايف جي صلاح سان تيار ٿيندي: شوڪت ترين اسلام آباد(رپورٽ: غلام حيدر کوکر) وفاقي ڪابينا آءِ ايم ايف کان 7 ارب 60 ڪروڙ ڊالر قرض وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گذريل ڏينهن وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي ٿيل اجلاس ۾ 3 کان 4 سيڪڙو وياج تي آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جي منظوري ڏني وئي، اهو قرض 2011ع کان آءِ ايم ايف کي واپس ڪيو ويندو. روڪ رقم جي صورت ۾ ملندڙ اهو قرض حڪومت غير ضروري خرچن تي استعمال بدران پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا متوازن رکڻ لاءِ استعمال ڪندي. اجلاس ۾ ناڻي بابت وزير اعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين ملڪ جي خراب معاشي صورتحال بابت آگاهي ڏني ۽ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف کان قرض نه وٺون ها ته ملڪ ڊفالٽ ٿي وڃي ها. هن چيو ته ڊالر جو اگهه گهٽائڻ ۽ رپيو مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 13/14 ارب ڊالر هجڻ ضروري آهن. شوڪت ترين اجلاس کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف زرعي شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ، دفاعي بجيٽ گهٽائڻ، وڏن منصوبن لاءِ رکيل رقم ۾ ڪٽوتي ۽ غير ضروري حڪومتي خرچ گهٽائڻ جا شرط رکيا آهن. حڪومت زرعي شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ جي اڳ ئي منظوري ڏئي چڪي آهي. جڏهن ته ملڪي سلامتي سان لاڳاپيل دفاعي بجيٽ ۾ ڪا به ڦير ڦار نه ڪئي ويندي، پر غير ضروري فوجي خرچ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. موجوده بحران مان نڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ اڻٽر آهي، قرض نه ورتو ته مالي حالتون سڌري نه سگهنديون بجيٽ خسارو پورو نه ٿي سگهندو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت کي خراب معاشي صورتحال ورثي ۾ ملي آهي، ان باوجود ملڪي معيشت پيرن تي بيهاري قوم آڏو سرخرو ٿينداسون. هن ڪابينا ميمبرن کي غير ضروري خرچ گهٽائڻ ۽ وڏين گاڏين جو استعمال روڪڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس دوران ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين وڌيڪ ٻڌايو ته ملڪ جي ايندڙ بجيٽ جي تياري ۾ آءِ ايم ايف جا نمائندا شامل هوندا ۽ ايندڙ بجيٽ آءِ ايم ايف جي مشاورت سان تيار ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته سڄي قوم کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ تي اتفاق ٿيو آهي. شوڪت ترين چيو ته 16 ڪروڙ آباديءَ مان چند لک ماڻهو ٽيڪس ڏئي رهيا آهن، اسان ٻين کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسون. هن عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جا اگهه گهٽجڻ باوجود ملڪ اندر اگهه نه گهٽائڻ جي صلاح ڏني. اجلاس ۾ منظوري کانپوءِ ناڻي وزارت کي هدايت ڪئي وئي ته قرض حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعده آءِ ايم ايف کي درخواست ڏني وڃي. آءِ ايم ايف جي قرض جي واپسي جي شروعات 2011 کان ٿيندي ان جو وياج 2012 کان لاڳو ٿيندو، جيڪو به 4 سيڪڙو آهي، تيستائين ملڪي معيشت پاڻ ڀري ٿي ويندي ۽ اهو قرض لاهڻ آسان ٿي ويندو. ذريعن موجب ڪابينا کي شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تي به بريفنگ ڏني وئي آهي. ايم اين ايز ورتل فارم واپس ڪندا ته حڪومت انهن لاءِ رقم جاري ڪندي. اجلاس ۾ زراعت ۽ صنعت کي سستي بجلي ڏيڻ واري معاملي تي به غور ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ننڍي صنعت کي سهولتون ڏيڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن ۽ انهن کي سستي بجلي ڏني وڃي. وزيراعظم زراعت ۽ خوراڪ واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سڌسماءَ واري وزارت بريفنگ ڏيندي آهي پر روايت جي ابتڙ ڪالهه ڪابينا بابت ڪا به سرڪاري طور بريفنگ نه ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي قرض مان 3 ارب 20 ڪروڙ ڊالر فوري طور تي اسٽيٽ بئنڪ کي ڏنا ويندا. افراط زر 2 سالن ۾ 10 سيڪڙو تائين آندو ويندو. هوڏانهن وفاقي وزير چوڌري احمد مختار چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان 24 نومبر تي ٺاهه ٿيندو ان ڏينهن پاڪستان کي پهرين قسط به ملي ويندي. هن چيو ته آمريڪي حملي تي فوجي ۽ سياسي قيادت جو مؤقف هڪ آهي ان ۾ ڪو به فرق ناهي.ڪ |
||
|
||