|
فنڪشنل ليگ طرفان علي گوهر شاهه راشدي کي سينيٽر بنائڻ تي غور اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فنڪشنل ليگ پاران سنڌ مان مرحوم اڳوڻي پير پاڳاري جي پٽ علي گوهر شاهه راشدي کي سينيٽر بنائڻ تي غور، جيئن ته فنڪشنل ليگ جو سينيٽر چوڌري ساجد آرائين مارچ ۾ رٽائر ٿي رهيو آهي جنهن کانپوءِ فنڪشنل ليگ جي سينيٽ ۾ نمائندگي ختم ٿي ويندي، ان ڪري فنڪشنل ليگ پ پ کان سنڌ ۾ هڪ سينيٽ جي سيٽ جو مطالبو ڪيو آهي، ذريعن مطابق پ پ اهو مطالبو تسليم ڪرڻ جي کين خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ علي گوهر شاهه راشدي کي سينيٽر بنائڻ تي فنڪشنل ليگ غور ڪري رهي آهي. |