|
عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 2.51 ڊالر في بيرل اضافو نيو يارڪ(آن لائن) عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ ٽن مهينن دوران وڏي سطح تائين پهچي ويون، عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 2.51 في بيرل ڊالر اضافو ڏٺو ويو، هي اضافو مارچ ۾ فراهم ڪيو ويندڙ تيل لاءِ لاڳو آهي، تيل جي قيمت ۾ اضافو آمريڪا جي معيشت ۾ بهتري لاءِ نتيجو سامهون آيو آهي، رپورٽ مطابق گذريل مهيني 2 لک 34 هزار ماڻهن کي روزگار پڻ ڏنو ويو. |