|
ڦيٿو نه ڦريو ۽ واپارين ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رکيا، جڏهن ته کپرو واهه تي هوٽل کولڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب جسقم اڳواڻ اڪبر مري، شوڪت بليدي، علي حيدر، حيات سميجو، علي محمد، ارشد علي، عارف ۽ امجد پنجابي سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، چڪرين دوران واٽهڙو پريل راڄڙ جي موٽر سائيڪل کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ چئن ٻين موٽر سائيڪلن کي لٺيون هڻي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس هوٽل مالڪ ۽ ڪارڪنن تي ڌار ڌار اين سي ڪٽي ڇڏي آهي. ڪنڊياري ۽ پيرونمل ۾ مڪمل طور تي ڪاروبار ۽ ٽريفڪ بند رهي، جڏهن ته عوامي تحريڪ، جسقم، ايس ٽي پي، پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن يعقوب ناريجو، محمد بخش شر، آفتاب مري ۽ ڊاڪٽر نرسنگ جي شهيد سڪندر وساڻ چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ڄام نواز علي ۾ به ڪاروبار نه کليو جڏهن ته ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي، پوليس عوامي تحريڪ جي 5 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. نصرپور ۽ پيارو لنڊ ۾ به مڪمل هڙتال رهي، جڏهن ته حاجن خان لنڊ ۽ نواب ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، گلاب لغاري ۾ جزوي طور ڪاروبار بند رهيو. عثمان شاهه هڙي ۾ به ڪاروبار بند رهيو. ٽنڊو محمد خان ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جسقم، عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ٽائر ساڙي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ بائڪاٽ ڪيو ويو، ان موقعي تي ضلعي اڳواڻن زاهد جسڪاڻي، ظهور هاليپوٽو ۽ عنايت ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان ڦليلي روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، بلڙي شاهه ڪريم، جنهاڻ سومرو، نائون ميل ۽ ٻين هنڌن تي هڪ به دڪان نه کليو، ايس ٽي پي اڳواڻ عالم مگسي، جسقم اڳواڻ عزيز رند، شهري اتحاد اڳواڻ زاهد رند ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهد رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، گشت ڪرڻ بعد مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪارڪنن ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو به هنيو. خيرپور ۾مڪمل طور هڙتال رهي، جڏهن ته لطيف يونيورسٽي گيٽ تي ڪريڪرن جا ڌماڪا ڪيا ويا، ان موقعي تي امجد مهيسر، درياءَ خان راڄپر ۽ ٻين ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ مريم توپ کان پنج گلي چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، هوڏانهن مختلف ڌرين طرفان هڙتال جي حمايت سبب سمورو ڪاروبار بند رهيو، کهڙا ۽ بوزدار وڏا ۾ ڪاروبار بند رهيو، جسقم اڳواڻ اعجاز علي ڦلپوٽو، ايس يو پي ضلعي صدر ڪامريڊ محمد ڏنو لاکو ۽ شهيد ڀٽو اڳواڻ جميل مري جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ان موقعي تي پوليس ۽ جسقم ڪارڪنن ۾ منهن ماري به ٿي. جڏهن ته وقار احمد پنهيار، پيار علي ۽ عبدالستار راڄڙ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، پير جو ڳوٺ، پريالو، ڪوٽ مير محمد ۽ احمد پير ۾ ڦيٿو نه ڦريو ۽ دڪان بند هئڻ سبب بازارون ويران رهيون، جسقم ۽ فرنٽ طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي رحيم انصاري، فرحان علي، عبدالله شر ۽ ٻين احتجاج ڪيو، سيٺارجا ۽ راڻيپور ۾ ڪاروبار بند رکي رحيم سهتو، عبدالرزاق ڪٻر ۽ ايس ٽي پي جي سينيئر نائب صدر حيدر شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، هنڱورجا، سڳيون ۽ رسول آباد ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي ۽ ٽرانسپورٽ بند رهي، ڪارڪنن مخدوم شفيق ۽ فياض سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ٺري ميرواهه، سئي گئس، هنڊياري ۽ پيروسڻ ۾ به مارڪيٽون بند رهيون، ٽالپر وڏا ۽ ننگريجا ۾ مڪمل طور ڪاروبار بند رهيو، گمبٽ ۾ ڪاروبار نه کليو جڏهن ته واپارين ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، جنهن دوران هوائي فائرنگ دوران ڀاڄ پئجي وئي، پوليس جيئي سنڌ تحريڪ جي زخمي ڪارڪنن سڪندر چانڊيو سميت ٻين کي لاڪ اپ ڪري بعد ۾ آزاد ڪري ڇڏيو، فيض گنج، پڪا چانگ، اڪري ۽ ڀنڱون بهڻ ۾ مڪمل طور ڪاروبار بند رهيو، پيروسڻ ۾ عوامي جمهوري پارٽي ضلعي صدر الهوڌايو حاجاڻو، جسقم يونٽ صدر آصف علي ڏيپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. نوشهروفيروز ۾ ڪاروبار ۽ ٽريفڪ مڪمل طور بند رهي، قومي ڪارڪنن سڪندر ڪلهوڙو، سرور مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج به ڪيو، هالاڻي ۾ هڙتال دوران ذوالفقار نانگور جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، محرابپور ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي ۽ ڦيٿو نه ڦريو، لاکا روڊ ۽ مٺياڻي ۾ هڙتال ڪئي وئي، رضا محمد ڏاهري ۽ ٻين ڪارڪنن ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي، ٺارو شاهه ۾ هڙتال ڪري اسڪولن ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته شبير اڄڻ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪوٽڙي ڪبير ۾ ڪاروبار ۽ ٽريفڪ معطل رهي ۽ ڪارڪنن روڊ تي رڪاوٽون وجهي احتجاج ڪيو، خانواهڻ ۾ قومپرستن جي ڏنل سڏ کي ڀرپور موٽ ملي راجا منگي ۽ نديم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو، ڪنڊيارو ۾ ڪاروبار مڪمل بند ۽ ڦيٿو نه ڦريو، مختلف پارٽين جي ڪارڪنن ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي جلوس ڪڍيو، محبت ديرو ۾ هڙتال ڪئي وئي، ڪارڪنن فياض حسين لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، مورو ۾ شٽربند هڙتال ڪري سمورا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، جڏهن ته اشرف لغاري، حاجي خان سمون، جمن پيرزادو، لطيف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو. نوابشاهه ۾ مڪمل طور هڙتال ڪري ڪريڪرن جا ڌماڪا ڪيا ويا، هوائي فائرنگ سبب شهر ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته گاڏيون نه هجڻ ڪري روڊ رستا ويران رهيا، جسقم ضلعي صدر هاشم لغاري، ايس ٽي پي اڳواڻ نثار احمد ڪيريو، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ يار محمد ڪيريو ۽ جسم ڪارڪنن زاهد سومرو جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا، جڏهن ته پوليس طرفان جسم ڪارڪنن زاهد ڪيريو ۽ زاهد ملاح کي حراست ۾ ورتو ويو. اٺهٺ موري ۾ هڙتال رهي، مجنون سولنگي، سهراب بروهي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، سرڪاري آفيسن ۾ حاضري گهٽ رهي، هوڏانهن سڪرنڊ ۾ ڦيٿو جام رهيو، ڪاروبار بند رکڻ بعد زاهد رند، محمود شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، ڄام صاحب ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، قومپرست ڪارڪنن مصطفيٰ ڏاهري، خميسو خان وسطڙو، لعل خان شر، محمد يوسف ڏاهري ۽ ٻين ڪارڪنن بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو، دوڙ، ٻانڌي ۽ شاهپور جهانيان ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ڪارڪنن امام بخش ڏاهري، محڪم الدين ڏاهري، غلام مصطفيٰ جويو، مور خان، ديدار بڙدي ۽ منٺار ڏاهري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻي ايم ڪيو ايم خلاف نعريبازي ڪئي وئي، قاضي احمد ۾ به ڦيٿو نه ڦريو، ڪاروبار بند رکڻ بعد ڪارڪنن ڄام راشد انڙ، ساحل لاکو، ڪريم بخش، حافظ نور دين، ممتاز جتوئي، عبداللطيف سرهو ۽ غلام حيدر جوکيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻو ۽ رتوديرو ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي ان موقعي تي 50 کان وڌيڪ ڪريڪرن جا ڌماڪا ڪيا ويا، مختلف چوڪن تي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ سمورن تعليمي ادارن ۾ بائيڪاٽ ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم، ايس ٽي پي، فرنٽ، عوامي تحريڪ ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي، بشير جوڻيجو، منظور گهانگهرو، اختر بليدي ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي، نئون ديرو ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، عام زندگي جو ڪاروهنوار به متاثر رهيو. قومپرست اڳواڻن غلام حيدر ناريجو، حميد سومرو، جاويد ڀٽو ۽ ٻين ٽائرن کي باهيون ڏئي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته پيٽرول پمپ مڪمل طور بند رهيا، ڳڙهي خيرو، سجاول جوڻيجو، باڊهه ۽ ڏوڪري ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، جڏهن ته روڊ رستن تان ٽريفڪ غائب رهي، ان موقعي تي علي حيدر مگسي، ڪامريڊ رڪ سنڌي، ارشاد ٻگهيو، محمد علي خشڪ، بهرام خان لهر ۽ ٻين ڌار ڌار احتجاجي ڌرڻا هڻي، ٽائرن کي باهيون ڏنيون، مڇريل ڪارڪنن گاڏين تي پٿراءُ ڪري شيشا پڻ ٽوڙي ڇڏيا، نصير آباد ۾ ڪاروبار ۽ ٽريفڪ بند رهي، جڏهن ته ڪارڪنن رفيق لغاري، شاهد کوکر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، شهدادڪوٽ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو، ڦيٿو جام هجڻ سبب روڊ رستا ويران رهيا، ان موقعي تي نواز ليگ اڳواڻ منور منگي، واحد ڪالاڻي، يونس عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، هوڏانهن ڏنڊا بردار نوجوانن ٻن ٽرڪن جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. قمبر ۾ سمورا ڪاروبار مرڪز پيٽرول پمپ ۽ ٽرانسپورٽ بند رهي، مڪمل هڙتال سبب بازارون ويران رهيون، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ نور نبي ناريجو، جسقم اڳواڻ عبدالله سومرو، شهيد ڀٽو اڳواڻ برڪت ميرجت، ديدار وڌو، پيار علي پنهور، محسن اياز چانڊيو، ممتاز لاکو ۽ ٻين ڪارڪنن احتجاجي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ۽ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، سکر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال رهي، جڏهن ته نامعلوم ماڻهن هڪ بس ۽ اسپتال کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو، پوليس لاٺي چارج ڪري 10 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، مقيم کوسو ۽ ٻين ڌرڻو هنيو، ڪنڌرا، گڊو ۽ پنو عاقل ۾ ڪاروبار بند رهيو، ميرپورماٿيلو ۾ به هڙتال رهي، شڪارپور ۽ خانپور ۾ شٽربند هڙتال رهي ڪارڪنن يحيٰ بختيار ٻپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ٽائرن کي باهيون ڏنيون، لکي غلام شاهه ۾ مڪمل ڪاروبار بند رهيو، جبل سنڌي ۽ ٻين احتجاجي ڌرڻو پڻ هنيو، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو، چڪرين دوران پوليس سنڌ نيشنل موومينٽ جا 2 ڪارڪن گل محمد ۽ بلاول سولنگي زخمي ٿي پيا، ٺل ۾ ڪاروبار بند رهيو، هوڏانهن ملير ۽ بن قاسم ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس 15 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مٿن بس کي باهه ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، هوڏانهن گهگهر، گلشن حديد، رزاق آباد ۽ ٻين علائقن ۾ مڪمل ڪاروبار بند رهيو، جڏهن ته هڪ بس ۽ ٻن ڪوچن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. پوليس ڪارروائي ڪندي ايس ٽي پي عنايت چانڊيو ۽ نياز سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي طرف ابراهيم حيدري ۽ ٻين مهاڻن جي وسندين ۾ ٻيڙيون، هوڙا ۽ لانچون بيهاري ڪاروهنوار ٺپ ڪيو ويو. |