|
پاڪستان ۾ محفوظ پناهه گاهن ۾ ويٺل شدتپسند مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن: آمريڪا واشنگٽن(ان لائن) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ مبينا طور موجود شدتپسندن جي محفوظ ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ لاءِ افغان فوج کي سرحد پار نه وڃڻ گهرجي، آمريڪي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊيوڊ پيٽرياس ڪانگريس ڪاميٽي کي ٻڌايو ته سرحد پار شدتپسندن ٺڪاڻن جي موجودگي جا خطرا موجود آهن، پر افغان فوج لاءِ ڪنهن ٻي ملڪ جي ڌرتي تي حملو ڪرڻ بدران کيس ٻنهي ملڪن ۾ وڙهڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي، جنرل پيٽرياس ڪاميٽي کي ٻڌايو ته آمريڪا افغانستان ۾ موجود آمريڪي ۽ نيٽو فوج کي سپلاءِ جي اترين روٽ تي وڌيڪ اڳڀرائي ڪندو، آمريڪا ۽ روس هن کان اڳ به هڪٻئي سان سهڪار ڪري رهيا آهن، نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جيمز ڪليپر دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان اڳواڻ سرحد پار پاڪستان جي محفوظ پناهه گاهن ۾ اڃا به موجود آهن، هن چيو ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن ۽ خصوصن پاڪستان جي سهڪار سان آمريڪي اتحادي فوجن جي ڪاميابين کي برقرار رکي سگهجي ٿو، عورت ميمبر جنرل پيٽرياس کان پاڪستان ۾ شدتپسندن جي محفوظ ٺڪاڻن جي ڪيفيت بابت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا سرحد پار کان مداخلت روڪڻ لاءِ اسان افغان فوج سان مناسب اميد رکي سگهون ٿا جنهن جي جواب ۾ جنرل پيٽرياس چيو ته انهيءَ ۾ ڪا ٻي راءِ ناهي ته پاڪستان اندر اهڙا عنصر موجود آهن، جيڪي محفوظ پناهگاهن ۾ مزي سان رهن ٿا، اهي افغانستان ۽ اتحادي فوج لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، جيڪي نئين افغانستان جي تعمير ڪري رهيا آهن هن چيو ته بي شڪ پاڪستاني حڪمرانن القاعده ۽ ٻين بنياد پرست تنظيمن خلاف ڪيترن ئي محاذن تي ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون، پاڪستان تازو ئي القاعده اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، پر اميد آهي ته پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ ۽ بلوچستان ۾ موجود طالبان جي گروهن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪندو.(ش) |