|
پليجاڻي ڀرسان مبينا مقابلي ۾ پوليس پاران 2 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو پليجاڻي/کيبر(رپورٽ: سليم سوهو/خير محمد ملاح) شاهپور ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ پليجاڻي ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو، ٻه ڌاڙيل مارجي ويا، هڪ گرفتار، خبر موجب شاهپور ٿاڻي جي پوليس مبينا طور ڪار ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ٻن جوابدارن کي مقابلي بعد مارڻ ۽ هڪ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، شاهپور پوليس اطلاع ملڻ بعد مبينا طور هڪ ڪار نمبر اي اين ڪيو 174 ڦر ڪري ويندڙ ڌاڙيلن جو پليجاڻي اسٽيشن وٽ ڪمند جي فصل جو گهيراءُ ڪيو ۽ ڪار تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ٻه ڌاڙيل سلطان ماڇي ۽ صيفل خاصخيلي مارجي ويا، هڪ ڌاڙيل علي بخش ماڇي کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويلن ڌاڙيلن وٽان هڪ ڪلاشنڪوف پڻ هٿ آئي آهي هوڏانهن پليجاڻي ويجهو سوين خاصخيلي براردريءَ جا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ پوليس موبائيل آڏو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مارجي ويل هڪ مبينا جوابدار صيفل خاصخيلي جي سوٽ احمد علي ۽ سالي ولي محمد خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته مارجي ويل 40 سالا صيفل خاصخيلي سندن مائٽ ۽ ڳوٺ برڪت سمون جو رهواسي هو، مارجي ويل پورهيت هو ۽ سرن جا بلاڪ ٺاهيندڙ هو ۽ مقتول شادي شده هو هن کي ٽن ٻارڙن جو اولاد آهي هو ڳوٺ وڃي رهيو هو ته پوليس جي گولين جوکاڄ بڻجي ويو ۽ بلڪل بيگناهه آهي پوليس ساڻن ظلم ڪيو آهي.هوڏانهن ايس ايس پي مٽياري عبدالهادي بلو ميڊيا کي ٻڌايو ته مارجي ويلن ٻن جوابدارن مان هڪ خطرناڪ ڏوهاري سلطان ماڇي آهي، جنهن کي پڪڙڻ لاءِ حڪومت 5 لک روپيا انعام رکيو آهي، هو ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ 26 ڪيسن گهربل آهي، هوڏانهن ڊي پي او اهو به چيو ته جيڪڏهن صيفل خاصخيلي بي ڏوهي ثابت ٿيو ته ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن مارجي ويلن جا لاش تعلقه اسپتال مٽياري آندا ويا، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل سلطان ماڇي کي سيني ۾ جڏهن ته صيفل خاصخيلي کي پٺيان مٿي ۾ گوليون لڳل آهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.(ف) |