|
ايران تي عالمي پابندي باوجود تيل جي خريداري نه روڪينداسين:ڀارت شڪاگو(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزير پرناب مکرجي آمريڪا تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عالمي اقتصادي پابندين باوجود ايران وٽان تيل جي خريداري نه روڪينداسين، جڏهن ته آمريڪا چيو آهي ته ايران کي ائٽمي هٿيار ٺاهڻ نه ڏينداسين، آمريڪي وزير دفاع ليون پينٽا جو چوڻ آهي ته ايران هڪ سال ۾ ائٽمي بم ٺاهي سگهي ٿو، آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل خبر موجب آمريڪا ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ لاءِ زمين هيٺان تباهي لاءِ طاقتور بم ٺاهيندو، آمريڪي عسڪري عملدارن ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته 30 هزار پائونڊ وزني بم به ايران جي ائٽمي ٺڪاڻن کي تباهه نٿو ڪري سگهي، ايران جا ايٽمي ري ايڪٽر پهاڙن ۾ هئڻ ڪري انهن جي تباهي ممڪن ناهي، هوڏانهن ڀارتي پرڏيهي وزير شڪاگو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايران کان تيل جي خريداري روڪڻ ناممڪن آهي، ڀارتي معيشت ايران جي تيل تي مشتمل آهي، ايران وٽان ڀارت سستو تيل خريد ڪري رهيو آهي.هه |