|
شڪارپور ۾ بروهي ٽيڪسي ڊرائيور جي بازيابي لاءِ سراپا احتجاج، 3 ڏينهن مهلت، مارچ، ڌرڻو، روڊ بلاڪ شڪارپور/خانپور(نمائندن وٽان) خانپور جي ڳوٺ حاجي خواستي جو رهواسي اغوا ٿي ويل ٽيڪسي ڊرائيور مظهر بروهي کي 22 ڏينهن گذرڻ باوجود شڪارپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. هوڏانهن آل پاڪستان بروهي ايسوسيئيشن جي سڏ تي سوين بروهي برادري جي ماڻهن مغوي ڊرائيور جي بازيابي ۽ ضلعي شڪارپور اندر وڌندڙ بدامني خلاف حاجي خواستي کان احتجاجي ريلي ڪڍي 8 ڪلوميٽر پيرين پنڌ مارچ ڪندي شڪارپور انتظاميه خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي شڪارپور جي نم کيڙ موڙ، رستم روڊ، اسٽيشن روڊ کان ٿيندي شڪارپور شهر جي لکي در وٽ پهچي ڌرڻو هنيو. جتي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ايڊووڪيٽ محمد اعظم بروهي، محمد نواز، ايڊووڪيٽ عبدالنبي بروهي، ڊاڪٽر علي احد شاد، ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شڪارپور ضلعي اندر بدامني عروج تي آهي. ضلعي جي لکين ماڻهن جي جان مال محفوظ نه آهي. ڦرون، ڌاڙا، قتل، اغوائون ۽ ٻيون وارداتون معمول بڻيل آهن. پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي ۽ پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ضلعو شڪارپور بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي. پر چونڊيل نمائيندا توڙي سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي. ٽيڪسي ڊرائيور کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو. هوڏانهن ڪالهه شام جو ايس ايس پي شڪارپور جنيد احمد شيخ بروهي برادري پاران حاجي خواستي اسٽاپ تي قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي پهچي اڳوڻن سان ڳالهيون ڪيون. جنهن بعد بروهي برادري جي اڳواڻن ايس پي کي 3 ڏينهن جي مهلت ڏيندي 7 فيبروري تائين مغوي بازياب نه ٿيو ته اسين ٻيهر احتجاجن روڊ تي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين. آ |