|
نذير مغل جي امڪاني واپسي خلاف سڀاڻي کان سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي عمل ٺپ رکڻ ۽ مظاهرن جو اعلان ڄامشورو (رپورٽ: عرفان برفت) سنڌ يونيورسٽي جو ”ميڊيڪل ليو“ تي روانو ڪيل وائيس چانسلر نظير مغل جي امڪاني واپسي تي سنڌ يونيورسٽي جا استادن ملازمن بي چيني واري لهر ڇانيل آهي ۽ سراپا احتجاج بڻيل آهن، سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ڪلب ۾ سوٽا ۽ سيوا اڳواڻن سوٽا صدر ڊاڪٽر اظهر شاهه، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، اصغر برفت، امر سنڌو، سيوا اڳواڻ غلام نبي ڀلائي، الهه وڌايو سهتو، امداد کوسو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گورنر سنڌ پاران نظير مغل کي واپس موڪلي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ يونيورسٽي کي سيڪيورٽي رسڪ بڻائي ڇڏيو آهي. نظير مغل جي هوندي يونيورسٽي جو تدريسي عمل نٿا هلائي سگهون. ان لاءِ سڀاڻي سومر کان واپس ٻيهر جدوجهد جاري رکڻ جوا علان ڪيون ٿا. سڀاڻي کان تدريسي عمل بند رکي روزانو احتجاجي مظاهرا ڪري سنڌ الاجي سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي ۽ سومر تي مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ زباني امتحانن جو پڻ بائيڪاٽ ڪيون ٿا. هنن چيو ته هاڻي ڪنهن به ڪميٽي سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون. گورنر سنڌ سان سڌيون ڳالهيون ڪنداسين. جيڪڏهن گورنر مليو ته کيس ٻڌائينداسين ته نظير مغل پاران کيس ڏنل سڀ رپورٽون غلط ۽ ڪوڙيون آهن، جيڪڏهن گورنر سنڌ چاهي ٿو ته 25 هزار شاگردن جي تعليم متاثر نه ٿئي ته فوري طور تي نظير مغل طريقن سان استادن ۽ ملازمن کي ڌمڪائي تحريڪ کان هٿ کڻائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته اسان جون زندگيون خطري ۾ آهن. نظير مغل هٿياربند يونيورسٽي موڪلي ڇڏيا آهن. چيو ته زندگين کي خطرو هئڻ بابت ڊي آءِ جي حيدرآباد، آءِ جي سنڌ کي لکت ۾ آگاهي ڏئي ڇڏي آهي ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي فون ڪري خدمتن کان کيس آگاهه ڪيو آهي. اسان گورنر ، وزيراعليٰ، وزيراعظم، صدر پاڪستان ۽ چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿاڪريون ته فوري طور تي نوٽيس وٺي نظير مغل کي هٽائي سيڪيورٽي بڻيل يونيورسٽي کي بچايو وڃي. هنن چيو ته گورنر پاران جوڙيل ٽيم جو ڪنوينر ڊاڪٽر نوشاد شيخ ميمبر طور عبدالقدير راجپوت، نيلوفر شيخ شامل هئا. جيڪي سنڌ جي تمام وڏين تعليمي ادارن جا سربراهه ۽ ذميوار ماڻهو آهن. انهن وسيلي ٿيل ڳالهين کي گورنر هائوس رد ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا سنڌ يونيورسٽي جي تعليم خلاف هڪ وڏي سازش سمجهون ٿا. هنن چيو ته اسان جا سڀ مطالبا حل ٿي ويا هئا ۽ هڪ مهيني جي طويل جدوجهد بعد سنڌ يونيورسٽي جو تدريسي عمل بحال ڪيو ويو پر صوبائي وزير تعليم پير مظهر مداخلت ڪندي سڀ معاملا خراب ڪري ڇڏيا آهن، هنن چيو ته پورو مهينو جڏهن يونيورسٽي بند هئي، استاد ۽ ملازم سراپا حتجاج هئا. تڏهن پير مظهر ڪٿي هنيو. اسان جي جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ نظير مغل کي هٽايو ويو ته ان ڳالهه پير مظهر کي ڇو پريشان ڪيو آهي. هنن چيو ته پير مظهر ثابت ڪري ته نظير مغل ايماندار ۽ اهل ماڻهو آهي. يا اسين ثابت ڪيون ٿا ته هن سنڌ يونيورسٽي ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪري يونيورسٽي کي اڏوهي جيان کائي رهيو آهي.استاد اڳواڻن ۽ سيوا اڳواڻن چيو ته جيستائين سوٽا ۽ سيوا جا سمورا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا ته سوٽا ۽ سيوا جي گڏيل جدوجهد جاري رهندي. |