|
جشن آمد رسول صه سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ محفلون منعقد، شهرن کي اسلامي جهنڊن سان سينگاريو ويو حيدرآباد(نمائندن وٽان) ٻنهي جهانن جي سردار آقا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ محفلون منعقد ڪري نعتون پڙهيون پيون وڃن، 12 ربيع الاول جي موقعي تي گهرن، آفيسن، شهرن، گهٽين ۽ ٻين هنڌن تي ساوا جهنڊا چاڙهي ريليون ڪڍيون ويون، ان سلسلي ۾ ٽنڊو جان محمد ۾ جشن آمد رسول صه جي سلسلي ۾ عرفان قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن هٿن ۾ سبز ساوا جهنڊا کڻي هڪ خوبصورت ريلي ڪڍي. ڇور ۾ عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ حر جماعت پاران ريلي ڪڍي وئي، ٻئي طرف نيو ڇور ۾ جيلاني پاران ريلي ڪڍي وئي ۽ اڄ ڇور ۾ اهلسنت جي سڏ تي ڳوٺن ۽ شهرن مان ريليون ڇور شهر ۾ پهچنديون ۽ جلسو ڪيو ويندو، جنهن کي پير حاجي غلام دستگير خطاب ڪندو. ڀان سيد آباد ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ محفلن، جلسن ۽ ريلين جو سلسلو هلندڙ آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد علي راهپوٽو، ڊاڪٽر مختيار علي ميمڻ ۽ پروفيسر علي اڪبر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، هوڏانهن درگاهه مهر شريف کان هڪ وڏي ريلي پير خليل احمد جان جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويندي. جنهن کي نامياره علماءِ ڪرام خطاب ڪندا. ڪوٽ غلام محمد شهر جي مختلف روڊن تي 12 ربيع الاول جي سلسلي ۾ رنگا رنگ روشنين وارين بتين سان روڊن ۽ رستن کي سينگاريو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪوٽ غلام محمد شهر جي غزالي پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران غزالي پبلڪ اسڪول جي پرنسپال شهويز عالم جي اڳواڻي ۾ 12 ربيع الاول جي سلسلي ۾ بنينر ۽ جهنڊا کڻي هڪ وڏي ريلي ڪڍي پوري شهر جو گشت ڪيو، جنهن کان پوءِ پريس ڪلب ٽنڊو غلام آڏو شاگرد ۽ شاگردياڻين نعت خوانيون پيش ڪيون. سيتاروڊ ۾ سيد نصير احمد شاهه حسيني، جماعت اهلسنت جاميه مسجد غوثيه خطيب مولوي غلام عباس سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جشن عيد ميلاد النبي صه جي خوشي ۾ هڪ وڏي ريلي ڪڍي مرحبا يا مصطفيٰ صه جا نعرا هنيا ويا، شهر کي اسلامي بينرن ۽ جهنڊن سان سينگاريو ويو، بعد ۾ ريلي شاهي بازار کان ٿيندي بندو چوڪ پهتي، جتي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن کي سيد نصير احمد شاهه خطاب ڪيو ۽ دعا گهري وئي. ميرپورخاص ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ نڪرندڙ 16 جلوس، ريلين ۽ 30 نعت جي محفلن تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي 8 ڊي ايس پي، 10 انسپيڪٽر، 40 سب انسپيڪٽر، 6 اي ايس آءِ سميت 1300 پوليس اهلڪار ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي ايس ايس پي رياض احمد سومرو بريفنگ ڏيندي چيو ته جلوسن جي گذر گاهن ۽ اهم هنڌن سي سي ٽي وي ڪئميرا نصب ڪرڻ سان گڏ بلديا ڪامپليڪس تي پوليس ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو. قاضي احمد ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه اڄ درگاهه حضرت قاضي احمد تي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ان موقعي تي اجتماع کي مشهور عالم الدين بلبلي مدينه مولوي حضرت محمد ادري ڏاهري ۽ ٻين خطاب ڪيو. بعد ۾ نعت خواني پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته درگاهه قاضي احمد جي مسجد کي رنگا رنگي بلبن سان پڻ سينگاريو ويو آهي، ٻئي طرف جشن آمد رسول صه جي شاندار ريلي جماعت اصلاح المسلمين ۽ جامع مسجد جي انتظاميه پاران ريلي ڪڍي وئي ۽ مرحبا جا نعرا هنيا ويا. شاهپور جهانيان ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ صوفن جي پرائمري اسڪول ۾ سماجي ڪارڪن ۽ استادن ميڊم سڪينا چنا جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ محفل ميلاد منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ تلاوت، ڪلام پاڪ ۽ نعتون پڙهيون ويون ۽ ميڊم سڪينا چنا پاران سٺيون نعتون پرهندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويا. محبت ديرو ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ محبت ديرو، ڪنڊيارو، بکري، بازيو پور، ڄام نور الله سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ تياريون عروج تي چڙهيل آهن.هر طرف سرڪار آمد جا نعرا گونجڻ لڳا آهن، جڏهن ته پوري شهر ۾ چراغان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ شهباز پبلڪ اسڪول ۾ عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي نعت، حمد ۽ تقريرن سان حضور اڪرم صه جي شان ۾ نذرانا پيش ڪيا. محرابپور ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ مرڪزي نور مصطفيٰ صه مسجد ۾ هڪ عظيم الشان جلسو ۽ مولودن جي محفل ٿي، جنهن ۾ سوين شهرين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ناليواري عالم الدين غلام رسول حسيني ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته حاجي نصير چنا ۽ ٻين حضور اڪرم صه نعتون ۽ مولود چئي سامعين خوب داد حاصل ڪيو. ٺارو شاهه ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ مختلف مسجدن مان ريليون ڪڍيون ويون، پوري شهر کي سائن بورڊن ۽ جهنڊن سان سينگاريو ويو ۽ مسجدن تي چراغان ڪئي وئي آهي. ڪنب ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ اهلسنت والجماعت جي صوبائي صدر سيد پريل شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ڪنب جي شاهي بازار کان ٿيندي نيشنل هاءِ وي تي پهتي، ان موقعي تي سيد پريل شاهه ۽ ٻين چيو ته نبي ڪريم صه جي ولادت باسعادت طريقي سان ملهائڻ ساڻس محبت جو اظهار آهي. هنڱورجا ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ پاڪستان سني تحريڪ جي ڪارڪنن حافظ صابر حسين، مولانا اسحاق شر ۽ ٻين طرفان آمد رسول صه جي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جو گشت ڪري پريس ڪلب پهتي، جتي عالمن حضور اڪرم صه جي زندگي تي روشني وڌي. ٺري ميرواهه ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سيٺارجا بالا، گاد شريف ۽ مختلف شهرن ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جو ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ مشهور عالمن، نعت خوانن نعتون پڙهي ماڻهن جي دلين کي منور ڪيو، جڏهن ته اڄ سيٺارجا شهر ۾ جاميه مسجد غوثيه کان هڪ شاندار عيد ميلاد النبي صه جي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ مشهور عالم قاري وزير علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويندي، جيڪا ٽائون ڪميٽي چوڪ پهچندي جتي عالم الشان جلسو منعقد ڪيو ويندو. بدين ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ جماعت اهلسنت ۽ بدين جي مختلف مذهبي ۽ ديني تنظيمن عاشقي مصطفيٰ، انجمن رضا مصطفيٰ ۽ ٻين تنظيمن جي طرفان بدين شهر ۾ حنفيه عظيم الشان ميلاد جو جلوس ڪڍڻ جو اهتمام ڪيو ويو آهي. جلوس شهرن جي مختلف رستن ۽ چوڪن کان ٿيندي واپس شاهنواز چوڪ تي ختم ٿيندو، ان سلسلي ۾ بدين شهر کي خوبصورت ساون جهنڊن ۽ بلبن سان سينگاريو ويو آهي، ٻئي پاسي جلسي کي خطاب ڪندي نالي واري عالم مولانا محمد عرفان چشتي چيو ته نبي پاڪ صه جي ولادت جو ڏينهن سڀ کان وڏي ۽ پهرين عيد آهي. پنگريو ۽ آسپاس جي علائقن ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي حوالي سان جلسن ۽ ميلادن جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ جماعت اهلسنت پاران ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرن جي مختلفن محلن، قمبر محلي، ميمڻ، محلي، مهاجر محلي سميت شاهي بازار، خليفا بازار ۽ ٻين روڊن کي جهنڊن، بلبن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو، مهاجر محلي ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جي ميلاد منعقد ڪئي وئي ۽ جلسي کي قاري عبدالباسط ۽ غلام قادر جمالي خطاب ڪندي چيو ته حضور اڪرم صه جي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ جهالت جو خاتمو آيو، ان موقعي تي حافظ نياز ۽ ٻين نعت خوانن نعتون پڙهيون. |