|
ٽنڊو مستي لڳ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري قتل، پيرسن عورت سميت 2 ڄڻا زخمي خيرپور/پيرجوڳوٺ (نمائندنو ٽان) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ هڪ عورت ۽ نوجوان قتل. گوليون لڳڻ سبب هڪ ٻارڙو ۽ پيرسن عورت سخت زخمي. اسپتال داخل. جوابدار فرار. ڇڪتاڻ تيز. خبر موجب: ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لانگاھ مري ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ 20 سالن جي نوجوان محمد بخش پٽ ممتاز علي مري ۽ 25 سالن جي عورت مسمات حرمت زال بيگو مري کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن. گوليون لڳڻ سبب 5 سالن جو ٻارڙو گلشير پٽ بيگو مري ۽ بيگو مري جي پيرسن امڙ مسمات رحيمان سخت زخمي ٿي پيا. واقعي بعد اطلاع ملڻ تي ٽنڊومستي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتوله عورت ۽ مقتول نوجوان جو لاش الڳ الڳ گاڏين ۾ کڻائي خيرپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. لاش گھر پهچڻ تي سندن وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن مقتوله عورت ۽ مقتول نوجوان جي لاش کي سندن اباڻي قبرستان پيرجيلاني ۾ دفن ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف مقتول محمد بخش مري جي ڀاءُ الطاف مري رابطو ڪري صحافين کي ٻڌايو آهي، ته منهنجو ڀاءُ ڪارو ناهي. بدنام ڌاڙيل بيگو مري جيڪو هن وقت جيل ڪاٽي رهيو آهي. اسان کي نياپو ڪيو هو، ته زمين کپائي مون کي پيسه ڏيو ته آءُ پنهنجي ضمانت ڪرائي ٻاهر نڪران اهڙي انڪار ڪرڻ تي هنن اسان خلاف ڪاروائي ڪري منهنجو ڀاءُ بيگناھ قتل ڪيو آهي. هن چيو، ته ڌاڙيل بيگو مري هنن جو مامو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز هئي. |