جوابدار ڌر جي 2 ٻارن کي 9 سال اڳ ساڳئي نموني قتل ڪيو ويو هو


لاڙڪاڻو:شهر ۾ بيدرديءَ سان  اغوا بعد قتل ٿي ويل ۽ ڌڙ کان ڌار ٿيل سسي واري نينگر جي واقعي بابت چيو وڃي ٿو ته کوکر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان ڪيترن ئي سالن کان تڪرار هلندڙ هيو جنهن دوران 9  سال اڳ جوابدار ڌر جي ٻن معصوم نينگرن 6  سالن جي علي صدر عرف لکمير پٽ شبير کوکر ۽ 8  سالن جي مجاهد پٽ بشير کوکر کي اغوا ڪري خنجر جا وار ڪندي جسم کان ٻانهون ڪٽي ۽ هڪ نينگر جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندي ٻاچڪن ۾ وجهي هڪ کي جوابدارن پنهنجي گهر پويان ٻوريو هيو ۽ ٻئي نينگر کي رائيس ڪئنال ۾ ٻوريءَ ۾ وجهي اڇلايو ويو هيو جن جو الزام مقتول نينگر سلمان کوکر جي پيءُ غلام مصطفيٰ کوکر ۽ ممتاز کوکر مٿان هيو ۽ ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جيل به اماڻيو هيو جنهن جو فيصلو پيپلز پارٽيءَ ان وقت جو ضلعي ناظم ۽ موجوده عرب عمارات جو سفير خورشيد جوڻيجو ڪيو هيوجنهن ۾ مقتول نينگر جي پيءُ غلام مصطفيٰ کوکر مٿان  15 لک روپيه ۽ ٻئي جوابدار ممتاز کوکر مٿان 15  لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو هيو جيڪو 4  سال اڳ ڌرين جو فيصلو ٿيو ۽ قتل ٿي ويل معصوم نينگر جو پيءُ غلام مصطفيٰ کوکر هڪ سال اڳ ڌرين جي راضپي بعد آزاد ٿي ويو پر گذريل ڏينهن سندس پٽ جو لاش ڌڙ کان ڌار ٿيل سسي ملي.