|
استعيفيٰ آئون نه پر عبدالحميد ڊوگر ڏيندو: جسٽس افتخار محمد اسلام آباد/ننڪانا صاحب(آن لائن) هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ چيو آهي ته آئون ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، پر جسٽس عبدالحميد ڊوگر استعيفيٰ ڏيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن هارون رشيد جي اڳواڻي ۾ آيل وڪيلن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته منزل ويجهو اچي پهتي آهي ۽ پرويز مشرف جي استعيفيٰ ۾ وڪيلن جي تحريڪ جو هٿ آهي، هن وڪيلن کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته سندن دليراڻي مؤقف جي ڪري اڄ اسان کي هي ڏينهن ڏسڻ نصيب ٿيو آهي، هن چيو ته سندس استعيفيٰ ڏيڻ واريون ڳالهايون رڳو افواهه آهن، آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته آئون بحالي کانپوءِ ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندس، هواڏنهن لطيف احمد وٽوءَ جي اڳواڻي ۾ پڻ وڪيلن جي وفد هٽايل چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ هيمشه لاءِ آمريت جي خاتمي تي آئون 16 ڪروڙ عوام کي مبارڪون ڏيان ٿو،آمريت وڪيلن ۽ محب وطن ماڻهن جي قربانين سبب ختم ٿي آهي، پرويز مشرف پنهنجي آمريت کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي اهم اداري کي تباهيءَ ڪناري پهچايو هو، هاڻي آئون اميد ڪريان ٿو ته عدليه تمام جلد بحال ٿي ويندي، هن چيو ته انشاءَ الله آئون سپريم ڪورٽ ۾ ويهي هر پاڪستانيءَ کي انصاف فراهم ڪندس، ٽيهه رڪني وفد ساڻس 3 ڪلاڪ ملاقات ڪئي.(گ) |
||
|
||