|
لاڙڪاڻي ۾ وحشين هڪ ڏينهن اڳ اغوا ڪيل 8 ورهين جي ٻار کي ڪهي سسي ڌار ڪري ڇڏي، ڌڙ نه مليو، 4 گرفتار لاڙڪاڻو(رپورٽ:ظفر ابڙو)لاڙڪاڻي شهر ۾ وحشي جوابدارن ظلم جي انتها ڪندي 8 ورهين جي معصوم نينگر کي اغوا ڪندي ڪجهه ڪلاڪن بعد ذبح ڪندي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندي قتل ڪري ڇڏيو،نينگر جو ڌڙ نامعلوم هنڌ تي لڪائي سسي ٻاچڪي ۾ وجهي سمال انڊسٽريز واري علائقي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا،پوليس اهڙي اطلاع ملڻ بعد ڪاروائي ڪندي مقتول نينگر جي پيءُ جي نشاندهيءَ تي سب انسپيڪٽر سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو،ڌڙ کان ڌار ٿيل سسي نينگر جي ڏسي ماءُ توڙي پيءُ کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي ويا ،ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب شيخ زيد ڪالونيءَ جي رهواسي 8 ورهين جو نينگر سلمان پٽ غلام مصطفيٰ کوکر کي هڪ ڏينهن جوابدار اسڪول کان واپسي اچڻ وقت گهٽيءَ مان اغوا ڪري فرار ٿي ويا،وارثن اهڙو اطلاع پوليس کي به ڏنو،وارث توڙي پوليس رات دير تائين نينگر کي هٿ نه ڪري سگهي جنهن کانپوءِ جوابدارن رشتن توڙي انسانيت جون حدون اورانگهيندي ظلم جي انتها ڪرڻ بعد نينگر کي خنجر سان ڪُهي سسي ڌڙ کان ڌار ڪرڻ کانپوءِ ڌڙ نامعلوم هنڌ لڪائي سسيءَ کي ٻاچڪي ۾ وجهي تعليمي بورڊ ڀرسان سمال انڊسٽريز واري گهٽيءَ ۾ گند جي ڍير تي اڇلائي فرار ٿي ويا،ٻاچڪي ۾ بند پيل معصوم نينگر جي سسي جڏهن اتان جي هڪ رهواسي عورت پنهنجي گهر جو گند اڇلائڻ جئين ئي ڍير تي پهتي ته ٻاچڪو کوليو ۽ مقتول نينگر جي سسي ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو،وليد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ ڪرائي ته غلام مصطفيٰ کوکر جي پٽ سلمان کوکر جي سسي نڪتي جنهن کي هڪ ڏينهن اڳ نامعلوم جوابدار اغوا ڪري ويا هئا.اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. پوليس معصوم نينگر جي سسي کڻائي چانڊڪا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪندي مقتول نينگر جي پيءُ غلام مصطفيٰ کوکر جي نشاندهيءَ تي پوليس مختلف علائقن سان گڏ نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ گاداڻيءَ ۾ ڇاپا هڻي چئن جوابدارن سب انسپيڪٽر ديدار کوکر،عامر کوکر،عمران ۽ حفيظ کوکر کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي اهڙي خبر پوڻ کانپوءِ شهر جي ماڻهن ۾ ڏک ۽ مايوسيءَ جي لهر ڇانئجي وئي جيڪي واقعي واري هنڌ پهچي معصوم ٻار جي ڌڙ کان ڌار ٿيل سسي ڏسندي ڪيترائي ماڻهون لڙڪ لاڙيندا رهيا. ۽ عام ماڻهو به وحشي جوابدارن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رهيا ،جڏهن معصوم نينگر جي ڌڙ کان ڌار ٿيل سسيءَ کي جئين ئي وارث گهر کڻائي آيا ته سندس ماءُ ۽ پيءُ کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي ويا گهر ۾ قيامت صغريٰ برپا ٿي وئي.معصوم نينگر جي ڌڙ کان ڌار ٿيل سسيءَ کي وارثن اباڻي قبرستان ۾ لڙڪن ۽ سڏڪن سان دفنائي ڇڏيو،هوڏانهن پوليس جوابدارن جي گرفتاريءَ بعد نينگر جي ڌڙ کي هٿ ڪرڻ لاءِ سمال انڊسٽري واري علائقي تي ڪڙو چاڙهي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي پر آخري اطلاعن تائين بي رحم انسانن هٿان لڪايل معصوم نينگر جو ڌڙ هٿ اچي نه سگهيو هيو. |