|
سلامتي ڪائونسل ۾ شام خلاف قرارداد کي روس ۽ چين ويٽو ڪري ڇڏيو نيويارڪ(م-ڊ) اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل۾ آمريڪا پاران شام خلاف پيش ڪيل قرارداد کي رد ڪئي وئي، سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر روس ۽ چين ٻيو ڀيرو قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سلامتي ڪائونسل جي پاڪستان ۽ ڀارت سميت قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو، آمريڪا طرفان پيش ڪيل قرارداد ۾ شام جي صدر بشار الاسر کي اقتدار ڇڏڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، قومي سلامتي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندي حسين هارون خطاب ڪندي چيو ته شام جي بهتري لاءِ موجوده صورتحال جو خاتمو اچڻ گهرجي، هن چيو ته شام ۾ شهرين جي قتل عام تي ڳڻتي آهي. اقوام متحده کي شام تي دٻاءُ جاري رکڻ گهرجي. جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلٽن ان حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته روس سان قرارداد کي ويٽو ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. |
|
|