اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ وڌائي 13 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو


ڪراچي (اي پي پي) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان 2 آگسٽ 2010 کان پاليسي ريٽ 50 بيس پوائنٽس جي اضافي سان 13 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو اعلان اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي وقتي گورنر ياسين انور جمعي ڏينهن اسٽيٽ بينڪ ڪراچي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي ڪيو. ياسين انور پاليسي ريٽ ۾ اضافي جو پس منظر بيان ڪندي چيو ته اهو فيصلو خطرا گهٽائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، مانيٽرنگ پاليسي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن مجموعي طلب جو دٻاءَ گهٽجي سگهي جيڪو موجود وقت وڌي رهيو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بينڪ کان حڪومتي قرضن جي ادائيگين تي دٻاءَ گهٽجندو، اهم شعبن ۾ ترقياتي خرچن لاءِ گنجائش ۾ اضافو ٿيندو ۽ خانگي شعبي تي خراب اثر پڻ گهٽجي ويندا. هن چيو ته مالي سال 10-2009 دوران سراسري ناڻي واڌ 11.7 سيڪڙو هئي جيڪا هدف کان 2.7 سيڪرو وڌيڪ آهي. تازي صورتحال ۽ ٿيل اڳڀرائي سبب مالي سال 11-2010 ۾ پڻ ناڻي واڌ جو دٻاءَ برقرار رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته مالي سال 11-2010 ۾ سراسري ناڻي واڌ 11 کان 12 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.