|
توهان پنهنجي ٻارن جا رشتا ننڍي هوندي نه ڪيو، گهٽ ۾ گهٽ بالغ ٿين: پير پاڳارو پيرجوڳوٺ (ن-ع) حر جماعت جي روحاني پيشوا پيرسيد صبغت الله شاھ پيرپاڳاري ڇنڇر ڏينهن درگاه شريف پيرجوڳوٺ ۾ حر جماعت ۽ عقيدتمندن جي اجتماع کي زيارت جو شرف بخشيندي ۽ روحاني خطاب ڪندي هدايت ۽ تلقين ڪندي چيو، ته توهان سڀني کي خبر آهي، ته هن وقت پاڪستان تي ڏکيو وقت آيل آهي. پاڪستان توهان جو آهي ۽ توهان پاڪستان جا آهيو. توهان پاڪستان لاءِ دعا گھرندا رهو، توهان جتي به رهو ٿا اتي پنهنجي پاڙيوارن جو خيال رکو انهن سان چڱو هلو. الله تعالى خير ڪري پر ڪڏهن به ڏکيو وقت آيو ته پهريان پاڙي وارو پهچندو. مٽ مائٽ جيسيتائين پهچن. پير پاڳاري تلقين ڪندي چيو، ته وضوءَ سان فارغ وقت ۾ درود شريف پڙهندا رهو ۽ باقي فارغ وقت ۾ لا الٰہ الا الله جو ڪلمو پڙهندا رهو. نيت صاف آهي، ته ڪاميابي ۽ عزت سڀ ڪجھ آهي. توهان کي خبر آهي، ته پاڪستان تي ڏکيو وقت آهي. هڪ هزار نوڪري آهي، ته ٻه لک درخواستون اچن ٿيون. ڪٿي هڪ هزار ڪٿي ٻه لک! مان عرض ڪيم ته پاڪستان توهان جو آهي ۽ توهان پاڪستان جا ته پاڪستان جي فوج به توهان جي آهي. ته توهان ٻارن کي پڙهايو ۽ پاڪستاني فوج ۾ ڀرتي ڪرايو. ان سان توهان کي ٻه ٽي ويلا روٽي (ماني) عزت سان ملندي. پيرپاڳاري هدايت ۽ تلقين ڪندي چيو، ته توهان پنهنجي ٻارن جا رشتا ننڍي هوندي نه ڪريو، هڪ ڀاءُ وٽ ڇوڪري آهي، ته ٻئي ڀاءُ وٽ ڇوڪرو. ڇوڪري پڙهي ٿي ۽ ڇوڪرو نه ٿو پڙهي ته اها ڇوڪري انڪار ڪري ٿي. ڇوڪري انڪار ڪندي ته نڪاح نه ٿيندو. تنهنڪري ننڍي هوندي رشتا نه ڪريو. گھٽ ۾ گھٽ ٻار بالغ ته ٿين. توهان پنهنجي مائٽن، دوستن ۽ واسطيدارن کي منهنجو اهو پيغام پهچايو ۽ هر نماز ۾ منهنجي لاءِ دعا ڪندا ڪريو، ته هر ننڍي وڏي ۽ واسطيدار سان انصاف سان هلان. انصاف آهي، ته عزت به آهي. پيرپاڳاري کين وڌيڪ تلقين ڪندي چيو، ته توهان جو اخلاقي فرض آهي، ته پنهنجي خليفي، مک سان عزت سان هلو؛ هنن کي پنهنجي پيءُ وانگر سمجھو ۽ خليفن ۽ مکن کي به مون چيو آهي، ته توهان به ننڍي وڏي واسطي واري سان ائين هلو جيئن توهان جا پنهنجا ٻار آهن. پيرپاڳاري خانقاه راشديه، حر جماعت واسطيدارن ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ دعا پڻ گھري. هوڏانهن حر جماعت جو روحاني پيشوا (اٺون) پيرپاڳارو پير سيد صبغت الله شاهه (ثالث) 12 ربيع الاول آچر ڏينهن (اڄ) حر جماعت ۽ عقيدتمندن جي اجتماع کي زيارت جو شرف بخشيندو ۽ روحاني خطاب فرمائيندو، پنهنجي روحاني پيشوا جي زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ ۽ روحاني خطاب مان فيضياب ٿيڻ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان حر جماعت ۽ عقيدتمندن جي قافلن ۽ پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. حرجماعت ۽ عقيدتمند وڏي انگ ۾ درگاهه شريف پيرجوڳوٺ پهچندا رهن ٿا. جن جي آمد جو سلسلو 12 ربيع الاول (اڄ) آچر ڏينهن باک ڦٽيءَ مهل تائين جاري رهندو. |