|
ماڻهو ڳالهين بدران عملي ڪم ڪن ته تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي: پيرمظهر ڪراچي(هه-آ) سنڌ جي سينئر وزير تعليم و خواندگي پير مظهرالحق چيو آهي ته علم جي روشني فهلائڻ وارا ماڻهو عظيم هوندا آهن انهن ۾ ناصره ايجوڪيشنل ٽرسٽ اسڪول جو بنياد وجهندڙ بيگم ناصره وزير علي به هڪ آهي جنهن پنهجي گهر جي ٻن ڪمرن ۾ ناصره ايجوڪيشن ٽرسٽ جو بنياد 1942 ۾ رکيو ۽ اڄ هي تعليمي ادارو 12000 هزار کان وڌيڪ طالب علمن کي تعليمي پرورش ڪري رهيو آهي انهن خيالن جو اظهار هن ايجوڪيشن ٽرسٽ ناصره اسڪول ڊي ايچ ايس جي 63 هين فائونڊر ڊي جي موقعي تي ساليانو راندين جي مقابلي ۾ مهمان خاص جي طور خطاب دوران ڪيو راندين جي هن سالياني مقابلي ۾ اسڪول جي ٻارڙن ڪلچر،پي ٽي ڊسپلي، اٿيلٽڪس ۽ بين مقابلن دوران پنهجي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي خوب داد ماڻيو. تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي چيئرپرسن ۽ وزيراعظم جي ايڊوائيزر ميڊيم شهناز وزير علي چيو ته ناصره ايجوڪيشن ٽرسٽ بهترين تعليم جي ترقي لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪو ڪريڪيولر ايڪٽوٽي ۽ راندين جي مقابلا ڪرائي ٻارڙن جي ذهني صلاحيت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اسان جو ويزن بهتر ۽ معياري تعليم ڏيڻ آهي. ان موقعي تي پير مظهرالحق چيو ته ناصره اسڪول جي ڪارڪردگي قابل تعريف آهي جنهن جي تحت 12000 کان وڌيڪ ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان آرائسته ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته بيگم شهناز وزير علي پنهجي عظيم ماءُ ۽ پنهجي قائد محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ويزن تي عمل ڪندي تعليم جي بهترئ جي لاءِ جاکوڙي رهي آهي جڏهن ته پنهجي والده بيگم ناصره جي مشن کي ڪاميابي سان اڳتي وڌائي رهي آهي.سينئر وزير چيو ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ اسڪولن جو انگ تمام گهٽ هو اهي اسڪول وڏي تعداد ۾ موجود ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان آرائسته ڪرڻ جي لاءِ ناڪافي هئا جڏهن ته ان دور ۾ جديد تعليم کي فروغ نه ڏنو ويو جنهن۾ ان وقت جا علما به برابر جا شريڪ هئا ان دور ۾ خانگي اسڪولن جو وجود به نه هو ليڪن ان ڪمي کي محسوس ڪندي بيگم ناصره وزير علي جهڙين شخصيتن تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ نروار ٿي پنهجو اهم ۽ ذميوراڻا رول ادا ڪيو. هن چيو ته هي ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪجهه ماڻهون چوندا رهن ٿا ته تعليم جو ٻيڙو غرق ٿي ويو ليڪن اهي سواءِ ڳالهين جي ڪجهه به نه ناهن ڪندا اهڙن ماڻهن کي خالي ڳالهيون ڪرڻ جي بجاءِ عملي ڪم ڪرڻ گهرجي ته هوند تعليم لاءِ بهتري ٿي سگهي ٿي. سينئر وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي جمهوري ۽ عوامي حڪومت تعليم جي ميدان ۾ تبديلي آندي آهي جنهن کان ڪوبه باشعور ماڻهون منهن نه ٿو موڙي سگهي جڏهن ته پنهجي شهيد قائد جي ويزن تي عمل ڪندي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. تقريب جي اختتام تي سينئر وزير مختلف مقابلن ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ شيلڊ ۽ انعام ورهايا. |