|
حڪۡومت جيترو جلدي هلي وڃي قوم لاءِ اوترو بهتر آهي:نواز شريف لاهور(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ هم خيال گروپ جي اڳواڻ همايون اختر ۽ سينيٽر هارون اختر رائونڊ ۾ نواز ليگ جي صدر نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ نواز ليگ جي اڳواڻ سان موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي نواز شريف جو چوڻ هو ته ملڪ کي بحرانن جي ور چاڙهيندڙ مرڪزي حڪومت جيترو جلدي هلي وڃي قوم جي لاءِ اوترو ئي بهتر آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تمام اپوزيشن پارٽيون گڏجي ڪرپٽ حڪومت جي خلاف ڪم ڪن، همايون اختر جو چوڻ هو ته هن وقت تمام مسلم ليگين جي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ گڏجي مرڪزي حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ گهرجي، ملاقات ۾ اليڪشن جي حوالي سان به غور ويچار ڪيو ويو. |