آمريڪا طالبان سان ڳالهين بابت آگاهه ڪيو آهي، افغان عوام
۽ قيادت جي حمايت بنا ڪاميابي نٿي ملي سگهي: پاڪستان
لنڊن/اسلام آباد(آن لائن) پاڪستان پهريون تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا طالبان سان ٿيندڙ شروعاتي ڳالهين بابت کين آگاهه ڪيو آهي، طالبان سان مصالحتي ڳالهين ۾ پاڪستان جو ڪردار مداخلت ڪندڙ جو نه پر سهولتون ڏيندڙ جو آهي، پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان عبدالباسط برطانوي جي نشرياتي اداري سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي رابطا ته برقرار آهن ۽ آمريڪا اسان کي سفارتي ذريعن وسيلي ئي طالبان سان ڳالهين بابت آگاهه ڪيو، اسان اميد ٿا ڪريون ته آمريڪا سان رابطا جڏهن مڪمل طور بحال ٿيندا ته اسان کي وڌيڪ تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو. عبدالباسط چيو ته اسان جو هڪ محدود ڪردار آهي انهيءَ ڪردار تعين افغانستان جو عوام ۽ ان جي قيادت ڪندي، اسان هڪ اصولي فيصلو ڪري رکيو آهي ته اسان افغانستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن قسم جي مداخلت نه ڪنداسين، ترجمان زور ڀريو ته افغانستان ۾ مصالحتي عمل جي ڪاميابي جو دارومدار افغان عوام جي حمايت تي آهي ڪو به مصالحتي فارمولو ان وقت تائين پائيدار نٿو ٿي سگهي جيستائين اهو افغانستان جي عوام ۽ قيادت کي قابل قبول نه هوندو. انهيءَ لاءِ اسان جي اها ئي ڪوشش آهي ته جيڪا به اڳڀرائي ٿئي، جيڪي به معاملا ۽ ڳالهيون اڳتي وڌن انهيءَ لاءِ افغانستان جي عوام جي حمايت هجڻ گهرجي، ترجمان کان پڇيو ويو ته وزيراعظم يوسف رضا گيلاني قطره جي دوري دوران اتي جي قيادت سان طالبان جي آفيس کولڻ ۽ طالبان جي ڳالهين بابت کين آگاهه ڪندو، جنهن تي عبدالباسط چيو ته يقينن قطر جي قيادت وزيراعظم کي طالبان جي آفيس بابت آگاهه ڪندي، يقينن افغانستان جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، اسان سدائين اهو ئي چيو آهي ته افغانستان جو مسئلو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهي ٿو، اسان کي انهيءَ ڳالهه تي خوشي آهي ته نيٺ دنيا اسان جي موقف کي اهميت ڏني ۽ هاڻي وڏا رانديگر ۽ افغانستان ۾ به ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي ڏسي رهيا آهن ته ڳالهين ذريعي ئي افغانستان مسئلي جو حل ڳولهڻ گهرجي، انهيءَ حوالي سان اسان انهيءَ کي سٺو سمجهون ٿا، ڳالهين لاءِ قدم کنيا پيا وڃن هن چيو ته جيتري قدر طالبان سان رابطن جو تعلق آهي ته پاڪستان هر انهيءَ ڪوشش جي حمايت ڪري ٿو ته جيڪا پائيدار، مصالحت طرف وٺي وڃي، ڇو ته پاڪستان سدائين ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ڪٿي به ڳالهيون ٿي رهيون هجن افغانستان جي بهتري لاءِ ٿي رهيون آهن، ڪٿي استحڪام لاءِ ٿي رهيون آهن پاڪستان هر ڪوشش جي حمايت ڪندو. عبدالباسط چيو ته آئون ڪنهن خاص اڳڀرائي طرف اشارو نه ڪرڻ چاهيندس، ڇو ته کوڙ ساريون شيون آهن انهن سمورن معاملن ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان جڙيل آهن، جيڪي ڪوششون آهن انهن ۾ سمورا لاڳاپيل افغان ماڻهو جيڪڏهن انهن ڳالهين جي حمايت ڪن ٿا ته پاڪستان وٽ ڪو به ڪارڻ ناهي جو ان جي حمايت نه ڪري، ترجمان چيو آهي ته مصالحت ان وقت تائين ڪامياب نٿي ٿي سگهي، جيستائين افغانستان جي عوام ۽ افغانستان جا اڳواڻ ان جي حمايت نه ڪندا ۽ جيستائين انهن جو ان تي ڪو فيصلو يا اتفاق نه ٿئي ۽ پاڪستان سميت پرڏيهي طاقتون هڪ حد تائين مدد ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته انهيءَ لاءِ هميشه پاڪستان انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيڪو به مصالحت جو عمل شروع ٿئي، يا ميڪينزم هجي ان جي قيادت افغانستان جا ماڻهو پاڻ ۽ اهي ئي اڳتي وڌائين. پاڪستان سدائين افغانستان سان بهتر ناتا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، ٻئي ملڪ هڪٻئي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. هوڏانهن ريڊيو پاڪستان کي خاص انٽرويو ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابل حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.عبدالباسط چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير حنا رباني کر ڪابل ۾ افغان اڳواڻن سان لاڀائتيون ڳالهيون ڪيون آهن. حنا رباني جو دورو گذريل ڪجهه مهينن دوران پاڪ افغان ناتن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ وڏي اهميت رکي ٿو ۽ حنا رباني جي ڄاڻايل دوري سان پاڪستان کي مفاهمت جون ڪوششون اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي سڀني نمائندن سان ڳالهيون ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي ته جيئن افغانستان اتحادي فوجين جي واپسي کان پوءِ هڪ پر امن ملڪ طور اڀري سگهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان سان هميشه الزامن جي راند کيڏڻ کان پاسو ڪندو رهيو آهي ۽ پرڏيهي وزير ڪابل ۾ ڳالهين دوران ان معاملي کي اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسئلا پيدا ٿين ٿا ته ٻنهي ملڪن کي اهي مسئلا ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ گهرجن. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستاني پرڏيهي وزير حنا رباني کر ايندڙ هفتي روس جي دوري تي وڃي رهي آهي جتي هوءَ يقيني طور تي روسي عملدارن سان علائقائي صورتحال بابت ڳالهيون ڪندي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني به 6 فيبروري کان قطر جي دوري تي وڃي رهيو آهي جتي قطر جي هاڻوڪين مفاهمتي ڪوششن بابت ڳالهيون ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان خطي جي ملڪ طور ڄاڻي ٿو ته خطي جا مسئلا ڪهڙا آهن ۽ اتي جٽادار امن ڪيئن قائم ڪري سگهجي ٿو. افغان امن ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار بابت هڪ سوال تي ترجمان چيو ته پرڏيهي قوتون ڪنهن حد تائين امن قائم ڪرڻ ۾ افغان عوام جي مدد ڪري رهيون آهن پر اهم ڌر افغانستان جو عوام ۽ اڳواڻ پاڻ آهن ۽ اهي ئي فيصلو ڪري سگهن ٿا ته اهي افغانستان ۾ سگهاري حڪومت وسيلي مفاهمت يا خوشحالي چاهين ٿا يا خدا نه ڪري 1990ع واري صورتحال جا خواهشمند آهن. پاڪستان هميشه افغان عوام جي حصيداري تي ٻڌل ڪوششن جي حمايت ڪندو آيو آهي.