|
|||
|
حيدرآباد ڀرسان ڀٽائي ننگر پوليس جو 3 شاگردن تي تشدد حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ڀرسان ڀٽائي ننگر پوليس سانگهڙ واسي 3 شاگردن تي تشدد ڪيو آهي، ڀٽائي ننگر مان 3 شاگرد شعيب لغاري، ميان بخش لغاري ۽ سبحان لغاري موٽر سائيڪل تي ڄامشورو وڃي رهيا هئا ته پٺاڻ ڳوٺ پوليس چوڪي وٽ اڳيان ويندڙ ڪار ۾ سوار ايس ايڇ او ڀٽائي ننگر پاران اوچتو بريڪ هڻڻ سبب شاگردن جي موٽر سائيڪل ايس ايڇ او جي ڪار سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب 2 شاگرد شعيب ۽ سبحان لغاري معمولي زخمي ٿي پيا، علاج ڪرائڻ بدران ايس ايڇ او جي چوڻ تي اتي چوڪي تي موجود سپاهين شاگردن کي چماٽون وهائي ڪڍيون انهي سلسلي ۾ شاگرد شعيب لغاري عبرت آفيس پهچي دانهيو ته ڀٽائي ننگر پوليس اسان سان ناانصافي ڪئي آهي ايس ايڇ او جو ڏوهه هجڻ باجود اسان تي تشدد ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته پوليس اسان کي تنگ ڪندي انصاف کپي. |
|||
|