حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
پ پ سرڪار خانگي ادارن کي سنڌي لازمي پڙهائڻ لاءِ پابند ڪيو آهي: سردار شاهه

ڪراچي:  جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ جو معاملو اٿاريندي چيو ته سنڌي نه پڙهائڻ سنڌ خلاف وڏي سازش آهي، تعليم واري وزير سردار شاهه جواب ڏيندي چيو ته 47 سالن بعد پ پ سرڪار خانگي ادارن کي سنڌي لازمي پڙهائڻ تي عمل ڪرائڻ لاءِ پابند ڪيو آهي، هن چيو ته صوبي ۾ ڪئمبرج ۽ آغا خان بورڊ جي نظام تحت 245 ادارا آهن جن ۾ سنڌي نه ٿو پڙهايو وڃي، پر هاڻي اسان سڀني کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ چيو آهي ۽ عمل به ڪرائي رهيا آهيون. پي ٽي آءِ جي راجا اظهر خان ج    پي ايس 97 ۾ غيرقانوني بس اڏن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ سرڪار غيرقانوني بس اڏن خلاف ڪارروائي ڪئي پر پوليس جي مدد نه ملڻ ڪري دير ٿي، ٻيو وري ٽرانسپوٽر عدالتن ۾ هليا ويا ، عدالتن ڪارروائي کان روڪيو آهي، عدالتي ميٽر هجڻ ڪري وڌيڪ ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته پ پ جي ميمبر غزالا سيال پاران خيرپور ميرس ۾ وڻڪاري بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ٻيلي کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وڻڪاري جو پوري سنڌ لاءِ منصوبو آهي، هاڻي ٻيلن جون زمينون صرف ساڳئي ئي مقصد لاءِ استعمال ٿي سگهنديون، خيرپور ميرس جي بس ٽرمينل ڀرسان واري پارڪ ۾ وڻڪاري ڪئي ويندي.