حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
سنڌ ۾ مٽيءَ جو طوفان، مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت، 100 کان وڌيڪ زخمي، بلوچستان ۾ سيلاب

حيدرآباد (نمائندن وٽان) پوري پنجاب ۽ بلوچستان ۾ برساتي سلسلو جاري، ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، مختلف واقعن ۾ چار ماڻهو فوت، 100 کان وڌيڪ زخمي، بجلي نظام درهم برهم، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيلن موجب پنجاب جي مختلف شهرن ۾ موصلاڌار بارشن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، لاهور جي شادباد واري علائقي ۽ عامر روڊ تي ڀت ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت، جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي ويا آهن. هوڏانهن لاهور جي منصورا واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گجرانوالا ۾ 25 کان وڌيڪ بجلي جا فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن کي فراهمي معطل ٿي وئي. لاهور شهر ۾ 150 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب ٽائون شپ، جوهر ٽائون، کوکر نياز بيگ ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي جي فراهمي مڪمل طور تي بند ٿي وئي، نارو وال ۾ تيز آنڌي سبب بجلي معطل ٿي وئي، جڏهن ته جهانيان تلمبا ۽ حويلي لکا ۾ تيز بارش سان ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، سکيڪي پنڊي ڀٽيا ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ تيز برسات جي شروع ٿي وئي. جڏهن ته اوڪاڙا ۾ آسماني بجلي ڪري پئي، جنهن سبب مصنوعي جنگل ۾ باهه لڳي وئي، جنهن کي ريسڪيو جون ٽيمون وسائڻ ۾ مصروف آهن.  چاڪي واڙا ۾ مدرسي جي ڇت ڪرڻ سبب موذن زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو. هوڏانهن برسات وسائڻ وارو سسٽم ايران کان بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ بعد ڪوئيٽا، ڪوهلو، اورماڙا، چمن، زيارت، جيواني، دڪي ۽ گوادر ۾ تيز برساتيون شروع ٿي ويا آهن. ڪيتنر ئي علائقن ۾ بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. جڏهن ته سيلاب سبب هرنائي واري علائقي جو پوري ملڪ سان زميني رابطو پڻ ڪٽجي ويو آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ پڻ طوفاني هوائن تباهي مچائي ڇڏي، ڇتيون، ڀتيون ۽ وڻ ڪرڻ سبب ٽن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، 22 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. هوائي جهازن جون اڏامون متاثر، سمنڊ ۾ ماهيگيرن جو ٻيڙو گم ٿي ويو، 14 ماهيگير لاپتا، ڪراچي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، تيز هوائن سبب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڀتيون، ڇتيون، بجلي جا پول ۽ وڻ ڪرڻ سبب 4 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. نمائش چورنگي واري علائقي ۾ وڻ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هيروئني هو ۽ وڻ جي هيٺان ستو پيو هو ته اوچتو وڻ ڪري پيو جنهن سبب فوت ٿي ويو جڏهن ته لانڍي واري علائقي ۾ ديوار ڪرڻ سبب معصوم ٻارڙي تنزيلا فوت ٿي وئي. ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ ديوار ڪرڻ سبب 18 سالن جو نوجوان ڪاشف ولد غلام حسين فوت ٿي ويو. ڪورنگي واري علائقي ۾ ڪچي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب معصوم ٻارڙي مهڪ ڌيءَ فيصل فوت ٿي وئي. طوفاني هوائن سبب طارق روڊ، اورنگي ٽائون، حاجي مريد ڳوٺ، منگهو پير ۽ ٻين علائقن ۾ ڇتيون، ڀتيون ۽ وڻ ڪرڻ سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو. زخمين ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي آهي. شهر ۾ طوفاني هوائن جي صورتحال سبب اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، موڪل تي ويل ڊاڪٽرن جون موڪلون رد ڪري واپس طلب ڪيو ويو. هوائن سبب هوائي جهازن جو شيڊيول پڻ متاثر ٿيو. پي آءِ اي جون ڪيتريون ئي اڏامون معطل ڪيو ويون، سول ايوي ايشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته موسم جي خرابي سبب ايئرپورٽ تي آپريشن معطل ڪرڻو پيو، ڪراچي مان ويندڙ توڙي ٻاهريان ايندڙ اڏامن جا شيڊيول متاثر ٿيا آهن. هوڏانهن ابراهيم حيدري جي رهواسي ماهيگيرن جي ٻيڙي سمنڊ ۾ لاپتا ٿي وئي. ماهيگيرن جو چوڻ آهي ته مڇي جي شڪار تي ويل 14 ماهيگيرن جو رابطو ڪٽجي ويو آهي، آخري ڀيرو هنن سان دبو ڪريڪ ويجهو رابطو ٿيو هو ان کان پوءِ ڪو به رابطو ناهي. فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ڪمال شاهه جو چوڻ آهي ته طوفان سبب ماهيگيرن جي ٻيڙي ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي آهي جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ٻيڙين ۾ 14 ماهيگير سوار هئا. ٻئي طرف سنجرچانگ  چمبڙ، دليل آباد، ، تاج موري، مسڻ وڏي آس پاس تيز هوا سان مٽي جي طوفان ڪيترن ڪچن گهرن جون ڇتيون اڏائي ڇڏيون انبن جي باغن ۾ انڙين جا ڍير لڳي ويا باغن جي واپارين کي ڪاپاري ڌڪ رسيو باغن ۾ ٿيندڙ انبڙين جون ڪٽا ڀري مارڪيٽ موڪلڻ جو سلسلو شروع بجلي جو نظام درهم برهم ڪاروبار سخت متاثر شهر ۾ مٽي جي طوفان ڪري ماڻهو گهرن ۾ محدود  دڪاندار پريشآن ڪڻڪ جي نڪتل کرن جو بوه اڏامي ويو جيڪو هن ٽائم  پنج سئو روپيا مڻ وڪامجي رهيو آهي ڪڻڪ جي آبادگارن ميڊيا کي ٻڌايو ت اچانڪ مٽي جي طوفان وڏو نقصان ڏنو آهي  مٽي جي طوفان هوا سان ڪافي نقصان ٿيو آهي پهرين تيز طوفاني هوا ۽ بعد ۾ برسات پوڻ ڪري گڏ ڪيل ڪڻڪ جي کري کي نقصان پهچايو آهي ٻي پاسي تيز هوائن سبب بجلي تارون پڻ ٽٽي ويون آھن ۽ ڪٿي ڪٿي  پول پڻ ڪري,پيا آھن جنهن سبب بجلي  جو نظام درهم برهم ٿي ويو آھي. جڏهن ته  ڳاڙھو گذريل رات ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي ڳاڙھو، ڪيٽي بندر، ٻگهاڻ، گهوڙاٻاري، کاروڇاڻ وارن علائقن ۾ آيل تيز مٽيءَ جو طوفان هزارين گهرن، دڪانن، مرغي شيڊن، پان فارمن جون ڇتيون اڏائي ڇڏيون. بجلي جا پول ۽ تارون ڪرڻ سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. سبزين ۽ ڦٽين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ سبب آبادگارن سخت پريشان. ٻئي پاسي ڪيٽي بندر ويجهو حجامڙو ڪريڪ وٽ شاهد پيروزاڻي جي العباس لانچ طوفان سبب ٻڏي ويئي جنهن ۾ 27 ماڻھو سوار هئا جن کي مقامي ماهيگيرن بچائي ورتو. ان کان علاوه ڪيٽي بندر جي ڇاڻ ڪريڪ وٽ ھارون جت جو هوڙو طوفاني لهرن سبب ٻڏي ويو، جنهن ۾ 15 ماڻھو سوار هئا انهن کي به مقامي ماڻھن همٿ ڪري بچائي ورتو ۽ مليل اطلاعن موجب سمنڊ ۾ ويل هوڙن مان 35 کان 40 هوڙا اڃا تائين لاپتا آهن، ساڻن ڪو به رابطو نه ٿي رهيو آهي، سندن وارث سخت پريشان آهن جن ميري ٽائيم سيڪيورٽي وارن سان رابطو ڪيو پر سمنڊ جي سطح مٿي هئڻ ۽ تيز لهرن سبب اندر وڃڻ لاءِ تيار ناهن. ٻي پاسي ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير جو چوڻ ھو ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، اسان جائزو وٺون پيا ۽ نيول وارن سان پڻ ڳالهايو آهي جيڪي سمنڊ ۾ ويل هوڙن ۽ لانچن کي ڪنارن تي محفوظ هنڌن تي آڻين پيا باقي هن مهل تائين واري صورتحال ناهي. هوڏانهن بلڙي شاهه ڪريم بلڙي ويجهو لڳ ڏتا واه ڳوٺ مولابخش ڪپري م  تيز آندهي طوفان سبب گهر جي گهٽي تي لڪي ويٺل ڇهن سالن جو معشوق ڪپري پٽ اصغر ڪپري جي مٿان اچاڪ بجلي جو ٿنڀو ڪري پيو جنهن سبب معصوم ٻارڙو شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي بلڙي اسپتال آندو ويو پر تيستائين هن جو دم پرواز ڪري چڪو هو ٻي طرف کراڙي موري لڳ ڳوٺ عيدو ڪپري  آندهي طوفان تباهي آڻي ڇڏي جنهن سبب ڪيترن ئي ڪکاون گهرن جون ڇتون پڻ اڏامي ويون.  جڏهن ته سنڌ جي ٻئي شهرن گلاب لغاري، ڪڍڻ، عمرڪوٽ، ڪوٽ غلام محمد، حيدرآباد، مسوڀرڳڙي، ڪنڌڪوٽ، ڊگهڙي، ملاڪاتيار، تلهار، مقصودو رند، ٽنڊو محمد خان ۽ ماتلي ۾ پڻ مٽيءَ جي طوفان ۽ تيز هوائن تباهي مچائي ڇڏي. مختلف فصلن کي ڪاپاري ڌڪ انبن جي باغن جو فصل پڻ تباهه ٿي ويو، آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا.