حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
ڪنهن وزير کي تبديل نه پيو ڪيو وڃي، وزيراعظم به اهو ئي پيغام موڪليو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪنهن وزير کي تبديل نه پيو ڪيو وڃي، وزيراعظم عمران خان پيغام موڪليو آهي ته وزيرن جي تبديلي جي حوالي سان ميڊيا تي غلط خبرون هلي رهيون آهن اهڙي طرح جون خبرون تصديق کان سواءِ نه هلائڻ گهرجن، غلط خبرن سان ملڪ جو نقصان ٿيندو ان ۾ ميڊيا جو به نقصان آهي. وزير ان لاءِ وزير آهن ڇاڪاڻ جو وزيراعظم عمران خان انهن مان مطمئن آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي اسد عمر تفصيل سان آگاهه ڪندو، اسان مضبوط معيشت طرف وڃي رهيا آهيون، سومر ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير چيو ته جڏهن به آءِ ايم ايف سان ڳالهه حتمي مرحلن ۾ هوندي آهي، اهڙي طرح جون خبرون اينديون آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري اچي رهيو آهي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ معيشت جي حوالي سان وڏيون خبرون اچڻ واريون آهن، هن چيو ته وزيرن جي ڪارڪردگي رپورٽس وزيراعظم آفيس پهچي چڪي آهي، وزير ان لاءِ وزير آهن ڇاڪاڻ جو وزيراعظم عمران خان انهن مان مطئمن آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به ڦيرڦار جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي، اهڙي ڪنهن به فيصلي بابت آگاهه ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين تي اسد عمر تفصيلي آگاهه ڪندو انشاءُ الله اسان مضبوط معيشت جي طرف وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي معاملي ۾ به مثبت اڳڀرائي سامهون اچي رهي آهي، وڌيڪ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد حسين ان ڏس ۾ هڪ ٽوئيٽ ۾ به جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته حڪومتي وزيرن جا قلمدان تبديل ڪرڻ جي حوالي سان خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، وزيرن جي تبديلي وزيراعظم جو صوابديدي اختيار آهي، ميڊيا ان ڏس ۾ ذميداري جو مظاهرو ڪري، ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت پاڪستان اهم مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ ان قسم جي قياس آرائين سان بدنظمي پيدا ٿيندي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي.