حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
عام چونڊون ڪجھ خوفناڪ واقعن جي لپيٽ ۾ رهيون، انساني حقن جو خيال نه رکيو ويو: ايڇ آر سي پي

اسلام آباد (م ڊ) انساني حقن بابت پاڪستاني ڪميشن (ايڇ آر سي پي) پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته 2018ع عام چونڊن جي سال ۾ جيڪڏهن انساني حقن جي معاملن تي اڳڀرائي ۽ ان جي تحفظ کي مڪمل طور تي پوئتي نه ڌڪيو ويو ته به ان تان ڌيان ضرور هٽايو ويو، چونڊون دوران ڌانڌلي جهڙن الزامن جو مڪمل ازالو ناهي ڪيو ويو، چونڊون ڪجھ خوفناڪ واقعن جي لپيٽ ۾ رهيون، ان باوجود عام سيٽن عورت اميدوارن جو انگ گذريل چونڊن کان وڌيڪ هو، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کدڙن فقيرن به چونڊن ۾ حصو ورتو. ڪالهه 15 اپريل تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ايڇ آر سي پي جو چوڻ هو ته اظهار جي آزادي جي بنيادي حق کي جهڙي ريت پامال ڪيو ويو، خاص طور تي پولنگ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ ان جو مثال نٿو ملي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته قومي سلامتي جي خدشن جي نالي تي ميڊيا جي ذريعن جي ڪوريج تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، صحافين وڏي حد تائين سيلف سيندرشپ اختيار ڪئي. هڪ قومي اخبار جي پهچ به تمام گھڻي گھٽائي وئي، ڪجھ واقعن جي ڪوريج تي مڪمل طور تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. 2018ع جي شروعات 6 ورهين جي نينگري زينب سان خوفناڪ ڏوهه سان ٿي، جنهن جلدي سان ڏوهاري کي سزا ڏني وئي ان جو سبب عوام جي ڪاوڙ هئي. جوابدار کي ڏنل سزا ڏوهه جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگھي، ٻارن سان بدسلوڪي ۽ تشدد جون خبرون لاڳيتو ملنديون رهيون. جبري گمشدگيون، ٻارن سان ڏاڍائي ۽ انهن جي قتل، عورتن تي تشدد ٻارن کان مزدوري، مذهبي عدم رواداري، اقليتن سان ظلم، عزت جير نالي تي ڏوهن جي اطلاعن عوام جي ضمير کي لوڏي ڇڏيو. رپورٽ موجب عورتن تي جنسي تشدد جا 845 واقعا پيش آيا، مردن ۽ عورتن کي عزت جي نالي 316 ڏوهن جو نشانو بڻايو ويو. 2018ع ۾ ٿر ۾ 68 ٻار کاڌي جي کوٽ سبب فوت ٿيا. بلوچستان ۽ ٻين صوبن ۾ ڪيترائي کاڻ کوٽيندڙ مزودو پنهجون حياتيون وڃائي ويٺا. روزگار واري هنڌ ۽ صحت جو معيار لاڳو ڪرڻ ۾ ڪا به اڳڀرائي نظر نه آئي، ان کان علاوه ڄاڻ موجب اٽڪل هڪ ڪروڙ 20 لک ٻارن کان مزدوري ڪرائي پئي وڃي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اٽڪل 16 هزار هڪ سئو 36 آئي ڊي پيز ڪٽنب اڃا تائين پنهنجي علائقن ۾ واپس ناهن وڃي سگھيا. واحد مثبت اڳڀرائي سپريم ڪورٽ مان آسيه بي بي جي آزادي هئي، پر عدالتي فيصلي خلاف اٿندڙ تشدد وارن واقعن کي ان وقت دٻايو ويو جڏهن معاهدو طئي ٿيو هو. اي سي ايل جو حد وڌيڪ ۽ من پسند استعمال خبرن جي زينت بڻيو.