حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
انصاف جي فراهمي ۾ وڪيلن جو ڪردار اهم آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف جي نظام کي موثر ۽ عام ماڻهو جي لاءِ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ وڪيلن جو اهم ڪردار آهي، مضبوط بار ايسوسيئيشنز نه رڳو مضبوط عدليه پر ملڪ ۾ جمهوري ادارن ۽ بهتر اسلوب حڪمراني ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي مسئلن جي حل ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم بار جي درخواست تي بار ميمبرن خاص طور تي وڏي عمر جي وڪيلن جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جي فراهمي جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي وڪيلن کي انهن جي جائز حقن جي فراهمي لاءِ حڪومت عملي تعاون فراهم ڪندي. چئي بار ايسوسيئيشن جي صدر امان الله ڪنراڻي وڪيل برادري کي درپيش مسئلن بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وڪيلن جي وفد وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري جو عمل قابليت ۽ شفافيت تي ٻڌل بڻايو وڃي ته جيئن تجربيڪار ۽ اهل وڪيلن کي انهن اهم عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ جا مناسب موقعا ملن. وفد ۾ سمورن صوبن سان تعلق رکندڙ ايگزيڪيوٽو ميمبر پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا.