حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ وٽان 15 ارب ڊالرز قرض ملڻ جو امڪان، حڪومت طرفان وڌيڪ مهانگائي ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم اڄ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪندي جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ کان 15 ارب ڊالر جو قرض ملڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف کان 6 کان 8 ۽ ورلڊ بئنڪ کان ساڍا 7 ارب ملندا، معاهدي جو بار عوام تي نه پوندو، اءِ ايم ايف سان اصولي معاهدو ٿي ويو آهي، هن مهيني جي آخر ۾ آءِ ايم ايف جو مشن پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن تي فني تفصيل طئي ڪيا ويندا، جن شين جا اگهه (ن) ليگ جي حڪومت نه وڌايا انهن جا اگهه وڌايا ويندا، ڀلي عوام جي لاءِ مشڪلاتون هجن پر ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان ڳالهائين کانپوءِ واپس پهچڻ تي قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اسد عمر چيو ته معاهدي جا تفصيل اڳ ۾ شيئر نٿا ڪري سگهجن، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ کانپوءِ تفصيل آڏو آندا ويندا. هن چيو ته گذريل حڪومتن ۾ آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدا عوام آڏو نه آندا ويا هن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ کان 15 ارب ڊالر قرض ملندو جنهن مان آءِ ايم ايف 6 کان 8 ۽ ورلڊ بئنڪ ساڍا 7 ارب ڊالر جو قرض ڏيندي، هن چيو ته معاشي استحڪام جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهيون ۽ بحراني ڪيفيت مان نڪري ويا آهيون، پاڪستان پهرين ڪڏهن به ايتري وڏي خساري کي منهن نه ڏنو،گذريل حڪومت جي ڇڏيل مالي خساري سبب مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا، آءِ ايف جو نئون پروگرام عوام تي بار نه هوندو، آءِ ايم ايف سان معاهدي سان مهانگائي ۾ به اضافو نه ٿيندو، هن چيو ته سي پيڪ تي اسان وٽ لڪائڻ جي لاءِ ڪجهه به آهي، هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جو وفد مئي جي وچ ۾ ايندو، انهن کي پلان مشن موڪليو ويندو، اسد عمر چيو ته ايمنسٽي اسڪيم اڄ منظوري لاءِ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ مسودي تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ ايف اي ٽي ايف کي مسودو موڪليو ويندو. هن چيو ته ڪيپٽل مارڪيٽ هن وقت مثبت آهي، وياج جي شرح 9 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، هن چيو ته حڪومت جو بجلي جون قيمتون واڌئڻ جو ڪو به ارادو نه آهي ن ليگ جي دور ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت جو نوٽيفڪيشن نيپرا جاري ڪري رهي آهي ۽ بجلي جون قيمتون حڪومت نه پر نيپرا پئي وڌائي، گذريل حڪومت جي دور ۾ توانائي جي شعبي کي 600 ارب روپين جو نقصان ٿيو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ اسان کي پورو ڪرڻو آهي. مسلم ليگ (ن) جن شين جا اگهه نه وڌايا انهن جون قيمتون وڌائڻيون پونديون هن چيو ته منهنجي وزارت جي تبديلي جو ڪو به امڪان نه آهي ڪجهه ماڻهن جون اهڙيون خواهشون هونديون آهن جو هر خواهش تي دم نڪرندو آهي پر منهنجي وزارت جي حوالي سان ڪنهن به خواهش پوري نه ٿيندي. اسد عمر چيو ته اسان اکيون بند ڪري آءِ ايم ايف سان اڳ ۾ معاهدا ڪيا هئا ۽ اهو ڪم اسحاق ڊار ڪيو هو. آءِ ايم ايف سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ان معاهدي کانپوءِ ورلڊ بئنڪ ۽ ايشِيائي ترقياتي بئنڪ به قرض ڏينديون، هن چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض ملڻ کانپوءِ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي 2016ع کان جاري دٻاءُ ختم ٿي ويندو ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي ويندا، آءِ ايم ايف جي پروگرام کان اڳ ۾ ڪيپٽل مارڪيٽ جي حالت بهتر ٿي وئي آهي، هن چيو ته ڀلي عام ماڻهن جون حالتون خراب هجن پر معاشي سڌارن تي ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اسان وٽ حالت ان حد تائين پهچي وئي هئي جو 15 ڏينهن جي لاءِ ادائيگين جيترا پئسا به نه هئا. هن چيو ته معاهدي تي صحيحون ٿيڻ کانپوءِ ئي خبر پوندي ته آءِ ايم ايف ڪيترو قرض ڏئي رهيو آهي، دفاعي بجيٽ ۾ گهٽتائي جو ڪو به ارادو نه آهي، ايف اي ٽي ايف جي سربراهه سان ملاقات ۾ پنهنجو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ۽ ڀارت بابت پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو ۽ ايف اي ٽي ايف جي سربراهه خاطري ڪرائي آهي ته شين کي سياست جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين ۽ هاڻي ايف اي ٽي ايف سڀني شين کي فني بنيادن تي مانيٽر ڪندو. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ انهن کي اسان پنهنجو جواب موڪلي ڇڏيو آهي،