حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
سنڌ اسيمبلي ۾ خالد مقبول خلاف ٺهراءُ منظور، ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ پنهنجا ڪيترا ٽڪڙا چاهين ٿا: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽ ضياءُ قريشي)   سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول صديقي جي بيان  ۽ وزيراعظم عمران خان جي ڀارتي وزيراعظم جي حق ۾ بيان خلاف سنڌ اسيمبلي مان ٻه ٺهراءُ يڪراءَ منظور، مخالف ڌر جو شديد احتجاج، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ورهائڻ جو سوچيندڙ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويا، اڃا پنهنجا ڪيترا ٽڪڙا چاهين ٿا، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڏيڍ ڪلاڪ دير سان اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، دعا سوال جواب ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيسن بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاليسي بيان ڏيندي چيو ته ارڙهين ترميم موجود رهندي اها ڪيڏانهن نه ويندي، ان پارٽي تي افسوس آهي جيڪا اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ جي حامي هئي،  ارڙهين ترميم ۾ اسان سان گڏ هئي، وڏي وزير ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو ته اسان اوهان وانگر ناهيون جو پنهنجا قائد مٽائي ڇڏيون، هنن جو  جيڪو ليڊر هو هاڻي ان جا مخالف آهن، هاڻي سندن ٻيو ليڊر آهي، پر اسان جو ليڊر شهيد ڀٽو هڪ ئي آهي، جنهن کي دنيا مڃي ٿي، هن چيو ته ڪراچي جي عوام هنن کي ڌڪي ڇڏيو آهي ته هاڻ هي وري ڪنهن ٻئي جي پويان آهن، اڳ هي صوبي ۾ دهشتگردي ڪندا هئا، هاڻ ڪير به دهشتگردي نه ٿو ڪري سگهي، وڏي وزير چيو ته  آئين جي آرٽيڪل 149 جو حوالو ڏنو وڃي ٿو  ان تحت ته وفاق رڳو صوبي کي هدايت ڏئي سگهي ٿو، پر عمل ڪرڻ ته صوبي جو ڪم آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کان جيڪڏهن حڪومت نه ٿي هلي ته ڌار ٿئي، اسان حڪومت هلائينداسين، وفاقي حڪومت مهانگائي چوٽ چاڙهي ڇڏي آهي، وڏي وزير اگهه ٻڌائيندي چيو ته تيل، بصر، مرچ کان وٺي ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون گذريل سال کان گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن، وفاقي حڪومت وارا مهانگائي کانسواءِ ملڪ ۾ ڪا به ترقي نه آڻي سگهيا آهن. وڏي وزير سنڌ جي عوام کي ٿر ڪول مان بجلي  نيشنل گرڊ سان ڳنڍڻ تي مباڪون ڏيندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو  اها رٿا شروع ڪئي  هئي، 5280 ميگاواٽ جا ٻه بجلي گهر لڳڻا هئا پر بعد ۾ ايندڙ حڪومت اهي بجلي گهر ۽ ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي بند ڪري ڇڏي،ان کان پوءِ ڏهن سالن تائين هڪ آمر ان رٿا تي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو،اسان جي وفاقي حڪومت آئي ته اسان هي رٿا ٻيهر شروع ڪئي، هن چيو ته  اينگرو سان ڀائيواري ڪري اسان ٿر ڪول رٿا تي ڪم شروع ڪيو، اسان کي ڊيڄاريو ويو ته هتي ڪوئلو ئي ناهي،ٻيو ڪو هجي ها ته يوٽرن وٺي وڃي ها، ڏکيائيون اچڻ باوجود اسان يوٽرن نه ورتو،  گارنٽي ڏيڻ لاءِ به وفاقي سرڪار تيار نه هئي ۽ سنڌ حڪومت کان  اين ايف سي ايوارڊ مان پيسا ڪاٽڻ لاءِ لکرائي ورتو  ويو، ان باوجود اسان يو ٽرن نه ورتو، هن چيو ته  ٿر پاڪستان کي بدلائي ڇڏيو آهي ،جون تائين نيشنل گرڊ ۾ 660 ميگا واٽ بجلي شامل ٿي ويندي، هي ڪاميابي پاڪستان کي ايٽمي ملڪ بڻائڻ کان گهٽ ڪاميابي ناهي اسان ٿر جي ماڻهن کي هن رٿا ۾ ڀائيوار  طور گڏائي هلي رهيا آهيون،، بلوچستان مان گيس نڪتو پر اتي اڄ تائين گيس ناهي، پر سنڌ  جي علائقي اسلام ڪوٽ ۾ هڪ سئو يونٽ تائين بجلي جو بل حڪومت ڀريندي.  جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير شهلا رضا پاران پيش ڪيل مذمتي ٺهراءَ ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول صديقي جي بيان جي مذمت ڪندي کانئنس معافي جو مطالبو ڪيو ويو آهي،   صوبائي وزير شهلا رضا  ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته خالد مقبول سنڌ ورهائڻ واري بيان تي معافي وٺي،  هتي ڪير به مهاجر ناهي، سڀ پاڪستاني  ۽ سنڌ ۾ سڀ سنڌي آهيون، مهاجر رڳو افغاني آهن، جن کي واپس وڃڻو آهي، هن چيو ته سنڌ ڌرتي جي ڌي آهيان، جيڪا صوفين جي ڌرتي آهي،  ، هن چيو ته شهيد ڀٽو کي عوام ووٽ ڏنو، پر جن ووٽ نه ڏنو انهن ضياءَ الحق جو چاليهو حيدرآباد ۾ ڪيو، جيڪو وارثن به نه ڪيو هو .ان بعد ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو يڪراءَ منظور ڪيو ويو.سنڌ اسيمبلي ۾  ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حمايت ۾ وزيراعظم عمران خان جي  ڏنل بيان خلاف  مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، پ پ ايم پي اي ندا کهڙو ايوان ۾ پيش ڪيو، ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مودي جي حق ۾ بيان ڏيڻ تي وزيراعظم قوم کان معافي وٺي، ايم پي اي ندا کهڙو ٺهراءَ تي ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي بيان مان لڳي ٿو ته هو ڀارتي وزيراعظم مودي جو اليڪشن ايجنٽ بڻجي ويو آهي، مٿان وري پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به وزيراعظم جي بيان جي حق ۾ سامهون اچي وڃي ٿو ۽ چئي ٿو ته ملڪ جنگي حالتن ۾ آهي.ان بعد ٺهراءُ ايوان يڪراءَ منظور ڪري ورتو. جڏهن ته وڏي وزير جي پاليسي بيان ۽ ٺهرائن دوران مخالف ڌر احتجاج ڪندي رهي،