حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر کي ورلڊ ڪپ لاءِ گرين سگنل ملي ويو

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي اسٽار اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر کي ورلڊ ڪپ لاءِ گرين سگنل ملي ويو آهي، آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان نئين سال لاءِ رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني امڪاني اسڪواڊ ۾ پڻ اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيٽر هينڊس ڪومب کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي، ايرون فنچ کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر اينڊي ڪري جي جاءِ تي ٽم پين جي ون ڊي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي، جوش هيزل ووڊ جي سليڪشن فٽنس سان مشروط هوندي.