حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
بالي ووڊ سُندري جيڪولين فرنينڊس به پريانڪا چوپڙا جا ڳيچ ڳائڻ لڳي

ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ سُندري جيڪولين فرنينڊس به پريانڪا چوپڙا جا ڳيچ ڳائڻ لڳي آهي، جيڪولين فرنينڊس بالي ووڊ فلم جي شوٽنگ لاءِ آمريڪا پهتل آهي، اُتي هن پريانڪا چوپڙا۽ سندس ور نج جونز سان ملاقات ڪئي ۽ ٽوئيٽر تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، جڏهن ته جيڪولين لکيو آهي ته بالي ووڊ هجي يا هالي ووڊ، پريانڪا ٻنهي فلم انڊسٽرين جي راڻي آهي، پريانڪا چوپڙا پنهنجي ڪم سان بالي ووڊ توڙي هالي ووڊ ۾ پاڻ مڃرايو آهي، جيڪڏهن في الحال هُو بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ نٿي چاهي ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته پريانڪا کي بالي ووڊ کان وڌيڪ معياري ڪم هالي ووڊ ۾ ملي رهيو آهي، جڏهن ته معاوضو به سٺو مليس ٿو.