حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
حڪومت ناڪاميون لڪائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کان سنڌ ورهائڻ جو بيان ڏياريو آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير زراعت محمد اسماعيل راهو وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ شهزاد اڪبر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڇا حڪومت عليما باجي کان ڪرپشن جا پيسا واپس ڪرايا ويا؟ ڪٺ پتلين حڪومت ۾ اچڻ سان ئي عليمه باجي کي اين آراو ڏئي جهانگير ترين جي جهاز ۾ ٻاهرين ملڪ فرار ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجيون ناڪاميون لڪائڻ ۽ مهانگائي تان عوام جو ڏيان هٽائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم هٿان سنڌ ورهائڻ وارو بيان ڏياريو ويو، وفاقي وزيرن جي بيانن مان لڳي ٿو ته هو ڪجهه ڏينهن جا مهمان آهن. هن چيو ته جن  قوتن عمران خان کي ملڪ جي چوڪيداري ڏني اهي ئي هاڻ ڪپتان مان پريشان آهن،ايندڙ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو هوندو،وفاقي حڪومت ٻڌائي ته نئين پاڪستان وارن جا اعلان ڪيل گهر ڇا چنڊ تي ٺهي رهيا آهن.