حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
وفاقي حڪومت صوبن جا حق ڦٻائڻ لاءِ 18هين ترميم ختم ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا قبول نه ڪنداسين: بلاول ڀٽو

گهوٽڪي/حيات پتافي/ميرپورماٿيلو(نمائندن وٽان)پيپلز پارٽي جو چيرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران گھوٽڪي ضلع جي دوري دوران اڄ ٽئين ڏينھن ب پ پ پ اڳوڻن جي دعوتن سميت ميرپور ماٿيلو ويجھو ھنڌن جي تاريخي مندر شداڻي درٻار ۾ پھچي دورو ڪري ھندو برادري جي ماڻھن جا مسئلا ٻڌا ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ت گھوٽڪي جو دورو ڪرڻ جو موقعو مليو  تمام بھترين لڳو ۽ خانڳرھ جو اوھان جو جلسو ب زبردست ۽ تاريخي جلسو ھو آء اوھان سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو انشاء اللل تعالي آء بار بار گھوٽڪي ايندو رھندس ,پ پ پ جو شھيد ڀٽو ۽ شھيد راڻي جو اھو نظريو ھو ت ھندو ھجي يا مسلمان ٻنھي کي برابري جا حق ڏنا وڃن وسيلا ھڪ جھڙا ھجن ۽ قانون ھڪ ھجڻ گھرجي ,۽ اسان برابري  تي يقين رکون ٿا ھن چيو ت انشاء اللل تعالي توھان اسان گڏجي اھڙو پاڪستان ٺاھيندا سين جتي ٻڌي ب ھوندي طاقت ب ھندي ۽ معيشت مظبوط ب ھوندي سڀني جي لاء قانون ب ھڪ ھوندو ان موقعي تي ھندو برادري پاران ڪجھ مطالبا ڪيا ويا جنھن جي بلاول ڀٽو زرداري خاطري ڪرائي ت وزير اعلي سنڌ مراد علي شاھ سان ڳالھائي اوھان کي ڊسٽرڪٽ اسپتال کي اپڊيٽ ڪرڻ ۽ سولر لائيٽون ڏيڻ سميت مطالبا پورا ڪيا ويندا ان موقعي تي سردار محمد بخش مھر سردار علي نواز عرف راجا خان مھر باري خان پتافي مير بابر خان لنڊ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا بعد ۾ بلاول ڀٽو زرداري سردار محمد بخش مھر جي سردار ڳڙھ ويجھو تار واري بنگلي تي مانجھاندي جي شرڪت لاء ٿر تي روانو ٿي ويو جتي مانجھاندي بعد گھوٽڪي جو ٽن ڏينھن جو دورو مڪمل ڪري شام جو ھيليڪاپٽر ذريعي واپس ڪراچي روانو ٿيندو ٻئي  طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن هندو برادري جي مشهور شداڻي درٻار حيات پتافي پهتو پ پ چيئرمين جي پهچڻ وقت هندو برادري توڙي جيالن سندس پرجوش استقبال ڪيو جتي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران حيات پتافي شهر کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو ڏيڻ توڙي شهر ۾ ڊگري ڪاليج تعمير ڪرڻ سميت حيات پتافي شهر ۾ قائم بيسڪ هيلٿ يونٽ کي پيپلز اسپتال ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي 134 ارب روپين جو ڌاڙو هڻي ويٺي آهي ۽ هوصوبن جا حق ڦٻائڻ لاء 18 ترميم کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا اسان ڪڏهن ب ختم ٿيڻنه ڏينداسين هن چيو ته اسان سنڌ جي عوام جا وفاقي حڪومت پاران ڦٻايل رقم وڙهي وٺنداسين پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام کي اٽو ۽ لٽو ڏنو آهي پر هاڻ وفاقي حڪومت مهانگائي ڪري غريب عوام جو رت چوسي رهي آهي هن وڌيڪ چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي ڪڏهن به سنڌ جا حق ڦٻائڻ نه ڏينداسين ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جا وزير سيد ناصر شاه، عبدالباري پتافي، محمد بخش مهر، راجا خان مهر، مڪيش ڪمار چاولا بابر لنڊ ۽ ٻيا سنڌ ڪابينا جا ميمبر ساڻس گڏ هئا ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا سيڪيورٽي خدشن سبب حيات پتافي شهر جارستا سيل ڪري شهر بند ڪيا ويا هئا