حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
ڦرلٽ ڪندڙ پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ قانون ٺاهي ڇڏيندا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي حق ۾ قانون ٺاهيندرن تي تنقيد ڪندي لبرل فرانسيسي معاشي ماهر جو قول شيئر ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهن سان قانوني سطح تي جيڪو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي، ان جي حقيقت فرينڊرڪ باسٽائٽ جي هن قول مان واضح ٿئي ٿي. هن لکيو ته مني لانڊرنگ ڪندڙن کان جيڪڏهن سوال پڇيو وڃي ته ان جو ردعمل اهو هوندو آهي ته اهي ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويندا آهن. وزيراعظم فرانسيسي معاشي ماهر فريڊرڪ باسٽائٽ جو قول شيئر ڪيو، جنهن ۾ باسٽائٽ چئي ٿو ته جڏهن ڪنهن سماج ۾ هڪ طبقي لاءِ ڦرلٽ معمول بڻجي وڃي ته وقت سان گڏوگڏ اهي پنهنجي ڦرلٽ لاءِ قانون جو سهارو به وٺي ڇڏيندا آهن. باسٽائٽ معاشري ۾ ڪرپشن جي پکير تي تجزيو ڪندي چيو هو ته ڦرلٽ ڪندڙ پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ قانون ٺاهي ڇڏيندا آهن، هڪ اهڙو ليگل سسٽم جيڪو انهن کي ڦرلٽ جي اجازت ڏيندو آهي ۽ ڦرلٽ کي واکاڻ جوڳو ڪم بڻائي ڇڏيندو آهي.