حسين اصغر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جو فيصلو****سڄي ملڪ ۾ شب برآت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، سيڪيورٽي انتظام سخت****وفاقي حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، اسد عمر ۽ فواد چوڌري جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عدم شرڪت****قومي ايڪشن پلان تي اڳ کان وڌيڪ بهتر عمل ٿيندو: اعجاز شاهه
ملڪ جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري ضروري آهي: پرويز الاهي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي، هاڻوڪي حڪومت جي ڪارائتن معاشي پاليسين جي ڪري سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته  ملڪ جي ترقي لاءِ سيڙپڪاري ضروري آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڙپڪاري ۾ واڌ بنا تبديلي جي منزل حاصل نٿي ڪري سگهجي، پنجاب حڪومت به وزيراعظم جي هدايتن تي سيڙپڪاري کي اهميت ڏئي رهي آهي.